سهڻي پارس
سينيئر رڪن
رپورٽ:سهڻي پارس
سنڌي ادبي سنگت پاران ٽنڊو محمد خان ۾ سنڌي ادبي سنگت ڪتاب گهرجي افتتاحي تقريب ۽ سنڌ جي ڀلوڙ شاعر تاج ٽِکڙائي سان رِهاڻ جي تقريب جي مڪَمل رپورٽ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سنڌي ادبي سنگت لائبريري ٽنڊو محمد خان جي افتتاحي تقريب ۽شاعر محترم محمد دائود ميمڻ”تاج ٽکڙائي“ سان رهاڻ ۽ محفلِ مُشاعرو جيڪازيرِ صدارت محترم جناب ڊاڪٽر مُشتاق ڦُل صاحب پاڻ مرڪزي جنرل سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت آهن بتاريخ20.01.2013 تي ٽنڊو محمد خان ۾ شام جي 7 وڳي شروع ٿي.محترم تاج ٽکڙائي صاحب طبيت ناساز هئڻ سبب پروگرام ۾ شرڪت نـ ڪري سگهيا. پروگرام ۾ اسٽيج سنڀاليندڙ محترم اعظم ڀٽي تمام خوبصورت نموني پروگرام کي سنڀاليو.تقرب ۾ مهمانِ خاص محترم يوسف سنڌي صاحب هئا.معزز مهمانن ۾ سنڌي ادبي سنگت جي جوائينٽ سيڪريٽري محترمـ آپا خيرالنساءِ لاڙڪ،۽ سرڪاري تعليمي اداري سان وابسطـ ۽ سنڌ جي ڀلوڙ شاعرا محترمـ نسرين الطاف محترم مرتضيٰ سيال،سنڌ ترقي پسند جي مرڪزي اڳواڻ محترم احمد نوناري،اديب ،دانِشور شاعر محترم سائين پير بخش پياسي صاحب، ۽محترم نثاراحمد نازصاحب شامِل رهيا.سموري تقريب جو سهِرو نثار ناز صاحب جي سِر تي هيو.جِن جي محنتن ،ڪاوِشن۽ ڊاڪٽر مُشتاق ڦُل جي تعاون سان هِن لائبريري جو افتتاح ڪيو ويو
سڀني آيل معزز مهمانن پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو.
محترم احمد نوناري پنهنجي تقرير۾ سڀ کان پهرين نثار ناز صاحب کي لائبريري جي افتتاح تي مبارڪون ڏنيون.۽ سڀني سنڌي ادبي سنگت جي ساٿين کي صلاح پڻ ڏني تـ هِن لائبريري کي وقت ڏين ۽ اڳتي وڌائين.محترم احمد نوناري صاحب سياست تي پڻ ڳالهايو. ۽ چيو تـ ـڀلي سنڌ ۾ ڪيتريون ئي تنظيمون ڇو نـ هُجن پر جڏهن بـ سنڌ يا سنڌي ٻوليءَ تي ڪِنهن آڱُر کنئي آهي تـ سموريون تنظيمون اُن وقت هِڪ هنڌ ۽ هِڪ نُڪتي تي گڏ ٿيون آهي.پاڻ اِهو بـ ٻڌايو تـ ٽنڊو محمد خان ۾ تقريبن 30 نِجي اسڪول آهن،جِن ۾ سنڌي نـ ٿي پڙهائي وڃي.گهٽ ۾ گهٽ آپشن طور تي سنڌي هئڻ گهرجي.اسان پنهنجي سنڌي ٻوليءَ کان پري ٿيندا پيا وڃون.
