• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اسان لفظن جا واپاري

اسان لفظن جا واپاري
اسان وٽ سڪ سچي ساري
اسان وٽ نينهن جا نارا
اسان ۾ قرب ڪاپاري
اسان هون عشق ازلي کان
گهميو لاهوت لاچاري
هوائن ۾ اثرڳوليون
فضائن ۾ فڪر جاري
نه ڪيني ڪوڙ کي ڀايون
گهرون محبت سڄي ساري
اسان وٽ آ پچر تنهنجي
ٻڌو ٿا سڏ ڪيون پياري
 
Back
Top