سهڻي پارس
سينيئر رڪن
ٻڌاءِ! تو دل ڪِٿي رکي آھي؟
جو ڄِڻ وِساري ويٺو آھين
جو توکي ھاڻي ساون وڻن جي
سڙڻ جو ڏُک ئي نٿو ٿئي
درد ئي نٿو ٿئي،
ھا مڃان ٿي!
تـ تنھنجون اکيون سمُنڊ آھن
جڏھن چاھين ٿو ٻوڙين ٿو
۽
جڏھن چاھين ٿو تارين ٿو
پر اي منھنجا محبوب!
ائين ڇو!
جڏھن مان تنھنجين اکين جي
سمُنڊ ۾ ٻڏڻ چاھيان ٿي،
تڏھن تون ڇو ھِڪ
وِشال صحرا بڻجي ٿو وڃين!!!!!