ادا ڄامشورائي! توهان جي حڪايت وڏي نصيحت سان ڀريل آهي ۔دين جي معاملي ۾ انتهائي احتياط جي ضرورت آهي۔ دين کي صرف پنهنجي عقل سان نه پرکجي، پر ٻين جي عقل جي روشني ۾ به ڏسجي۔ هن فورم تان دين جي حقيقي تصوير ڪرڻ اسان سڀني ميمبرن جي زميواري آهي۔
ادا ڄامشورائي! توهان جي حڪايت وڏي نصيحت سان ڀريل آهي ۔دين جي معاملي ۾ انتهائي احتياط جي ضرورت آهي۔ دين کي صرف پنهنجي عقل سان نه پرکجي، پر ٻين جي عقل جي روشني ۾ به ڏسجي۔ هن فورم تان دين جي حقيقي تصوير ڪرڻ اسان سڀني ميمبرن جي زميواري آهي۔
الســـــــلام علـــــــيڪم ورحــــمـة الله وبرڪات
ادا اسد علي مير صاحب توهان کي رب العالمين خوش ۽ آباد رکي ۔ آمين
ادا زبر ست ونڊ ڪئي اَٿوَ ۽ تمام گھڻو کلايو به اَٿوَ ۔شيطان واري جڳه تي
ڀاءُ توهان جي تحرير ڪيل عيد جون مبارڪون مليون (خير مبارڪون ) ڀاءُ توهان کي به عيد جون مبارڪون
shal judy hujeen
توهان جودعاڳو الله نگھبان
علي منير پاٽائي
مڪـوپاڪ
ان حڪايت مان اسان کي ٻه سبق ملن ٿا ته ڪڏهن به ڪنهن کي سندس عقل کان مٿي ذميواري نه ڏجي، ٻيو ته ڪڏهن به دين جي اندر پنهنجي سوچ کي داخل نه ڪجي۔۔۔ ڇو ته هر سبجيڪٽ وانگر قرآن جي تعليمات کي سمجهڻ لاءِ به هڪ استاد يا رهبر جي ضرورت هوندي آهي.
ادا عظيم مٺا انهيءَ حڪايت سان هٿ چُراند مون ڪئي آهي ۽ بندو هر سزا کائڻ لاءِ بلڪل تيار آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ۽ ٻُڌئي پيارا ڄامشورائي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ادا ڄامشورائي حڪايت ڪٿي آهي فقط نتيجو لکيل آهي
يا ڪنهن ڊليٽ ڪيو آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔
مهرباني ادا اسد،
سلام آهي توهان جي جستجو ۽ علمي موضوعن جو سلسلو برقرار رکڻ لاء۔
مون کي تمام گهڻي خوشي ٿي ته توهان هن موضوع جو نالو ئي "پنهنجي سوچ" رکيو آھي۔ مبارڪباد جا مستحق آهيو۔۔ بلڪل انهي واقعي وانگر اسان جي مان واري سائين به، پنهنجي سوچ تي عمل ڪيو۔ ۽ هڪ سبق آموز سمجهاڻي کي شان الاهي ۾ گستاخي سمجهندي، اهو ڪيو جنهن جو حق انهن کي "سرپرست اعلي" هجڻ جي ڪري حاصل آهي۔ توهان کي دل لاهڻ جي ڪا ضرورت ڪانهي، توهان پنهنجي تحريرن جو سلسلو جاري رکو، ۽ جزا جي اميد صرف ذاتِ الاهي ۾ ئي رکو۔
مولا توهان کي شاد و آباد ۽ سلامت رکي۔
جي جي ٻروچ قرآن ڪريم ۾ لفظن جي ڦير ڦار واري گهڙيل ڳالهه کي سبق آموز حڪايت بنائي پيش ڪرڻ ڪنهنکي به ڪين ٿو سونهي تون ته ڇا پر دنيا جي ڪنهن تُرم خان کي به نه۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
باقي توهان جي لکڻ پڙهڻ جو سلسلو جاري رهڻ کپي اهو سلسلو مان ته ڇا پر سنڌ سلامت جو ڪو تُرم خان به روڪي نٿو سگهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔آئي ڳالهه سمجهه ۾ يا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔يا رکون سائين پنهنجي مٿي تي پارايل سنڌ سلامت جي دوستن پاران سرپرستيءَ وارو ڇٽ توهان جي پيرن تي۔۔۔۔۔۔۔
ادا عظيم بلڪل اها ساڳوڻي پوسٽ سائين ابو زين ٻه ٽي مهينا پهرين سنڌ سلامت جي دوستن سان شيئر ڪئي هُئي اها به ڀوڳ واري سيڪشن ۾، جڏهن انهيءَ ساڳي ڳالهه جي سنگيني سائين ابو زين جي آڏو رکي وئي ته هُن معاملي جي سنگيني جو اندازو لڳائي توبه استغفار ڪري، ساري پوسٽ ڊيليٽ ڪري ڇڏي هُئي، هونءَ به مذهبي ڳالهين ۾ ڪوبه پنهنجا نظريا ٿوپي نٿو سگهي ۽ اهو ئي سنڌ سلامت جي بيسڪ قائدن ۽ قانونن ۾ آهي، هن پوسٽ کي سري کان ئي تالو لڳائڻ جو اختيار نه صرف مونکي پر سنڌ سلامت جي مڙني ايڊيٽر صاحبان کي پڻ آهي۔ ادا ڄامشورائي اسان لئه انتهائي قابل احترام آهي، مان پاڻ ان سلسلي ۾ ادا ڄامشورائي جي جواب جو انتظار ڪري رهيو آهيان۔ ان کان پوءِ هن ساري پوسٽ کي تالو لڳايو ويندو۔۔۔۔۔۔۔۔۔سائين نثار ٻروچ پنهنجو نظريو بيان ڪيو آهي
باقي ڀاءُ ڄامشورائي ايترو اڻ پڙهيل نهآهي جو اوهان جي قول مطابق (قرآن ڪريم ۾ لفظن جي ڦير ڦار واري گهڙيل ڳالهه ) ڪيئين هتي شئير ڪندو ته وڌيڪ ڀاءُ ڄامشورائي پاڻ ان جو جواب ڏيندو
اسان جي پڙهڻ کان پهريان ئي توهان ڊليٽ ڪري ڇڏيو اگر چه شروع ۾ جن دوستن پڙهي هئي انهن ته سڀني داد ڏنو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔پوءِ توهان باقي رکو ڏسون ٻيا دوست ڇا ٿا چون ۔۔۔۔۔۔
وڌيڪ توهان جو فيصلو آخري فيصلو آهي اسان کي اعتراض جو حق نه آهي توهان وڏا جو آهيو ۔۔۔
khil sahikhil sahi
ادا ڄامشورائي تنهنجي حڪايت مان ڪهڙا سبق ملن ٿا سو تون ڄاڻين ٿو يا مان! باقي اهڙي ڪابه تحرير لکڻ کان مٺا پاسو ڪندو ڪر، جنهن ۾ الهامي ڪتابن خاص ڪري قرآن پاڪ ۾ ارادتن يا غير ارادتن ترميم جو ڪو ذڪر ڪيل هُجي، قرآن ڪريم ۾ واشگاف لفظن ۾ بيان ڪيل آهي ته قرآن ڪريم جا نگهبان رب سائين خود آهن دنيا جي ڪا طاقت ان ۾ ترميم نٿي ڪري سگهي ڀلي چاهي اهو علم جو اڪابر هُجي يا مون جهڙو صفا ڪورو ڄٽ........
ڳالهه مٺا ڄامشورائي توهين جي ڪانه هُئي ڳالهه صرف اها هُئي ته قران ڪريم جي لفظن ۾ حڪايت موجب ترميم جي هُئي، قراني لفظن ۾ ڪنهن جو اکيون کولڻ لاءِ هڪ لفظ کي هٽائي ٻي لفظ کي لکڻ جي هُئي ۽ اها ڳالهه ڪلام پاڪ جي حوالي سان نٿي ڪري سگهجي۔۔۔۔۔۔۔ وڌيڪ تنهنجي مهرباني۔۔۔۔منهنجي خيال ۾ هن پوسٽ کي هاڻي تالو لڳائڻ گهرجي۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سائين عبدالرشيد سمون صاحب منتظم اعلى يا سڀني ايڊيٽرن صاحبن کي گُذارش آهي ته هن پوسٽ کي لاڪ ڪيو وڃي...سائين هي هڪ مشهور حڪايت آهي ۽ هن ۾ ڪائي کل ڀوڳ نه آهي، ان ڪري مان هن کي مختلف موضوع واري سيڪشن ۾ شيئر ڪيو. دين جي سلسلي ۾ مان به بي حد احتياط کان ڪم وٺندو آهيان ڇو ته الله جي شڪر سان مذهبي گهراني مان آهيان ۽ مولوين سان اُٿڻ ويهڻ ٿيندو رهي ٿو۔۔۔ هن حڪايت جو مقصد صرف انساني ذهن، عقل ۽ علم جي حد کي ڄاڻائڻ هو