ميڪرو ميڊيا فليش 10

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ jamot
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

jamot

سينيئر رڪن
Motion Guide Layer ڇا آهي ؟


Motion ٻن قسمن جي هوندي آهي. هڪ سيدهي ۽ ٻئي خمدار . ! فليش ۾ سيدهي حرڪت بلڪل آسان آهي. پر خمدار حرڪت لاءِ Motion Guide Layer جو استعمال ڪرڻو پوندو آهي. هي Path جي پاسي حرڪت ڪرائڻ جي لاءِ استعمال ٿيندو آهي. ڇو جو Motion Guide Layer صرف ڏنل Path تي حرڪت ڪندو آهي. ۽ Fill Object ۾ Find Result ۾ ڪچهه نظر نه ايندو.

هڪ مثال : ــ

1. سڀ کان پهرئين Layer 1 تي هڪ گول Circle کي بنايو.

2. پوءِ فريم نمبر 1 تي Create Motion Tween ڏيو، ۽ پوءِ فريم نمبر 40 تي F6 ڪريو ، اڃا ان کي حرڪت بلڪل نه ڏجو.

3. هاڻي Guide Layer جيڪا Insert Layer جي برابر ۾ آهي ان کي ڪلڪ ڪريو.

4. هاڻي پينسل ٽُول مان خمدار لائن کي سليڪٽ ڪري ، توهان لائن کي ڊرا ڪريو. جيئن توهان لائن کي ڊرا ڪندا وڃو ته لائن جو هڪ ڇيڙو Circle کي لڳي .

5. ۽ هاڻي توهان Arrow Tool جي مدد سان لائن جي ٻئي ڇيڙي تي Circle کي رکو.

6. هاڻي Ctrl + Enter ڪريو.

attachment.php
 
سائين غلام حيدر صاحب السلام عليڪم اوهان جي مهرباني جو توهان جي سکيا تمام لاڀائتي آهي ۽ تيز رفتار پڻ، اوهان کي جس هجي الله توهان کي سلامت رکي هڪ عرض ته اهو عمل فليش فائيو ۾ ڪري سگهجي ٿو يا نه اگر نه ته ان نئيي ورجن جي لنڪ ڏيندا ته مهرباني ٻيو عرض ته نه ٿريڊ ۾ اوهان جي تصوير شايد ڏنل آهي ليڪن نظر نه ٿي اچي ان تي نظر ثاني ڪندا ته مهرباني
 
Back
Top