سهڻي پارس
سينيئر رڪن
آخري ڀيرو اچ ۽ منھنجي اکين ۾
پنھنجي وڇوڙي جا سمورا نوحا
ڏسي وڃ.
۽ منھنجي اکين ۾ جيڪي
تولاءَسپنا سرجيل آھن،
سي ڏسي وڃ،
ڇو تـ اکيون بند ٿيڻ کان پوءَ
تون انھن سڀني ڳالھين کان
محروم رھجي ويندين،
۽ پوء شايد توکي
اھا حسرت رھجي وڃي تـ
ڪاش تون ڏسي سگھين ھان!
جيڪو بند اکين ۾ رھجي ويو!!!!!!!