وڌيڪ ڄمار ماڻڻ جو راز

'مختلف موضوع' فورم ۾ رياض علي منڱريو طرفان آندل موضوعَ ‏26 نومبر 2009۔

  1. رياض علي منڱريو

    رياض علي منڱريو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 نومبر 2009
    تحريرون:
    59
    ورتل پسنديدگيون:
    3
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    وڌيڪ ڄمار ماڻڻ جو راز


    اوائلي دور کان هر انسان جي اها ئي خواهش رهي آهي ته هو وڌيڪ وقت تائين نوجوان رهي ۽ وڏي ڄمار ماڻي پر اوهان کي وڌيڪ عرصي تائين صحتمند زندگيءَ گذارڻ وارو جواب ڪارن ڪوئن ۾ ئي ملي سگهي ٿو.

    سائنسدانن جو چوڻ آهي ته آڪسيڊيشن ري ايڪشن سبب عمر ۾ تڪڙي واڌ ٿئي ٿي ڇاڪاڻ ته ان ۾ موجود آڪسيجن جسم جي ڊي اين اي ۽ اهم پروٽين کي تباهه ڪندي رهي ٿي. انسان جي جسم ۾ مخصوص ميڪاني عمل موجود آهن جن جي ذريعي جيو گهرڙن جي تلاش ۽ مرمت وارو سلسلو ڪيو يندو آهي. پر جيئن انسان جي عمر وڌندي وڃي ٿي اهو مرمت وارو عمل وڌيڪ ڪمزور ٿيندو رهي ٿو ۽ تباهه ٿيندڙ جيو گهرڙن جو تعداد وڌندو رهي ٿو جيڪي آخرڪار انسان جي ڪراڙپ جو سبب بڻجن ٿا.

    سئن ائنتونيو جي ٽيڪساس يونيورسٽي جي پروفيسر بفينسٽين ۽ سندس ساٿين پاران ڪارن ڪوئن تي تحقيق شروع ڪئي وئي آهي جيڪي ٻين ڪوئن جي ڀيٽ ۾ 30 سال وڌيڪ زنده رهن ٿا. مثال طور گهرن ۾ رهندڙ عام ڪوئن جي عمر تقريبن ساڍا ٽي سال ٿئي ٿي جڏهن ته ڪارا ڪوئا انهن کان ڏهه دفعا وڌيڪ عمر ماڻن ٿا. هنن سائنسدانن پاران اها ڳالهه دريافت ڪئي وئي آهي ته ڪارن ڪوئن ۾ ٻين عام ڪوئن جي ڀيٽ ۾ آڪسيڊيشن عمل تمام سست آهي ۽ جڏهن ته تلاش ۽ مرمت وارو عمل تمام تيزي سان ڪم ڪري رهيو آهي. مستقبل ۾ اسين وڌيڪ عمر ماڻڻ ۽ نوجوان رهڻ لاءِ ضرور هنن ڪارن ڪوئن جا شڪر گذار رهنداسين ڇاڪاڻ ته اهي ئي اسان کي وڌيڪ زنده رهڻ لاءِ تحقيقي مواد مهيا ڪري سگهن ٿا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو