نصيب

سهڻي پارس

سينيئر رڪن
روح کي راحت ملي،اِھڙو نصيب آھي ڪٿي
چاھ سان چاھت کِلي،اِھڙو نصيب آھي ڪٿي
دل لڳي اڄڪلهـ ڪرڻ هر ڪوئي ڄاڻي ٿو مگر
روح تائين ڪورَسي ،اھڙو نصيب آھي ڪٿي
اورجي ها حال! ليڪن دوستي ناهي رهي
درد کي سانڍي رکي،اھڙو نصيب آھي ڪٿي
ڪنھن کي چئجي حال،ناهي دل گهريو ڪوئي هِتي
حال ڪو پاڻھي پُڇي،اھڙو نصيب آھي ڪٿي
اڌ عمر سورن ۾،اڌ سورن لکڻ ۾ وئي ھلي
ڪو ڪٿا غم جي پڙهي،اھڙو نصيب آھي ڪٿي
 
اڌ عمر سورن ۾،اڌ سورن لکڻ ۾ وئي ھلي
ڪو ڪٿا غم جي پڙهي،اھڙو نصيب آھي ڪٿي
تمام سهڻا خيال ۔۔۔اردو جو هڪ شاعر ياد اچي ويو​
عمرِ دراز مانگ ڪر لائي ٿي چار دن
دو آرزو ۾ ڪٽ گئي، دو انتظار ۾
 
روح کي راحت ملي،اِھڙو نصيب آھي ڪٿي
چاھ سان چاھت کِلي،اِھڙو نصيب آھي ڪٿي
دل لڳي اڄڪلهـ ڪرڻ هر ڪوئي ڄاڻي ٿو مگر
روح تائين ڪورَسي ،اھڙو نصيب آھي ڪٿي
اورجي ها حال! ليڪن دوستي ناهي رهي
درد کي سانڍي رکي،اھڙو نصيب آھي ڪٿي
ڪنھن کي چئجي حال،ناهي دل گهريو ڪوئي هِتي
حال ڪو پاڻھي پُڇي،اھڙو نصيب آھي ڪٿي
اڌ عمر سورن ۾،اڌ سورن لکڻ ۾ وئي ھلي
ڪو ڪٿا غم جي پڙهي،اھڙو نصيب آھي ڪٿي
دل لڳي اڄڪلهـ ڪرڻ هر ڪوئي ڄاڻي ٿو مگر
روح تائين ڪورَسي ،اھڙو نصيب آھي ڪٿي
 
Back
Top