اُڏري وينداسين !

سهڻي پارس

سينيئر رڪن
سپنن جيان اسان وِکري وينداسين
شايد سڀني کان اسان وسري وينداسين
اڻڄاڻ بڻجي محفل مان ھليو ٿو وڃي
ڪنھن پل لفظ بڻجي اُڪري وينداسين
تون ڇو جدائيءَ جا الزام کڻين سِر تي
تنھنجي زندگيءَ مان نِڪري وينداسين
گلن جيان ڪتابن ۾ سانڍي رکجانءِ
اسين آھيون پکئيڙا ۽ اڏري وينداسين
 
گلن جيان ڪتابن ۾ سانڍي رکجانءِ
اسين آھيون پکئيڙا ۽ اڏري وينداسين
اڄڪلهه دور به مٽيو آهي، هاڻي ڪتاب به پي ڊي ايف ۾ اچن ٿا ۽ ڊجيٽل ايڊيشن بس ڪمپيوٽر تي يا نيٽ تي محفوظ رهي ٿي۔ تنهنڪري محبوب کي ڪتابن ۾ سانڍڻ بجاء خيالن ۾ سانڍڻو پوندو ۔۔۔۔۔​
اوهان جي شاعري خوبصورت لڳي۔​
 
ابا! چاهي دور ڪهڙو به ڇو نه هُجي پر پيار وارا احساس اڄ به پهرين جيان آهن۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ها ماڻهن جا رويا،۽ پيار جي معنيٰ مٽائي ڇڏي آهي دنيا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
 
Back
Top