آزمائي ڏسجي

سهڻي پارس

سينيئر رڪن
ھڪ ڀيروٻيھر قسمت آزمائي ڏسجي
ھاڻي ڇونـ ڌارين کي آزمائي ڏِسجي
پنھنجن تـ جيڪي سور ڏنا، ڏٺاسين
ھاڻي پراون کي کڻي پُڪاري ڏِسجي
مُرڪندڙچھرن کي تـ ھرڪو ٿوچاھي
ھاڻي لڙڪن سان دنيا نھاري ڏسجي
جيڪي ڇڏي ھلياويا تن۾اميد تـ ناھي
وري کڻي تن کي ڀَلا سڏائي ڏسجي
حياتيءَ ۾ تـ ھرڪو مٺو ماکيءَ جھڙوآ
ڪو مري ويو!اِھا خبرھُلائي ڏِسجي
خوشين ۾ بنا سڏ ھليوٿو اچي ھرڪو
مرڻ تي گھڻا ٿا روئن!ھاڻي اھو ڏسجي
 
ھڪ ڀيروٻيھر قسمت آزمائي ڏسجي
ھاڻي ڇونـ ڌارين کي آزمائي ڏِسجي
لاجواب شاعري ۔۔۔۔ خوبصورت ۽ اوهان جي شاعري الائي ڇو ماضي ۾ وٺي ويندي آهي۔​
هن سان ٻيهر وفا ڪري ڏسبي
پاڻ سان هڪ خطا ڪري ڏسبي۔
 
Back
Top