اڄ غيرن سان ناتو جوڙي ڇڏيو

عبدالعزيز سمون

سينيئر رڪن
توتي هو ڀروسو تو به نفرت جو ناتو جوڙي ڇڏيو،
پنهنجن انهن واعدن کي هڪ پل ۾ ٽوڙي ڇڏيو.
جت ڳالهيون ڪندا هئاسين محبتن جون،
ات نفرت جو ڪوٽ کوڙي ڇڏيو.
ڪيو هئي واعدو گڏ رهڻ جو تو،
اڄ غيرن سان ناتو جوڙي ڇڏيو،
توکان سوا آ اڌرو آزاد،
سمون جي وفا کي تو ٻوڙي ڇڏيو.
 
Back
Top