سهڻي پارس
سينيئر رڪن
منھنجي محبت اڪثر
مون کان سوال
ڪري ٿي؟
تـ تو دل ڪِٿي اٽڪائي آ،
او چري!
سج بـ ڪڏھن رات جو اُڀريو،
چنڊ کي
ڪڏھن ڏينھن ۾ ڏِٺئي،
مان مُرڪندي سندس سوال
ٻڌان ٿي،
۽ جواب ۾ فقط اھو
چوان ٿي،
اي محبت!
چري مان ناھيان
پر
تون آھين،
نـ ئي سج کي رات سان
سروڪار آ،
نـ وري چنڊ کي ڏينھن سان،
ٻنھين کي پنھنجومقرر وقت مليل آ،
جيڪو ھو پورو ڪري
پنھنجن ماڳن ڏي موٽن ٿا،
پر آسمان!
جنھن تي سج بـ اُڪري ٿو
۽ چنڊ بـ،
آسمان چار ئي پھر
ھڪ ئي ھنڌ بيٺل آ،
۽ آسمان سج جي نڪرڻ،
چنڊ جي نڪرڻ،
صبح،رات ،شام سان ٻڌل ناھي،
منھنجي چاھت اھو آسمان آھي،
جيڪو اٽل آ،،،،