سنڌين جي ڪاروباري ۽ هنري حالت نثار ابڙو ڪو وقت هو جي سنڌي قوم هر ڪم ۾ ماهر سڏائبي هئي ۽ مٽيءَ کي سون بنائڻ واري سڏبي هئي، جنڊيءَ جو ڪم هجي يا ڪاشيءَ جو، عمارتن جي اڏاوت هجي يا زراعتي اوزار، ڪپڙِي اڻڻ جا ڪارخانا هجن يا رنگسازيءَ جو عمل، کاڌي پيتي ۽ رڌ پچاءَ جا ٿانو هجن يا سورنهن سينگار جا سامان، راڳ ۽ رنگ جا ساز هجن يا ويڙهه ۽ ميلن ملاکڙن جا اوزار، حڪمت هجي يا ستين ۽ دوائن جي بناوٽ، درياه مان کوٽيل گهاڙ هجن يا واهوندا ... جانورن جي پروش هجي يا مڇيءَ جا کڏا ... مطلب ته سنڌ جا حڪيم، لوهار، مهاڻا ۽ ميربحر، کٽي، رنگساز، واڍا، سونارا،، ڪنڀار، رازا، هاري ۽ مزور سڀ جا سڀ محنتي ۽ پنهنجي پنهنجي ڪم جا ماهر ... ايمانداريءَ سان ڪم ڪري ڏيڻ ۽ پنهنجي هنر جي هاڪ دنيا ۾ ڦهلائڻ تي پيا ڪڏندا هئا ... پر اڄ جڏهن دنيا ترقيءَ جون منزلون طئه ڪندي وڃي ٿي آسمان تائين رسندي ته سنڌي قوم وري وڃي ٿي پاتال جي تري ۾ ڪرندي ... سنڌ جا هنر وڃنٿا پوئتي پوندا، ماڻهون وڃنٿا ٽوٽي ۽ نڪما ٿيندا ... بي ايماني ۽ بي حيائي وڃي ٿي گهر ڪندي، اخلاص وڃي ٿو جهڪو ٿيندو ۽ ماڻهون ماڻهونءَ جو ماس کائڻ لئه تيار ويٺا آهن ... سالياني موڪل دوران سنڌ ڏانهن ويندي دل ايئن ڌڙڪندي آهي ڄڻ ڪنهن محبوب سان ملاقت جو وقت اچڻ وارو هجي پر جڏهن سنڌ پهچي سنڌ جون حالتون ڏسبيون آهن ته دل ايئن رت جا ڳوڙها ڳاڙيندي آهي ڄڻ ساڳيو محبوب اصل پوين پساهن ۾ هجي ۽ گذر ڪرڻ وارو هجي ... نوجوانن جي حالت ڪسمپرسيءَ واري، ڪاروباري ۽ هنري فنڪاريءَ تي ڪٽ چڙهيل، مزدور ۽ محنت ڪش مايوس، دڪاندار ۽ ڌنڌي وارا ماڻهون پريشان، نوڪرين وارا بس موڪلون ڳولهيندا وتن ... ٺيڪيدارن ۽ ڪاريگرن جي ڪرت اهڙي جو يا بي ايماني تيرا آسرا ... آءُ جڏهن به سنڌ ايندو آهيان ته پنهنجن دوستن ۽ رشتيدارن کان اهو سوال ڪندو آهيان ته يار! آءُ سنڌ واپس اچڻ ٿو چاهيان، صلاح ڏيو ته واپس اچان ته اچي ڪهڙو ڪم ڪريان جنهن مان گهر جو گذر سفر ٿي سگهي؟ سڀ دوست ۽ رشتيدار کلندا آهن ۽ چوندا آهن ته چريو ٿيو آهين ڇا جو سنڌ واپس اچي پاڻ کي برباد ڪندي ... اڙي بابا! لڳو پيو هج پرديس ۾، گهٽ ۾ گهٽ سڪون سان روزي روٽي ڪمائي ته اچين ٿو !!! حيرت ٿيندي آهي ته سنڌ ۾ اهڙيون حالتون آهن جو انسان پنهنجي روزي روٽي ڪمائڻ لئه به پريشان آهن !!! سنڌ جنهن ۾ درياهه وهي ٿو، سنڌ جنهن ۾ اونهي سمنڊ جو هزارين ڪلوميٽر جو ڪنارو آهي ... دنيا جو هر ميوو پئدا ٿيندو هجي، جنهن ۾ هر قسم جي سبزي ۽ اناج پئدا ٿيندو هجي ... دنيا جو بهترين ريگستان هجي، جبل ۽ پهاڙ هجن ... علم ۽ ادب سان مالا مال هجي ... ٻولي سهڻي ۽ وزنائتي هجي ... تيل ۽ گئس جا خزانا نڪرندا هجن، جنهن ۾ سنگمرمر جا پهاڙ هجن، مطلب ته هر اها شئي جا انساني ضروريات لئه اهم آهي اها سنڌ ۾ جهجهي اندازي ۾ موجود هجي پوءِ به سنڌي دربدر ... پوءِ به سنڌي بکيا ۽ ڏکيا ... پوءِ به سنڌي ڪريل زندگي گذاري رهيا آهن ... پوءِ به ڍڳو پير پيران ... پوءِ سنڌين جا علائقا رڻ پٽ وارو ڏيک ڏيندا هجن ۽ سنڌ اندر ئي ڌارين جا علائقا ڄڻ ته يورپ جا ڪي سهڻا ۽ منظم علائقا .... ڇو ... ؟؟؟ مونسان تعدي اها آهي ته ڪوشش ڪري هر ڪم لئه سنڌي ڳولهيندو آهيان... پنهنجي گهر جي ڪم ڪار لئه ڪجهه سنڌي ڪاريگرن سان لهه وچڙ ڪئي ... ته حيرت سان گڏ ڏک ٿيو ته سنڌي ڪاريگرن جي اهڙي حالت !!! هيٺ ڪجهه ذاتي تجربا آهن جي ٻيو نه ته به اسانکي ڏکوئڻ لئه ڪافي آهن ... ممڪن آهي ته اها حالت مونسان ٿي هجي ۽ ٻيا اهڙين حالتن مان نه گذريا هجن پر تنهن هوندي به حالتون ڪي مطمئن ڪرڻ جوڳيون ناهن ... واقعو نمبر 1؛ تازو سنڌ ڏانهن موڪل تي وڃڻ ٿيو ته مون سچل ڳوٺ ڪراچيءَ ۾ واقع پنهنجي گهر جي چوڌاري گلن ۽ ٻوٽن لئه هڪ ٻاري (ڪياري) ٺهرائي، گهر وارن ۽ دوستن صلاح ڏني ته ڪياريءَ جي ٻاهران لوهه جي گرل (ڄاري) هڻايان ته جيئن ٻوٽا به محفوظ ٿيندا ۽ سونهن به ٿيندي ... خئير مون ارادو ڪيو ته گرل سان گڏ ڪار بيهارڻ لئه گهر جي ٻاهرين ڀت ۾ وڏو دروازو پڻ هڻائي ڇڏيان ... مون سچل ڳوٺ جو چڪر هنيو ته ڪو لوهار هٿ اچي ته ڪم ڪرائي ڇڏيان ... هڪ لوهارڪو دڪان نظر آيو، جنهن ۾ هڪ سنڌي نوجوان ڪم ڪري رهيو هو ، مون کيس سڄي ماجرا ٻڌائي ۽ کيس عرض ڪيو ته هو گهر اچي موقع ۽ محل ڏسي تخمينو لڳائي ٻڌائي ته گهڻو خرچ ايندو ته ڪم شروع ڪجي ... همراه مونکان گهر جو پتو ۽ نالو وغيره پڇيو ۽ اڌ ڪلاڪ ۾ اچڻ جو واعدو ڪيو ... آءُ گهر هليو ويس ... اڌ ڪلاڪ، ڪلاڪ، ٻه ڪلاڪ، اهو ڏينهن ئي پورو ٿيو پر همراه نه اچڻو هو