• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڇا ڪجي

سهڻي پارس

سينيئر رڪن
تون منھنجو گُل آھين
چمن آھين،وطن آھين
مان تومان ٻاھر نِڪران ٿي تـ
ھڪڙي کاھيءَ ۾ وڃي ڪِران ٿي،
ھر وقت تو۾ رھڻ جو احساس،
سمُنڊ جي گجيءَ وانگر
منھنجي ڪنارن تي وڌندو ٿو وڃي،
مان ھِڪڙي اِھڙي سوني زنجير آھيان،
جيڪا تون پنھنجي ڳچيءَ مان
ڪڏھن بـ لاھي نٿو سگھين،
ھونئين بـ جوانيءَ جي تيز بارش ۾
تون ھِڪڙي ڇٽيءَ وانگُر آھين،
ھِڪڙي گھٽيءَ وانگر آھين
ڇا ڪجي جو وڇوڙو
ميلاپ وانگر ٿي پوي،
ڇا ڪجي
جو تنھنجي ۽ منھنجي
ھٿ جون لڪيرون،
ھِڪ جھڙيون ٿي وڃن،
ڇا ڪجي؟؟؟؟؟؟؟؟
 
Back
Top