• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

وليم ڪونراڊ روئنٽجن (سائنسدان )

علي اصغر سومرو

سينيئر رڪن
سهيڙيندڙ: علي اصغر سومرو
وليم ڪونراڊ روئنٽجن
Wilhelm Conrad Roentgen
1901ع ۾ فزڪس جي شعبي۾ نوبيل پرائيز حاصل ڪندڙ سائنسدان
ايڪس ريز جي اتفاقي کوجنا سبب فزڪس جي شعبي ۾ مشهوري ۽ 1901ع ۾ ، پنهنجيءَ ان کوجنا سبب، فزڪس جو پهريون نوبيل پرائيز ماڻيندڙ هي سائنسدان وليم ڪونراڊ روئنٽجن 27 مارچ 1845ع تي، جرمني جي شهر لينيپ (leenp) ۾ ڄائو، پر ھُو نيڌرلينڊ ۾ پلجي وڏو ٿيو. ھن زيورچ (سئٽزرلينڊ) جي فيڊرل انسٽيٽوٽ آف ٽيڪنالاجي مان 1868 ع ۾ مڪنيڪل انجنيئرنگ جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ زيورچ يونيورسٽي مان 1869ع فزڪس ۾ پي ايڇ ڊي (Ph.D) ڪئي.
روئنٽجن جرمني جي ورزبرگ (Wurzbourg) يونيورسٽي ۾ 1868ع کان 1872ع تائين ۽ اسٽراسبرگ (Strasbourg) يونيورسٽي ۾ 1872ع کان 1874ع تائين، ليباريٽري اسسٽنٽ طور ڪم ڪيو، جتي پوء 1874ع کان وٺي فزڪس پڙھائڻ شروع ڪئي. 1876ع ۾ ھوجرمني جي شهر ھوھنھم ۾ قائم زرعي اڪيڊمي ۾ آيو ۽ 1875ع ۾ واپس اسٽراسبرگ وريو. ھن 1876-79ع دوران اسٽراسبرگ يونيورسٽي ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر طور فزڪس پڙھائي. ان وقت 1879-88ع دوران گيسن (Giessen) يونيورسٽي ۾ پروفيسر طور فزڪس پڙھائي.ان وقت تائين 18 تحقيقي مقالا لکي چڪو ھو فزيڪل انسٽيٽوٽ جو ڊائريڪٽر ۽ فزڪس جو پروفيسر رھيو. 1899ع کان 1920ع ۾ رٽائرمينٽ تائين، روئنٽجن ميونخ يونيورسٽي ۾ فزيڪل سائنس انسٽيٽوٽ جو ڊائريڪٽر ۽ فزڪس جو پروفيسر رهيو. 8 نومبر 1895 ع اهو تاريخي ڏينهن آهي، جنهن ڏينهن هنُ اتفاقي طور اهي ڪرڻا کوجي ورتا، جيڪي ان کان اڳ اڻڃاتل هئا، جنهنڪري هُن انهن ڪرڻن کي "ايڪس ريز" (X-rays) نالو ڏنو، تنهن وقت هُو ڪُروڪس(Crookes) ٽيوب [شيشي جو ٺهيل، پر هوا کان خالي ٽيوب، جنهن ۾ اليڪٽوڊوس ٿين] ۾ نڪرندڙ ڪئٿوڊ ڪرڻن تي تجربا ڪري رهيو هو. جيڪي تيز رفتاراليڪٽرانن جا ٿين ٿا. ايڪس ريز کي پوءِ روئنٽجن جي مڃتا ۾، "روئنٽجن ريز" پڻ سڏيو ويو، پر عام نالو ايڪس ريز ئي مشهور ٿيو. هن ايڪس ريز کي پنهنجين آڱرين جي هڏن مان پڻ تجربي لاءِ گذاريو ۽ ڏٺو ته ماس جي ڀيٽ ۾ ايڪس ريز هڏن ۾ جذب ٿين ٿا. ۽ فوٽوگرافڪ پليٽ تيچٽو عڪس ڇڏن ٿا، جنهن کان پوءِ ھن طب جي شعبي ۾ ايڪس ريز جي استعمال لاءِ اپاءُ ورتا . تنهن کانسواءَ روئنٽجن پنهنجين کوجنائن مان مالي فائدا حاصل ڪرڻ بدران سڀني جي ڀلي لاء ميسر ڪري ڏنو ۽ انهن جا حق واسطا وٺڻ کان نابري واري. 23 جنوري 1896ع تي هن ايڪس ريز هڪ مفصل ليڪچر ڏنو، جنهن کان پوءِ اهي ڪرڻا وڌيڪ مقبول ۽ مشهور ٿيڻ لڳا. روئنٽجن ٽن سائنسي مقالن ۾ ايڪس ريز جا ڪيترائي بنيادي قانون بيان ڪيا، جيڪي 1895ع 1856ع ۽ 1897ع ۾ ڇپيا. ايڪس ريز واري انهيءَ ڪارائتي کوجناسبب ٿيل مشهوريءَ، 1876ع کان 1895ع تائين، گيسن ۽ ڪرسٽل مادن تي ڪيل هن جي اهم اڀياسن کي پڻ ميرانجهڙو ڪري ڇڏيو، جڏهن نوبيل انعام لاءِ، فزڪس جي شعبي ۾ نامزدگيون ورتيون ويون، 29 نامزدگين مان 17 ۾ روئنٽجن کي نامزدويو، جنهن مان سندس مقبوليت اندازو ڪري سگهجي ٿو1872 ع ۾ روئنٽجن جي شادي برٿا لاڊونگ نالي ڇوڪري سان ٿي. کيس ڪو اولاد به نه ٿيو، هن نامور سائنسدان جي وفات 10 فيبروري 1923ع تي ٿي.
 
Back
Top