سهڻي پارس
سينيئر رڪن
چنڊُ تنھا ھجي تـ ھجي پر تون نـ ھجُ،مان تنھنجي ڀرَ۾ ھُجان تـ سٺُي،نـ ھُجان تـ.............. شام ھُجي،ٿڌيون ھوائون ھُجن،ستار جو سُريلو ساز ۽ تنھنجو ساٿ،،،،زندگيءَ وانگي پرين ٻئي خوش ھجون.ٻُڪ تنھنجا سدا ڀريل ھُجن منھنجي ڳالھين جي آبشارن سان،سموري ڪائنات تنھنجي ڀاڪُر ۾ ھجي.تنھنجون ڳالھيون لفظ لفظ محبت ھِن.ٿڌي ڇانوري ۾ سھڪندڙ ھيءَ منھنجي ٿَڪل ھيڪلي دل،توکي دعا ڏئي ٿي.ڪئين صديون گذري ويون تنھنجي سواس جي سائي کـان پري ڪيئن جيون گھاريان پئي،ڇا ٻڌايان،ڪيئن ٻڌايان،ڪٿان آڻيان اُھي لفظ جيڪي منھنجي تنھائين ۽ انتظار کي ڪاڳرن تي اوتي سگھن.