• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

آمر نه ٻوليون ٻي ڪا ٻولي

معصوم سنڌي

سينيئر رڪن
آمر نه ٻوليون ٻي ڪا ٻولي
استاد بخاري
جَلَ ٿَلَ جھولي، ڏونگر ڏولي،
او لوءِ لوئان لولي!
آمر نه ٻوليون ٻي ڪا ٻولي.
منڇر، ڪينجھر سنڌو، ساگر،
گج گج لهرون، ڇم ڇم ڇولي.
او لوءِ لوئان لولي!
آمر نه ٻوليون ٻي ڪا ٻولي.
پَٽَ جو پَٽڪو، پَٽَ جي پوتي،
ڍَٽَ جو ڍولو، ڍٽ جي ڍولي،
او لوءِ لوئان لولي!
آمِر نه ٻوليون ٻي ڪا ٻولي.
شهر وارن سيني سانڍي،
ڳوٺن ۾ ڳڻوانن ھولي،
او لوءِ لوئان لولي!
آمِر نه ٻوليون ٻي ڪا ٻولي.
پنهنجي ٻولي، ٻول بخاري،
سُهڻي سُرهي سچي سولي،
او لوءِ لوئان لولي!
 
پنهنجي ٻولي، ٻول بخاري،
سُهڻي سُرهي سچي سولي،
او لوءِ لوئان لولي!

تمام سٺي شيئرنگ ۔۔۔ استاد بخاري جي شاعريء مان خوبصورت چونڊ ۔۔۔ شايد ساڳيو ڪلام سرمد سنڌي به ڳايو آهي، جيڪو ٽريڪٽرن ۾ پڻ وڏي آواز سان هلندو هو۔ ڇا ته لفظن جي چونڊ آهي، ڇا ته خيال آهن۔۔۔!!!
 
Back
Top