سو نه آيو ... ٻي ڏينهن تي مون وٽ هڪ پنجابي لوهار جو فون نمبر هيو سو مون کيس فون ڪئي ان پنجابي لوهار جو يونيورسٽي روڊ تي موسميات جي چوراهي کان اڳڀرو دڪان واقع آهي، همراه چيو ته هو هينئر اچي ٿو ... ڏهه يا پندرهن منٽ گذريا ته همراه در تي ... مون کيس ڪياري ڏيکاري اندر درين تي لڳل لوه جو ڄاريون ڪجه ڍليون هيون سي ڏيکاريون ۽ دروازي مطلق صلاح ڪئي، همراه چيو ته ڪياريءَ تي گرل هو هيترن ڪي هيترن پئسن ۾ هڻي ڏيندو ۽ جيئن ته ڪم ٿيندو ته ويلڊنگ مشين ايندي ته درين جو ڪم به ڪري ڇڏيندو ۽ باقي دروازي لئه صلاح ڏنائين ته هن دفعي نه هڻايان جو ڪار ته وٺڻي ناهي ۽ هروڀرو دروازو هڻائي گهر جو اڱڻ به خراب ڪريان ۽ حفاظت جي لحاظ کان به خطرو ٿيندو ... انڪري جڏهن آءُ گاڏي وٺان يا سنڌ واپس اچان ته دروازو لڳرايان، ڳالهه وڻي سو مون کيس ڪم ڪري ڏيڻ لئه چيو ... سچ پڇو ته ٻي ڏينهن تي سمورو ڪم ٿي ويو ۽ مناسب پئسن ۾ ڪا تڪليف نه ٿي ۽ آخر ۾ پنجابي لوهار اهو به چئي ويو ته سائين گهر ۾ ڪو به ڪم هجي بس فون ڪندا ته بندو حاضر ... مونکي خوشي انڳالهه جي ٿي ته ڪم ٿي ويو پر انکان وڌيڪ ڏک انڳالهه جو ٿيو ته سنڌي ڪاريگر ڇونه آيو .... ڪجهه ڏينهن کانپوءِ مون ڏٺو ته ساڳيو سنڌي ڪاريگر هڪ درزيءَ جي دڪان ٻاهران ويهي چرس جا سوٽا هڻي رهيو هو ... مونکي اڃان وڌيڪ رنج ٿيو ته يار برائي ته هر ڪو ڪري ٿو پر جي اها برائي انسان کي ايترو ته سست ۽ ڪاهل ڪري ڇڏي جو هو نه ڪم جو رهي نه ڪار جو .... خئير دعائن ڏيڻ کان وڌيڪ ڪري ڇا ٿو سگهجي؟؟؟؟ واقعو نمبر 2؛ ٻه ٽي سال اڳ معمار ڪمپليڪس ڪراچيءَ ۾ منهنجي ڀاءُ هڪ فليٽ خريد ڪيو ... ان وقت آءُ ڪراچيءَ ۾ هيس ته مون واري ڀاءُ مونکي حڪم ڪيو ته ان فليٽ جو ڪم ڪرائي ان ۾ آءُ پنهنجي ڪٽنب کي رهايان، جڏهن ته منهنجي موڪل ختم ٿيڻ ۾ ڪي ٿورڙا ڏينهن هئا ... خئير ٻيا ڪم تي ٿي ويا پر مون هڪ سنڌي واڍو هٿ ڪيو ته هو درن درين جو ڪم ڪري ڏي ... واڍي کي وٺي گهر آيم. کيس ڪم ڏيکاريم ته چيائين حاضر سائين بس هڪ ٻن ڏينهن ۾ ڪري ڏبو جو کيس مون ٻڌايو هو ته مون وٽ وقت ٿورو آهي ... مون کائنس پئسن جو ڪاٿو پڇيو ته چيائين سائين ٻن ٽن هزارن جو سامان ايندو ۽ ٻه هزار روپيا منهنجي مزوري ٿيندي ... سڀ ملائي پنج هزار کن لڳندا، مونکي جلدي به هئي ۽ همراه به سنڌي هيو سو مون کيس ڪم شروع ڪرڻ لئه چيو ته چيائين سائين مونکي ٻه هزار روپيا کن ڏيو ته سامان ورتيون ايندس ۽ صبح جو اچي ڪم شروع ڪندس ... مون کيس ٻه هزار روپيا ڏنا ... همراه هليو ويو، ٻي ڏينهن صبح جو سامان سميت آيو ... ساڻ ڪراڙو ۽ انتهائي بيمار سهرو گڏ هيس، فليٽ ۾ موجود کٽ تي کيس سمهاري ڇڏيائين ۽ لڳي ويو ڀنڃ ڊاهه ۾، ڪجه دريون ۽ در ڀڃي ڊاهي هيٺ رکي سڄي گهر ۾ گند ڦهلائي، چيائين ته سائين هزار روپيا کن ڏيو ته هن پوڙهي کي ڊاڪٽر وٽ وٺي وڃان ۽ کيس دوا وٺي ڏيڻ کانپوءِ موٽي ٿو اچان ... همراه ڪراڙي سميت ويو ته ويو ... هڪ ڏينهن ٻه ڏينهن انتظار ڪيو، آخر ۾ ڳولها ڪئي پر همراه غائب ڄڻ زمين کائي وئي هجيس ... مون وٽ ٽائيم ڪونه هو ... انڪري مجبور ٿي ٻي ڪنهن واڍي جي ڳولها ڪيم ، معمار ڪمپليڪس جي ڀر ۾ ئي هڪ افغاني نوجوان واڍو نظر آيو مون کيس ڪم لئه چيو ته ان وقت ئي اٿي گڏ آيو ... ڪم ڏٺائين، سامان ڏٺائين ۽ چيائين ته صاحب ”يه سامان هزار روپئي سي زياده ڪا نهين هي، آپ ڪا آدمي آپ ڪو لوٽ ڪي گيا هي ، خئير يه سامان ٺيڪ هئي، همارا مزوري 1000 روپيا هوگا اور ڪام آپکو بهترين ڪرڪي ديگا ... يقين ڪريو نه فقط اهو ڪم هڪ ڏينهن ۾ پورو ڪيائين پر ٻي ڏينهن تي ٻيا سنها ٿلها گهر جا ڪم به انهن ئي پئسن ۾ ۽ وڏي ڳالهه ته هڪ فليٽ کان ٻي فليٽ ۾ سامان کڻائڻ ۾ اهڙي ته مدد ڪيائين جو اصل مون کيس نه فقط دعائون ڏنيون ۽ ٻه ٽي سئو روپيا وڌارا خرچي پڻ ڏني ... ڪجهه ڏينهن ته مون وارو ڀيڻيوو، مونتي کلندو رهيو ته ڏٺئي سنڌيءَ جا ڪم، پئسا به کڻي ويو ۽ ڪم به نه ڪيائين ... تون آهين جو هروڀرو سنڌي سنڌي ڪندي پيو مرندو آهين .... ابا سنڌي ٽوٽي ۽ ٺڳ اٿئي ... ڀڄ پري ... خئير چوندا آهن نه ته شينهن مري ته به ڊڀ نه چري ... منهنجي اها ئي ڪار آهي .... سنڌي سنڌي ۽ بس سنڌي ... واقعو نمبر 3؛ تازو مون واري گهر واريءَ فرمائش ڪئي ته ٻار پينگهي وٺڻ لئه ضد پيا ڪن سو هڪ ننڍڙو پينگهو ٺهرائجي، مون کيس اجازت ڏني، ٿورن ڏينهن ۾ فون تي چيائين ته هڪ ڪاريگر مليو آهي، هت سچل ڳوٺ ۾ ئي رهندو آهي ... سنڌي آهي ... ڪم لئه پڪ ڏني اٿس ته تمام سٺو پينگهو، مضبوط ڪاٺي ۽ سهڻي ڊزائن ... اٺن هزارن ۾ ٺاهي ڏيندو ... اڌ پئسا هاڻ ڏيڻا آهن باقي پئسا پينگهي ٺهڻ کانپوءِ ... مون کيس چيو بسم الله ڪريو ۽ چيل پئسا چار هزار پڻ واڍي کي ڏئي ڇڏڻ لئه چيو ... خئير پئسا ڏنا ويا ڪم طع ٿيو ... ته هفتي کن ۾ پينگهو تيار ٿيندو ... دوستو اهو همراه پئسا کڻي جو غائب ٿيو ته وري نه مليو ۽ جڏهن تر جي نائب ناظم کي شڪايت ٿي ته اڌ پئسا ڏئي وري جو غائب ٿيو آهي ته اڃان تائين غائب آهي ۽ غائب ئي رهندو... هن دفعي مون جڏهن سندس لئه معلومات ڪئي ته خبر پئي ته هو ٺڳ ڪاريگر آهي ڪيترن ئي پاڙي وارن جا يا سنڌين جا ئي پئسا کائي هضم ڪري چڪو آهي ... پئسا تيستائين نه ملندا جيستائين گهر وڃي پڪڙي جهيڙو نه ڪبس يا موچڙن جو سهارو نه وٺبو ... ٻن چئن هزارن جي نقصان سان نه مان سڃو ٿيندس نه هو آسودو ٿيندو پر جا کوٽي ان ڪئي سا ڪڏهن به پوري نه ٿيندي ... ڏک ان ڳالهه جو ناهي ته هو پئسا کائي ويو ڏک ان ڳالهه جو آهي ته اسانجي هنرمند ماڻهن جي حالت ايتري ڪريل ڇو آهي ...؟؟؟ واقعو نمبر 4؛ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام سان دوستي رکڻ سبب اهڙي ته عادت پئجي وئي آهي جو ڏينهن ۾ مڙئي ڪجهه وقت هن اوطاق تي اچڻ کي ڄڻ ثواب سمجهڻ لڳا آهيون ... هن دفعي سنڌ اچڻ ٿيو ته اها اڻ تڻ ته هاڻ سنڌ سلامت ڪيئن گهمبي، اهو اڱڻ آهي به اهڙو جو فقط انٽرنيٽ جي ذريعي ئي پهچي سگهجي ٿو باقي جهاز گاڏيون يا موٽرون ڪنهن ڪم جون نه ... سو سچل ڳوٺ پهچڻ شرط مون ادي رشيد کان ڪمپيوٽر کي مڙئي ڪجهه ها ها ڪرائي چالو ڪيو ... ڳوٺ ۾ موجود هڪ انٽرنيٽ ڪيفي ڪافي عرصي کان ڪم ڪري پئي، چڙهي ويس دڪان تي ۽ هڪ سنڌي نوجوان کي عرض ڪيم ته يار انٽرنيٽ گهر ۾ کپي، چيائين جي بلڪل ملي ويندي پر منهنجو وڏو ڀاءُ عيد ڪرڻ ويو آهي ڳوٺ سو ايندو ته ڪم ٿيندو ... مون سوچيو خئير آهي ... عيد گذرڻ ۾ به ڪي گهڻا ڏينهن ڪونهن ... هفتي کن کانپوءِ وڏو ڀاءُ آيو مون کيس عرض ڪيو ته جي ممڪن آهي ته انٽرنيٽ ڪنيڪشن گهر تائين پهچائي ڏيو ... چيائين جي بلڪل ڪنيڪشن ملي ويندو هزار روپيا لڳندا، پنج سئو مهيني جي في ۽ پنج سئو روپيا تار جو خرچ ... مون ان وقت ئي هزار روپيا ڪڍي ڏنا ته هي وٺو ۽ وارو ڪيو ... نوجوان چيو بس اڄ ئي چالو ٿي ويندي ... اوهان انتظار ڪريو ته همراه جيڪو ڪم ڪندو آهي سو اچي ته اسين پهچون ٿا ... سائين منهنجا ان ڪنيڪشن مونکي ڪيترو رلايو سو ته بيان ڪبو ته ڪاغذ ڪارا ٿي ويندا پر آءُ به هيس ارادي جو پڪو ته ڪنيڪشن هڻائڻو آهي سو دٻ دوس ڪري، روئي پٽي ڪنيڪشن لڳو پر تڏهن جڏهن منهنجي 60 ڏينهن جي موڪل ختم ٿيڻ واري هئي ... ڏک ان ڳالهه جو ٿيو ته پڙهيل لکيل نوجوان، ڌنڌو ته ڪنٿا پر ان ڌنڌي ۾ مهارت نه هجڻ سبب هڪ معمولي ڪم کي ڪرڻ ۾ کين سڄا سارا ٻه مهينا لڳي ويا ... ۽ جيڪا پريشاني ٿي سا الڳ ۽ کين جيڪي ڌمڪيون ۽ گارگند ڪيو سو مون لئه تڪليف وارو الڳ ... گارگند ۽ ڌمڪين کانپوءِ اهو ڪنيڪشن ٻن ڪلاڪن ۾ چالو ٿي ويو... جي اها روش اختيار نه ڪيان هان ته شايد پئسا پاڻيءَ ۾ هئا ... ڪهاڻيون ته گهڻي ئي آهن جيئن حجم جا وار ٺاهڻ جو جنهن به ڏٺو ته چيائين ته هي ٻڪر ڪٽ ڪٿا ڪرائي آيو آهين ... موچيءَ جو جوتو ٺاهي ڏيڻ، اٽليءَ جي جوتي جو ترو اهڙو ته هڻي ڏنائين جو ڪجهه ڏينهن ۾ جوتو ئي ڀڄي ٻه اڌ ٿي پيو ... کٽيءَ جو ڪوٽ ڌوئي ڏيڻ، سڄو تهه ئي ڳاري کڻي هٿ ۾ ڏنائين ... ڪمبل کي بجاءِ ڪيميڪل ۾ ڌوئڻ جي پاڻيءَ سان ڌوئي مهانگي ڪمبل جو هرهالو خانو خراب ڪري ڇڏيائين ... مطلب ته اهڙيون گهڻيون ئي ڪهاڻيون آهن جي سنڌي قوم جي ڪاريگري، هنري ۽ ڪاروباري مهارت تي روئي روئي پڪارين ٿيون ته آخر هن قوم جو ڇا ٿيندو ؟ ڇا ٿيندو ؟ ڇا ٿيندو؟ مالي ڀاڱيواري هجي يا ڪنهن ڪم جو ڪري ڏيڻ جيستائين ان ۾ مهارت ۽ ايمانداري نه هوندي تيستائين اهو ڪم يا ته ٿيندو ئي نه يا وري ٿيندو ته اڻپورو يا وري ان ڪم مان اهڙا ته ڀنڀت مچندا جو ماڻهون ماڻهونءَ جو دشمن ... انڪري اسان سڀني کي پنهنجي قوم جي تعليمي، هنري، ڪاروباري مهارت ۽ ايماني مضبوطيءَ لئه پاڻ پتوڙڻو پوندو نه ته نتيجا اسانجي سامهون آهن ۽ اڃان خراب نتيجن جون خراب خراب شڪليون اڃان اڳتي ظاهر ٿيڻ واريون آهن ... سو وقت وڃائڻ نه گهرجي ... سنڌ سان محبت ڪرڻ وارا اڳتي اچن ۽ ان ڏسائن ۾ ڪم ڪري قوم جي خوشحالي ۽ آزاديءَ جو سبب ٿين ... اميدن تي جهان قائم آهي .... پاڻ به اڃان اميد نه هاري آهي ... ماندي ٿي نه مارئي تنهنجو الله به آهي، سئو ڏينهن جا ڏکڙا هڪ لحظي منجهه لاهي ...
سائين توهان جي ڳالهه سان مان ڪجهه قدر متفق آهيان ته سنڌي قوم پنهنجي ماضيءَ وانگر هنرمند افراد کان محروم آهي، پر سائين ٺڳيءَ واري ٺاهه جي ڳالهه تي مان توهان کي ايترو عرض ڪندس ته هر قوم ۾ هيئن ٿي رهيو آهي، پنجابي به پنهنجي علائقي ۾ اهڙي طرح پيش ايندا، جهڙي طرح توهان سان سنڌ ۾ سنڌي (ڪاريگرن) جٺون ڪيون۔ پٺاڻ ڪاريگر پنهنجي علائقي ۾ ۽ اهڙي طرح ٻيا به پنهنجي علائقي ۾ ايئن توهان سان پيش ايندا۔۔ باقي هجي ڪير به، ڀلي پنهنجو يا پرائو، اکيون پوري ڪنهن تي به اعتبار نه ڪجي ته بهتر آهي۔۔۔
محترم سائين جنهن حد تائين اوهان سنڌي قوم جي هنر بابت ڳالهه ڪئي ته انهي ۾ ڪو شڪ شبو ناهي۔۔۔۔ باقي اڄڪلهه جي ماڻهن ۽ پراڻن وقت وارن ماڻهن ۾ ڏينهن رات جو فرق آهي۔۔۔۔ وقت ۽ حالت جي تيزي سان ماڻهو 10 منٽن مان فري ڪري 3 منٽي ڪوڙا ۽ سست ٿي پيا آهن۔۔ پر اسان جا سنڌي ڀائري انه کان وڌ سوايا آهن۔۔۔ جيئين اوهان مثال ڏنا آهن۔۔۔۔ گهڻي ڀاڱي سست آهن باقي جيڪي پنهنجي فن سان يا پنهنجي مستقبل سان پيار ڪندڙ آهن سي هميشه وقت جا پابند آهن۔۔۔۔ جيئن مان۔۔۔ هاهاهاهاهاهاهاهاها
جي ادا ڄامشورائي، اوهانجي ڳالهه کڻي مڃجي به پر ڏٺو اڪثريت کي ويندو آهي ... ٻين قومن جي ڀيٽ ۾ سنڌين جي اڪثريت اڄ جي جديد دور جي مقابلي انتهائي پوئتي پيل آهي ۽ ٻين قومن جي رفتار تمام تيز آهي ... دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ اسان جن کي پٺاڻ ۽ بي عقل ڪري سمجهندا آهيون ... انهن جا ڪاروبار ۽ ڪم ڏسو ته حيران رهجي ويندا ... باقي پنجابيءَ جو مقابلو ڪرڻ ته اسانجي وس کان ئي ٻاهر آهي .... دنيا جي هر ڪنڊ ۾ هر ڪم ۾ ماهر ۽ گهڻو اڳتي آهن ... جيتوڻيڪ سندن ايمان پئسو ڪمائڻ آهي جو اسان سنڌين جو ٿي نٿو سگهي پر تنهن هوندي به دنيا جي ڪهڙي جديد ٽيڪنالاجي آهي جنهن ۾ پنجابي نه هجن؟ انگ اکر گڏ ڪبا ته سنڌي اٽي ۾ لوڻ به گهڻو هوندو آهي ... منهنجي هن مضمون جو مقصد سنڌين کي حقير ڪرڻ نه پر همٿائڻ آهي ته جيئن هو دنيا سان مقابلي جي ميدان ۾ اڳتي اچن ... باقي اوهانجي آخري ڳالهه ته سئو فيصد صحيح آهي پر يار! ڪٿي ته ڀروسو ڪرڻو پوندو آهي نه پر جي اهي ڀروسي جهڙا ماڻهون ئي پٺي ڏيکارن ته ڇا ڪجي؟ سائين سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار ...