اڄوڪو ڏينهن 23 جنوري تاريخ جي دري مان

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
اڄوڪي ڏينهن 23 جنوري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

جنم ڏينهن:


23 جنوري 1814ع مشھور برطانوي آرڪيالاجسٽ اليگزينڊر ڪننگھام جو جنم ڏينهن آهي.
23 جنوري 1897ع تحريڪ آزادي جي اڳواڻ سڀاش چندرڀوش جو جنم ڏينهن آهي.
23 جنوري 1905ع تعليمدان موهن داس ماتائي (ٺارو شاھ / اجمير) جو جنم ڏينهن آهي.
23 جنوري 1911ع سماج سڌارڪ ماسٽر گنگا رام جو جنم ڏينهن آهي.
23 جنوري 1921ع خيرپور رياست جي اڳوڻي حڪمران مير مراد علي ٽالپر جي پيدائش ٿي.
23 جنوري 1923ع سنڌ جي سنت ڀڳت پنجو رام جو جنم ڏينهن آهي.
23 جنوري 1923ع شاعر ۽ گلوڪار ديال عاجز (حيدرآباد / بڙودا) جو جنم ڏينهن آهي.
23 جنوري 1947ع هندستاني فلم انڊسٽريءَ جي سنڌي هدايتڪار رميش سپي جو جنم ڏينهن آهي.
23 جنوري 1957ع اداڪار مهندر رام پنجواڻي (لاڙڪاڻو / بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي.
23 جنوري 1967ع شھري اتحاد لاڙڪاڻو جو صدر ۽ سماج سڌارڪ نياز حسين ابڙو جو جنم ڏينھن آهي.
23 جنوري 1982ع صحافي محمد قاسم چانڊيو جو جنم ڏينهن آهي.
23 جنوري 1986ع شاعر احمد خان گڏاڻي جو جنم ڏينهن آهي.
23 جنوري 1988ع ناليواري اديب شاعر ۽ تعليمدان اويس ڀٽو جو جنم ڏينهن آهي.
23 جنوري 1992ع شاهہ لطيف جي صحن جي راڳي فقير ناظم علي لنجواڻي جو جنم ڏينهن آهي.

وڇوڙو:

23 جنوري 1918 شاعر قاضي محمد بخش عاجز (روهڙي) جي وفات ٿي.
23 جنوري 1928ع تعليمدان ۽ سماج سڌارڪ ديوان پريمچند ديهانت ڪري ويو.
23 جنوري 1971ع مذهبي اسڪالر مولانا محمد عثمان بلوچ لاڏاڻو ڪري ويو.
23 جنوري 1989ع مشهور سنڌ دوست ڪامورو، جديد ادب جو سرپرست، ڀٽائي جو عاشق خانصاحب عبدالله چنا حيدرآباد ۾ انتقال ڪيو.
23 جنوري 1998ع درگاھ بهاؤالدين زڪريا جو گادي نشين ۽ ملڪي تاريخ جو نامور سياستدان مخدوم سجاد حسين قريشي لاڏاڻو ڪري ويو.
23 جنوري 2015ع سعودي عرب جو ڇهون حڪمران شاھ عبدالله بن عبدالعزيز لاڏاڻو ڪري ويو.

اڄوڪي ڏينهن 23 جنوري جا ڪجهہ اهم واقعا

23 جنوري 2002ع تي امريڪي صحافي ڊينيئل پرل کي ڪراچي مان اغوا ڪيو ويو جنهن کي بعد ۾ قتل ڪيو ويو ۽ هڪ وڊيو جاري ڪئي وئي جنهن ۾ کيس ڪٺو ويو۔

حوالا:

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
روزانہ ڪاوش
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
وڪيپيڊيا
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
8412_459586150779018_908097748_n.jpg

1601139_10201851566469219_1920948742_n.jpg


سائين در محمد صاحب ۽ سليمان وساڻ صاحب جي هي محنت به قابل تعريف آهي، در محمد صاحب اسان جي سنڌي ٻولي جو هڪ بهترين جاکوڙي عالم اديب آهي، جنهن جي سوانح تي ته اسان جو دوست محترم سليمان وساڻ صاحب ڪم ڪري چڪو آهي، جيڪا هيٺ پيش ڪجي ٿي،

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ سنڌ جي هڪ علمي، ادبي شخصيت۔محمد سليمان وساڻ
سنڌ جي ناليواري، ليکڪ، محقق، تاريخدان، شاعر، ڪهاڻيڪار، ڊرامه نگار، مترجم، ڪالم نگار ۽ تعليمدان ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ کي سندس جنم ڏينهن تي واڌايون پيش ڪجن ٿيون.

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جو جنم 25 مئي 1945 ع تي خير محمد آريجا تعلقو ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو۔ پاڻ 1971 ۾ بي ايڊ، 1972 ۾ ايم اي سنڌي ادب ۾، ۽ 1979ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان ”ڪراچي جو سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي ترقيءَ ۾ حصو “ جي عنوان تي اپي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ وڌيڪ تفصيل پڙهڻ لاء هت ڪلڪ ڪندا۔
 
Back
Top