سنڌ سلامت انتظاميه جي اها خوبي رهي آهي ته هر موقعي جي مناسبت سان سنڌ سلامت جي مکيه صفي تي بهترين رنگ ۽ ڊزائين ڏئي ان موقعي کي ملهائڻ لاءِ ڀرپور حصو اٽڪائيندي رهي آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ جشن عيد ميلادُ النبي صلي الله عليه وسلم مبارڪ جي موقعي تي سائي رنگ جو لباس پارائي سنڌ سلامت کي شهر جي گلن وانگر بهترين نموني سينگاريو ويو آهي۔ انظاميه کي ان بهترين ڪم جي لاء مبارڪ باد هجي
اللهم صلي الله عليه وسلم ۔۔۔۔ الله جي رسول اڪرم صلي الله عليه وسلم کان ڪنهن اصحابي پڇيو ته سڀ کان ڀلي دعا ٻڌايو ۔۔۔ ته پاڻ فرمايائون ۔۔۔ درود شريف پڙهندو ڪر ۔۔۔ سهڻا ساوا رنگ ۔۔۔۔ الله جي رسول جي پسند جو رنگ ۔۔۔ ڇاڪاڻ پاڻ سموري انساني سماج کي سائي رکڻ جا جتن ڪندا رهيا ۔۔۔۔ اچو ته اسين به پنهنجي سماج کي سائو، سکيو ۽ ستابو رکون ۽ سنت رسول جي پيروي ڪريون۔ سنت جي پيروي کان وڌ نه ڪو خراج تحسين نه ئي ڪو عمل ۔۔۔ رب العالمين اسانکي دين جي سمجهه پئدا ڪري ۔۔۔ آمين لک قرب سنڌ سلامت ساٿ سلامت
اسان دل جي گهرائين سان هن پياري اڱڻ جي انتظاميه کي مبارڪ ڏيون ٿا جن پياري نبي سائين جي توليد واري بابرڪت ڏينهن جي حساب سان اڱڻ کي خوش نما ۽ سهڻي پوشاڪ پهرائي آهي۔ الله پاڪ شل انهن جو اهو عمل قبول فرمائي ۔آمين
لک قرب دوست ذيشان رشيد جا جيڪو اها ذميواري سدائين نڀائيندو رهي ٿو۔ رسول ڪريم صه جي ولادت جي نسبت سان ڏنل سهڻا رنگ ۔۔۔۔۔۔۔ شال اسان رسول صه جي حڪمن جي پوئواري ڪندي پنهنجي زندگي سهڻي نموني گذاري پنهنجي رب کي راضي ڪيون۔۔۔۔۔ آمين