خوبصورت چونڊ غزلدروازو کليل آهي ، من ڪوئي اچي نڪريسڀ لوڪ سمهيل آهي ، من ڪوئي اچي نڪري چنڊ رات چٽي آهي ، ڪڪريون به وسي هليونهر بات بڻيل آهي ، من ڪوئي اچي نڪري پن کڙڪيو هوا تي ڪو ، يا سانت ڀريو سڏڪوڪو روح رليل آهي ، من ڪوئي اچي نڪري دل خام خياليء ۾ ، اکين کي ڌتاري پئيهيء ان تي هريل آهي، ، من ڪوئي اچي نڪري هن وقت جي پيالي ۾ ، مڌ پنهنجي حياتي جوباقي ڪو بچيل آهي ، من ڪوئي اچي نڪري هن برھ جي بستيء ۾ ، “ شمشير ” جيهو جوڳيڪجه ڏينهن ٽڪيل آهي ، من ڪوئي اچي نڪري