رسول بخش دائودپوٽه
سينيئر رڪن
پرين جي پيار جهڙو هو
سڪ ۾ سار جهڙو هو
محبتي هيو ماڻهو
جڳ ۾ جنسار جهڙو هو
دلبريون جنهن جي ديدن ۾
اهو دلدار جهڙو هو
هماليه کان وڏي همٿ
سنڌو ڪنٺار جهڙو هو
محبت سنڌ سان جنهن جي هئي
مٺو منٺار جهڙو هو
خوشبو پولار ۾ جنهن سان
اهو هٻڪار جهڙو هو
هوندو ڪو نه ٿيندو ڪو
بشير خان يار جهڙو هو
يادون جنهن جو سنڌو هن
ساوڻي پار جهڙو هو
هيو آٿت اهڙو انسان
ها اندر ٺار جهڙو هو
سڪ ۾ سار جهڙو هو
محبتي هيو ماڻهو
جڳ ۾ جنسار جهڙو هو
دلبريون جنهن جي ديدن ۾
اهو دلدار جهڙو هو
هماليه کان وڏي همٿ
سنڌو ڪنٺار جهڙو هو
محبت سنڌ سان جنهن جي هئي
مٺو منٺار جهڙو هو
خوشبو پولار ۾ جنهن سان
اهو هٻڪار جهڙو هو
هوندو ڪو نه ٿيندو ڪو
بشير خان يار جهڙو هو
يادون جنهن جو سنڌو هن
ساوڻي پار جهڙو هو
هيو آٿت اهڙو انسان
ها اندر ٺار جهڙو هو