سنڌي ادبي سنگت جي سينئر ساٿي محترم نثار احمد ناز۽ هِن لائبريريءَ جو بُنياد وجهندڙ آهن پاڻ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيائون تـ:جڏهن اسان دوستن گڏجي ويهي هِن لائبريري جي ڳالهـ ڪئي پي تـ منهنجي هِڪ پياري ۽ مخلِص دوست جي ڪَن ۾ اِها ڀُڻڪ پئي.۽ هو هِڪ ڏينهن مون وٽ آيو۽ سندس هَٿ ۾ چند ڪتاب هئا۽ چيائين تـ مون وٽ جيترا بـ پئسا هُئا مان حيدرآباد مان اُنهن پئسن جا هي ڪتاب وٺي آيو آهيان.۽ هِڪ چيڪ ڏنائين جيڪو 9000 رُپين جو هو.مون کي تمام گهڻي خوشي ٿي.جڏهن مون کيس چانهن پيئڻ جي صلاح ڪئي تـ هُن اُها رد ڪندي چيو تـ سائين چانهن پيئڻ ٻي ڀيري ايندسُ هِن وقت توهان جي چانهن احسان واري محسوس ڪندسُ اُهو دوست آهي آفتاب ميمڻ مان سندن ٿورائتو آهيان.
تِنهن کان پوءِ محترمـ نسرين الطاف پنهنجي خطاب ۾ چيو تـ:مان طبيت جي خرابي جي باوجود بـ سنڌي ادبي سنگت ۽ ادا نثار جي قرب ڀري نينڍ تي آئي آهيان.هر ڳوٺ هر شهر ۾ لائبريري جو هُجڻ تمام ضروري آهي.لائبيريري جو هُجڻ هرانسان جي وڌڻ ويجھڻ،۽ شعور ۾ مدد ڏئي ٿوسمورن ٽنڊو محمد خان جي ماڻهن کي هِن لائبيريري جي وجود ۾ اچڻ تي مبارڪ باد ڏيان ٿي.مون کان پنهنجي وَس آهر جيترو ٿي سگهيو مان هِن لائبريري لاءِ ضرور ڪندس.
سنڌ جي اديب ليکڪ ،دانِشور ۽ شاعر محترم سائين پير پخش پياسي پنهنجي خطاب ۾ چيو تـ:ٽنڊي محمد خان ۾ سنڌي ادب جي تاريخ تمام پُراڻي آهي .پهرين ٽنڊي محمد خان ۾قادر بخش لائبريري ،اياز پاٽولي لائبريري مشهور هيون.پياسي صاحب ٻڌايو تـ غزل جي ارتقا ٽنڊي محمد خان مان ٽکڙائين کان ٿي.تاج ٽکڙائي صاحب تي جيترو ڳالهائجي اُهو گهٽ آهي.سندن شخصيت تمام خوبصورت آهي سندن لفظ دِل تي اثر ڪندڙ هوندا آهن.پاڻ لائبريري جي وجود ۾ اچڻ تي مبارڪون ڏنيون.۽ ڪجهـ صلاحون پڻ ڏنيون.هِن لائبريري ۾ سموريون اخبارون اچڻ گهرجن.۽ مان اِهو اعلان ٿو ڪيان تـ منهنجي طرفان هِن لائبريري کي ڪاوش اخبار،مهراڻ رِسالو،۽نئي زندگي مئيگزين موڪليا ويندا.آخر ۾ پياسي صاحب تمام بهترين دُعا سان پنهنجي تقرير جواختتام ڪيو تـ منهنجي دعا آهي تـ اسان جون ڪتابن سان محبتون هميشـ قائم ۽ دائم رهنديون.
اعزازي مهمان محترم مُرتضيٰ سيال پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي سڀ کان پهرين محترم نثار ناز صاحب کي لائبريري جي افتتاح تي مبارڪ ڏني۽ محترم ڊاڪٽر مشتاق ڦُل کي سنڌي ادبي سنگت جي حيدرآباد ۾ آفيس جي قائم ٿيڻ تي پڻ مبارڪ ڏني.پاڻ وڌيڪ ڳالهائيندي چيائون تـ هِنن ٻن سالن ۾ سنڌي ادبي سنگت جي ساٿين جيتري ٻڌي ۽ ايڪي جو ثبوت ڏِنو آهي سو مڃتا جو قابِل آهي.ڊاڪٽر مُشتاق کي جَسُ هجي جِن پنهنجي گهران وڙان هِن آفيس جو بنياد حيدرآباد ۾ وِڌو.
