• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

موبائيل Sms ڇا آهي؟

موبائيل Sms ڇا آهي؟




اڄڪلهه جتي ڪٿي موبائيل جو چرچو عام آهي، واقعي موبائيل شيءِ به اهڙي آهي جو سڄو ڏينهن پيو ڳالهائجي يا ڪنهن سان Sms ڪجي ته دل ئي ڪا نه ڀرجي. Sms آخر ڇا آهي؟ ۽ اها ڪيئن ٿي ڪم ڪري؟ Sms ننڍي ٻار کان وٺي وڏي ماڻهوءَ تائين هرڪنهن جو محبوب مشغلو موبائيل فون ذريعي ميسيج موڪلڻ آهي. روزاني سوين نوان مسيج انٽرنيٽ تي آن لائين ڪيا ويندا آهن، ڪجهه عرصو اڳ رڳو انگريزي ۾ هاڻي اردو ۾ به ڪري سگهجي ٿو. ان ذريعي توهان پنهنجي پسند جون تصويرون يا ٻيو حال احوال به ڪري سگهو ٿا. ان کان علاوه پسند جا گانا پڻ موڪلي يا وٺي سگهجن ٿا. Sms ذريعي توهان ڪيترائي بهترين دوست پڻ ٺاهي سگهو ٿا، انهن سان کل ڀوڳ ڪري سگهو ٿا، اڄڪلهه ان ذريعي غلط ڪم پڻ ورتا وڃن ٿا. يعني هڪ دوست ڪنهن ٻئي دوست جي دل آزاري پڻ ڪري ٿو جيڪو عمل بلڪل غلط آهي ان جو نتيجو پڻ سٺو ناهي. ان لاءِ اسان کي گهرجي ته اسان اهڙو عمل نه ڪريون جنهن سان ڪنهن دوست ڀاءُ جي دل ناراض ٿئي. Sms ذريعي توهان نيون فلمون، ڪارٽون، رنگس پڻ ڏسي سگهو ٿا. ان کان علاوه هاڻي خبرون، موسم يا راندين جو حال احوال پڻ معلوم ڪري سگهجي ٿو. واقعي اها ڪم جي شيءِ آهي، پر ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ان جو استعمال صرف اسان صحيح نموني ۾ ڪريون.
 
Back
Top