مون پڪ سڃاتا هئا پهنجا هئا ۔۔۔۔۔،،،،،،،،،،،،،،،

'صلاح، مشورا ۽ شڪايتون' فورم ۾ پارس ميمن طرفان آندل موضوعَ ‏22 جنوري 2013۔

  1. پارس ميمن

    پارس ميمن
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏15 ڊسمبر 2012
    تحريرون:
    23
    ورتل پسنديدگيون:
    86
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    103
    ماڳ:
    ڪوٽ عالم تعلقو سجاول ٽٽو ، ڪاروليز اوريگان اسٽيٽ
    ڪالھ رات نواب شاھ انجنيئرنگ يونيورسٽي ۾ نئين سال جي ٻن ٻھراڙي جي سنڌي شاگردن سان ھاسٽل ۾ ڪجھ سنڌي شاگردن جيڪا ويدن ڪئي. ايترو تـ ذهني ٽارچر ڪيو جو هو ويچارا سخت سردي رات ۾ هاسٽل ڇڏي شهر هليا ويا بي يارومددگار نيٺ هنن پنهنجي والد کي پنهنجي ڳوٺ فون ڪئي ان وري پنهنجي هڪ اردواسپيڪنگ دوست کي حيدرآباد فون ڪئي جنهن هنن ٻنهي شاگردن کي نوابشاھ ۾ هڪ اردو اسپيڪنگ مائٽ وت رهڻ جو بندوبست ڪيو. اهي اٿو اسان جي سندي مهربانن جا ڪرتوت جو پنهنجن سنڌين سان اهڙي ڪن ٿا. توهان سنڌي ڀائرن کان اهو سوال اهي تـ ڇا هو پڙهڻ ڇڏي هليا وڃن ؟سينئر شاگردن کي تـ گهرجي تـ هو نون ڀائرن جي آجيان ڪن يا ٽارچر ڪري پڙهائي تان هٿ کڻائي ڇڏين.
    هنن کي پنهنجي والد وڏي جفاڪشي سان پڙهائي انجنيئرنگ يونيورسٽي ۾ موڪليو پر ڪهڙي خبر تـ هنن جي اولاد سان يونيورسٽي ۾ اهڙي ويڌن ٿيندي جو هو پڙهائي ڇڏڻ تي مجبور ٿي واپس پنهنجي ڳوٺ هليا ويندا
    ڪراچي تـ سنڌين کان کسجي ويئي، اتي سنڌين جي لاءِ تعليم جا دروازا بند آهن باقي جيڪي تعليمي ادارا اندرئين سنڌ ۾ آهن انهن ۾ خدا جي واسطي توهان پنهنجا تـ ائين نـ ڪريو.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    انتهائي افسوس جي ڳالھ آهي ، بجا جو انهن نوجوانن جي حوصلا افزائي ڪرڻ گهرجي ، مگر انهن جي ذلت ڪئي وئي ، تڏهن ته اسانجي قوم ۽ سنڌ جو حال هيڻو آ
     
  3. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    مان توهان سان متفق آهيان ڀيڻ

    اسان جي سنڌي شاگردن کي گهرجي ته نون ايندڙ دوستن جي رهنمائي ڪن ته جيئن هو اعلي تعليم حاصل ڪري سگهن

    پر افسوس آهي انهن نوجوانن تي جن پنهنجي سنڌي دوستن سان ًاهڙي نموني پيش آيا
     
  4. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    نهايت ئي افسوس جوڳو عمل آهي، اسان شديد مذمت وارن لفظن ۾ انهن سنڌي شاگردن کي اپيل ٿا ڪيون ته نون ايندڙن سنڌي شاگردن جي رهنمائي ڪن ، ممڪن هجي ته جيڪي پراهين ڳوٺن کان اچن ٿا انهن سان مڪمل سهڪار ڪن، هر ممڪن انهن جي مدد پڻ ڪئي وڃي ته جئين ٻين ڳوٺن ۾ رهندڙ سنڌي شاگردن ۾ پڙهائي جو شعور پيدا ٿئي۔ اهو ڳڻتي وارو ڪڌو عمل سنڌي شاگردن کي ڪرڻ نٿو جڳائي۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    سنڌين مان محبت ڇڏائي وئي آهي پيار پهنجائپ سڀ بلائي ڪري اسان پهنجي ذاتي مفادن تي لهي آيا آهيون ذاتي دشمنين تي اسان جي نظر آهي پهنجي قومي فردن تي نظر ئي نٿي پوي پهنجي قوم جي ماڻهن کي سڃاڻڻ کان اسان جي اک قاصر آهي تمام افسوسناک واقعو آهي
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. عبدالعزيز سمون

    عبدالعزيز سمون
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 جنوري 2012
    تحريرون:
    348
    ورتل پسنديدگيون:
    613
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    243

    ادي بيحد افسوس جي ڳاله آهي ، آئون پاڻ قائد عوام ۾ third year ۾ آهيان ، پر اسان ته ڪڏهن به پنهنجي جونيئر دوستن سان ائين ناهي ڪيو۔
    اهي دوست جيڪي جونيئر دوستن سان وڙهن ڪن ٿا ، اهي ڪنهن نه ڪنهن سياسي پارٽي سان واسطو رکندڙ آهن ، سچ پڇيو ته اسين پاڻ به انهن کان ڊڄون ٿا۔ جيتري قدر آئون سمجهان ٿو ته جيسين علم گاهن ۾ سياست هوندي تيسين اتي علم حاصل ڪرڻ مشڪل آ۔ اسان جي سياسي پارٽين کي اها ڳاله ته ڏسڻ ۾ ئي ڪانه ٿي اچي ، هڪ طرف هو سنڌين جي ڳاله ٿا ڪن ٻي طرف وري انهن جا ئي ڪارڪن سنڌي دوستن کي تڪليفون ڏين ٿا۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    بيوقوف دوست کان عقل مند دُشمن بهتر آهي هي قو آهي حضرت علي ڪرم الله وجه جو ۔
    اهي نادان دوست اسان جي لاءِ ويڌن بڻيل آهن اسڪولن ڪاليجن ۾ ڪي اهڙا نوجوان هجڻ گهرجن جي هر اهڙي زيادتي ڪندڙ تي هٿ کڻن ته جيئن حقيقي تعليم حصل ڪندڙ طالبعلم علم حاصل ڪري هن ڌرتي تي ڪُجھ ڪري سگهن۔
    وسلام
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو