سنڌ جيجل ما

'ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا' فورم ۾ عابد بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏24 جنوري 2013۔

  1. عابد بلوچ

    عابد بلوچ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 جنوري 2013
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    719
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ايل ايل بي.
    ماڳ:
    Sukkur, Sindh
    سنڌ اڄ جي نه پر ان وقت جي آ جڏهن حضور اڪرم صلي الله چوندا هئا ته مونکي سنڌ مان ٿڌي هير ايندي آ۔ حضرت علي رضي الله چوندا هئا ته علم جو سج سنڌ مان نڪرندو آهي۔ ۽ حضرت امام حسين چوندا هئا ته منهنجي دل جي خواهش آ ت مان سنڌ وڃان۔
    سائيم صدائين ڪرين مٿي سنڌ سُڪار
    دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين
    سنڌ ته صوفين درويشن بزرگن عالمن ولين جي ڌرتي آ ۔ جڏهن المنظر ڄامشورو سنڌو دريا جي ڪپ تي ويهي سج کي لهندي ڏسندا آهيون ۽ پکي پنهنجن گهرن آکيرن ڏاهنهن موٽندي نظر ايندا آهن ته هڪ عجيب ڪيفيت پيدا ٿي ويندي آهي ۽ روح کي ڄڻ راحت ملي پوندي آ۔
    پر افسوس جو سنڌ ڌرتي ما هن وقت وڏن مشڪلاتن مان گذري رهي آهي۔هڪ طرف سنڌ جا اڳواڻ سنڌ جي معصوم ماروئڙن کي اٻوجهه بڻائي چڪا آهن ان آس ۾ ته اسان اوهان کي انڌري مان ڪڍي روشني ۾ آڻينداسين پر ائين ڪون ٿو ٿئي۔ اهي مسڪين ماروئڙا ان آس ۾ الاهي ڪيستائين جيئندا رهندا۔
    اسان جا اڳواڻ پنهنجي ئي پيٽ پالڻ ۾ مگن ٿا رهن انهن ويچارن اڳواڻن جو الاهي ڪڏهن پيٽ پورو ٿيندو۔ هن ڌرتي جي وارثن کي انصاف نه ٿو ملي۔
    مان اتي صرف ڪويت ملڪ جو مثال ڏيندس ته ڪويت ملڪ ۾ ته صرف تيل آ پو به اهو ملڪ ايترو ت خوشًحال آ جو هر اتان جي ماڻهو جو خرچو حڪومت برداشت ڪندي آ ۽ هر ملڪ کان ڪويت جو پئسو مٿي آ ڇو جو هنن جا اڳواڻ انهن سان سچا آهن۔
    سنڌ ڌرتي ۾ ته تيل ڪوئلو گئس معدنيات هر قدرتي وسيلو آهي پر پو به اسان پوئتي پيل آهيون۔اخر اسان سو ايڏو قهر ڇو؟ جڏهن ته هن پاڪستان کي هلائن ئي اسان جي سنڌ ۽ بلوچستان اٿا هن ڌرتي جي ماروڙن کي انهن جا حق به نٿا ملي سگهن اسان کي انهن سڀني شين جي بدلي ۾ اٽي ۾ لوڻ برابر ٿو ملي۔ سنڌ 75 پرسنٽ پاڪستان کي ڏي ٿي ان جي بدلي ۾ هو اسان کي 22 پرسنٽ ٿو ڏي آخر ڇو؟ اگر ڪوئي مسڪين ماروئڙو 75 رپيا ڪمائي ۽ ان کي ان جي بدلي ۾ 22 رپيا ملن ته هو ڇا ڪري اٽو وٺي ڀاڄي وٺي ڪمڙو لٽو وٺي يا ڪنهن بيماري بڙي ۾ ڪم آڻي پو آخر هو وڃي ته وڃي ڪيڏانهن چوري ڪري ڌاڙا هڻي ڀلا ٻيو ڪري به ڇا سگهندو اگر ان سان اها حالت ٿيندي ته ظاهر آ ائين ڪندو يا وري زهر پي پڻ کي ماري ڃڏيندو اهو روز اخبارن ۾ پڙهون پيا۔
    هي سنڌ اسان جي ڌرتي آ
    هت غيرن ڃو ڪئي مستي آ
    تو غيرن جو آ ساٿ ڏنو
    اها ڪهڙي قوم پرستي آ
    ٻيو وري اسان پاڻ ۾ به سڀ هڪ ٻئي سان ڳنڍيا پيا آهيون ٿوري ٿوري ڳاله تي پوئي قبيلائي جهڙا ٿا ٿين اسان جي قوم جا ڪونڌر ختم ٿا ٿيندا وڃن خدارا ان جهيڙن کان پاسو ڪريو ۽ سڀ متحد ٿي هن ڌرتي جي رکوالي ڪيو ته جئين دشمن کي موقعو ئي نه ڏيون اگر هاڻ به اسان نه سوچيو ت اسان جي ايندڙ نسل برباد ٿي وينديپاڻ ۾ محبت پيدا ڪريون اڳ ۾ گهڻا ئي سنڌ ڌرتي ۽ ان جي وارثن ڏک سور صدما سٺا آهن
    هو سورهيه سنبري نڪرن ٿا
    جونجهار جٿا ٿي نڪرن ٿا
    آ غيرت تن جي رڳ رڳ ۾
    ۽ ڪنڌ جهڪائڻ کان اڳ ۾
    هو ڪنڌ ڪپائڻ چاهن ٿا
    ۽ تيسين سينو ساهن ٿا
    پي جيسين جام شهادت جو
    هو ڪن ٿا سنڌڙي کي سجدو۔

    ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔سنڌ سلامت۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ساٿ سلامت۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    ادا هن ويڳاڻپ ۽ اڪيلائي جي سبب جي ڪري هي هاڃا اسان سان ٿي رهيا آهن پٺاڻ پنجا بي اسان جي ڌرتي تان مال ميڙيون کنيو وڃي پيو ان جو سبب اهو آهي ته اڄ اسانجي پهڇ منڊين ۾ ناهي هاڻي جي اسان کي هن ڌرتي کي هنن سورن مان ڪڍڻُ آهي ته اسان جي دولتمند طبقي کي نيون منڊيون ڪارخانا صنعت کي پنهنجي ڪنٽرول ۾ آڻڻو پوندو پوءِ هي ڌرتي هنن ڌارين کان آزاد ٿيندي هي سرمائيداري جو دؤر آهي هن وقت بندوق سان تبديلي نه ايندي بلڪه هن وقت جي ضرورتن جي تشخيص ڪر ي ان مطابق قدم کڻڻا پوندا۔
    وسلام
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سنڌين جي اڪيلائپ ۽ الڳ الڳ ديڳڙن چاڙهڻ واري ڪم سبب اسان ان حالت تي پهتا آهيون۔ اڄ به اسان گڏجي هلڻ لاء تيار ناهيون ۽ ياد رکو اها قوم جنهن ۾ ٻڌي نه هجي ڪڏهن به ڪامياب نه ٿي سگهندي آهي۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو