سهڻي پارس
سينيئر رڪن
دِل صدما سَھي سَھي
ٿڪي پئي آھي
ڪا آٿت،ڪو آسرو
ڪو دِلاسو
روح نٿو ريجھائي
ڪنھن ڀوڳ تي
ٽھڪُ تـ ڇا ،
مرڪ بـ نٿي اچي
اندر جا سُورَ،
ناسُور بڻجي اکين مان
آب جيان وھڻ ٿا چاھين
پر لڙُڪَ بـ برف جيان
ڄمي ويا آھن
ڊپ اٿم تـ اِھي
ڄميل لڙڪ
سيلاب بڻجي
لوڙھي نـ ڇڏين!
تنھائي نانگ جيان
ڏنگي ٿي،
۽ ھُن جي ياد
پل پل درد بڻجي
مون کي وکيريندي ،
ٽوڙيندي رھي ٿي
ھاڻي ڪجھ نـ رھيو آھي
خالي اڌورو نامڪمل
جيون.....