نثارناز
سينيئر رڪن
ڪنهن مونکان سوال پڇيو ته جيڪي ٻين کي زنده رهڻ جا خوش گُذارڻ جا دڳ ۽ رستا ڏسيندا آهن اهي جلدي ڇو دنيا کي ڇڏي هليا ويندا آهن؟ ۽ اهي سدائين ڏکن سان جهيڙيندي جهيڙيندي ڏُکن جي ور چڙهي ختم ڇو ٿي ويندا آهن ؟ مون کيس چيو ته اهو فلسفو جيڪڏهن مون ٽي درجي واري شاعر کي سمجهه ۾ اچي وڃي ها ته ڪڏهن کان پنهنجي پاڻ تان ٽي درجي واري شاعر جي ڇاپ لائي ڇڏيان ها، پر ايتري خبر اٿم ته جيڪي ٻين کي حوصلي، ۽ همت جا ڏس پتا ڏيندا آهن ۽ پاڻ فنا ٿي ويندا آهن ، اُهي جن کي حوصلو ڏيندا آهن انهن جي دل ۾ هميشهه هميشه محبتن سان ۽ چاهتن سان رهندا آهن .مان ڇا پيو چوان ڇا پيو سوچيان ڪا خبر ڪانه ٿي پوي ڇو جو ڪُنڌ ذهن آهيان صفا موڳو مٽر آهيان. يقينن هن شاعريءَ ۾ مايوسيءَ جو اظهار آهي . بي پُهچ ماڻهو آهيان دنيا سان پُڄي نه ٿو سگهان پوءِ پنهنجو اندر ائين اوڳاڇيو اٿم. ته
غزل
نثاراحمدناز
راهِه فَرار آسان طريقو
هاڻ لنگهي وٺ تُون ڀِي ليڪو
آشا چِڪتا چُور آ جڳ جِي
جام ڏُکن جو هر ڪنهن پيتو
ڪُرسي خاطر سنڌ جو سودو
ڪونه کپي ٿو نالائيقو ۔۔!
قومون اُڀري ڪيئن ته سگهنديون
جيسين پاوَر تُنهنجو ويٽو
گُلڙن کي تُون ڀيلڻ وارا
خُوب خزان جو تو وٽ ٺِيڪو
دل سان کيڏي ٽوڙِين ويٺو
هر هر ”ناز“ ڪري رانديڪو ۔۔!