آپا مهرالنساءِ (جوائينٽ سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت) پنهنجي خيالن جواظهار ڪندي فرمايو تـ محترم تاج ٽِکڙائي صاحب بيماريءَسبب اسان جي هِن تقريب ۾ شامِل نـ ٿي سگهيا آهن اسان سندن صحتيابي لاءِدعا گوهـ آهيون.هِن وقت جي اگر ٽِکڙائي صاحب هِت موجود هُجن ها تـ اِهو ڏِسي تمام گهڻو خوش ٿين ها تـ سنڌي ماڻهو سندن سان ڪيترو نـ پيار ڪن ٿا.مان نثار ناز صاحب کي هِن لائبريري جون تمام گهڻيون مبارڪون ڏيندس.مان سمجهان ٿي تـ جي اگر اسان سڀ جي اگر مهيني ۾ نـ سهي سال ۾ بـ چند ڪِتاب هِن لائبريري کي ڏيون تـ سنڌي ادبي ۾اِها خدمت هميشـ يادرکي ويندي.۽ مون کي اُميد آهي تـ هيءَ لائبريري ضرور اڳيان وڌندي.سنڌي ادبي سنگت جي تاريخ جي حوالي سان پاڻ چيائون تـ سنڌي ادبي سنگت جي تاريخ تقريبن 1956 کان بـ اڳ جي آهي.جِنهن ۾ پروانو ڀٽي،زيب صاحب،۽ اڙدو ڳالهائيندڙ شوق صاحب شامِل هئا.ڪئي ٻيا بـ ساٿي آهن جِن جا نالا هِن وقت مون کي ذهن تي نـ پيا اچن.آپا مهرالنساءِ انهن اديبن جا ڪِتاب پڻ هِن لائبريري ۾ رکڻ جي ڳالهـ ڪئي.پاڻ چيائون تـ سنڌي ادبي سنگت هِڪڙي روشن خيال ۽وهمن گمانن جي خلاف سوچ رکندڙ هِڪ تنظيم آهي.منهنجي دعا آهي تـ هِن لائبريري مان پڙهي وڏا ڏاها،دانِشور ،اديب،ليکڪ،سائنسدان،سماجي ڪارڪن پيدا ٿين.۽ آخر ۾ پاڻ آيل مهمانن جا ٿورا مڃيا ۽ لائبريري هلڻ گهرجي اِهو چيلينج پڻ ڏنائون.
آپا جي تقرير کان پوءِ مڃتا صنعدون (سرٽيفڪيٽ) ڏنا ويا.
مڃتا سرٽيفڪيٽ وٺندڙن جا نالا :
احمد نوناري،تاج ٽِکڙائي،نسرين الطاف،سارنگ شاهـ،عاشق ڳاهو،انعام ٽِکڙائي،اڪرم ڀٽي،نسرين هنڱورو،محمد علي ميمڻ،عابد اقبال ڀٽي،جاويد علي هاليپوٽو،جميل ميمڻ،پروفيسر محمد موسيٰ تُنيو،سهڻي پارس، حڪيم محمد کتري،عبدالغفور سمون،آڪاش ٽِکڙائي،گُل محمد سومرو،توقير قاضي،شبانا چانڊيو،مُنورلال،گُل خاصخيلي،امين محمد سمون،منظور عادل سومرو،اعظم ڀٽي.
تقريب جي اختتام تي محترم ڊاڪٽر مُشتاق ڦُل صاحب آيل مهمانن جا ٿورا مڃيا ۽ مختصر تقرير پڻ ڪئي.پاڻ خوشيءَ جو اظهار ڪندي چيائون تـ مون کي هِن ڪتاب گهر جي (لائبريري) تمام گهڻي خوشي آهي.۽ وڌيڪ خوشي اِن ڳالهـ جي آهي تـ پهريون ڀيرو مان ڪِنهن ڪتاب گهر جو افتتاح ڪيو آهي.سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان محبت واري موٽ ڏني آهي. مان نثار ناز صاحب کي جَسُ ڏيندسُ تـ پاڻ ٽنڊو محمد خان جي هرهلچل فيس بُڪ تي رکن ٿا جِنهن سان ماڻهن کي ٽنڊو محمد خان جي هر هلچل جي ڄاڻ وقت سر مِلندي رهي ٿي.سنڌي ادبي سنگت جي وڏي ۾ وڏي خوبي اِها آهي تـ هِن ۾ هر تنظيم جا ماڻهو گڏ هوندا آهن.سنڌي ادبي سنگت جي هر ساٿيءَ جي پارٽي صرف سنڌ آهي.پنهنجي ڌرتيءَ ۽ ٻوليءَ لاءِ جاکوڙ آهي.اسان ڪِنهن بـ ٻوليءَ سان نفرت نـ ڪئي آهي.اسان تـ اِهو بـ مطالبو ڪيو تـ هر صوبي جي ٻوليءَ کي قومي ٻولي جو نالو ڏِنو وڃي.تنظيمن جي وچ ۾ ڪيترا بـ اختلافات ڇو نـ هجن پر جڏهن بـ سنڌي ادبي سنگت جو سڏ ٿيندو آهي تـ سموريون تنظيمون اسان سان گڏ هونديون آهن.سنڌي ادبي سنگت جي خوبي پنهنجي ڌرتيءَ پنهنجي ٻوليءَ سان ڪميٽمينٽ آهي.انسان جي عزت سندس ڪردار سان آهي ڪميٽمينٽ سان آهي.نـ تـ مشتاق ڦُل جهڙا ڪئي ڊاڪٽر آهن پر منهنجي سڃاڻپ سنڌي ادبي سنگت آهي جِنهن تي مون کي فخر آهي.اسان جي سنڌي ادبي سنگت ۾ ڪوبـ حڪمران ناهي،سڀ ڪارڪن آهيون.هڪٻئي جو احترام ڪيون ٿا.هِڪٻئي جي راءِ جو مان رکون ٿا.ها اسان وٽ ريسورسز ٿورا گهٽ آهن جِنهن جي ڪري ڪجهـ رڪاوٽون پڻ اينديون آهن.پاڻ چيائون تـ سنڌي ادبي سنگت هِڪ ڀيرو ٻيهرٻولي مهم 1فيبروري کان 21 فيبروري تائين سنڌي ٻوليءَ لاءِ جاکوڙيندي.جِن ادارن جي درن تي ادارن جي نالي وارا بورڊ اڙدو ۾ لِکيل آهن اُهي سنڌي ۾ هئڻ گهرجن،اُنهن لاءِ جدوجهد ڪئي ويندي.نوشهروفيروز،کُنڀ ۾ 21 ڏينهن ساٿي اسان سان اِن مهم ۾ گڏ هئا.ڊاڪٽر صاحب سنڌي ادبي سنگت جي حيدرآباد ۾ آفيس جي باري ۾ ٻڌائيندي چيو تـ حيدرآباد ۾ اسان جي آفيس کولي وئي آهي جِنهن ۾ توهان پنهنجا پروگرام ڪرائي سگهو ٿا.جِنهن جي چاٻي اپا مهرالنساءِ جي حوالي ڪيان ٿو.آفيس کولڻ جي ڪوشش ۾ محترم يوسف ميمڻ صاحب جو پڻ تمام گهڻو ٿورائتو آهيان. ڊاڪٽر صاحب ارُڙيءَ جي باري ۾ بـ ڪجهـ ڄاڻ ڏني ۽ چيائون تـ اُرڙي ڪو جِن ڀوت ناهي،اِهو هِڪ وائرل انفيڪشن آهي جِنهن جوبچاءُ مُمڪِن آهي ۽ اُهو آهي احتياط ،بچاءَ جا ٽُڪا،صفائي۔ ميڊيا ۽اخبارن واراصرف پئسا ڪمائڻ لاءِاِن ڦهلجندڙ بيماري کي اِشو بڻائي ڇڏيو آهي۔منهنجي ميڊيا وارن کي گذارش آهي تـ اِن جي ڄاڻ ڏين تـ اِها ڪا بَلا ناهي اِن لاءِ احتياط وٺي سگهجن ٿا۔ ۽ آخر ۾ پاڻ چيائون تـ وري ٻيهر هِڪ ڳالهـ چوندسُ تـ مون کي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي جو مون ڪِنهن لائبريري جو افتتاح ڪيو آهي.
ڊاڪٽر صاحب جي تقرير کان پوءِ تقريب پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهتي.