السلام عليڪم دوستو۔۔۔! اميد آهي ته خوش خرم هوندو ۔۔۔۔ جيئن ته ڪوشش هوندي آهي هر ڀيري اوهان جي لاءِ ڪا نه ڪا نئين ۽ لاڀائتي شئي موجود ڪريان، تنهن ڪري سوچيم ته اوهان کي اهڙو اسپيشل تحفو ڏيان جيڪو توهان جي وهم و گمان ۾ نه هجي۔۔۔ هڪ اهڙو رسالو جيڪو ڪيترن ئي ڏهاڪن کان پاڪستان ۾ ڇپندو پيو اچي، جنهن جي مقبوليت به جيئن جو تيئن آهي، ڪو فرق نه آيو اٿس۔۔ وقت گذرڻ سان رسالو مهانگو ٿيندو پيو وڃي پر وري به سندس پڙهندڙ گهٽ نه ٿا ٿين، ڇو ته هن ۾ هر قسم جي پڙهندڙ لاءِ ڪجهه نه ڪجهه آهي، جيئن سياسي تبصرا، مزاحيه ۽ سنجيده ڪهاڻيون، ٻارن جو سيڪشن، عورتن جو الڳ سيڪشن، قسمت جي حال جي باري ۾، راند روند جي باري ۾ ۽ ان کان علاوه دنيا ۾ ڇا وهي واپرائي پيو، انهيءَ تي به تبصرا موجود هوندا آهن۔۔۔ ۽ ها شاعريءَ جي شوقينن لاءِ به گهڻو ڪجهه آهي۔۔۔هي آهي به هفتيوار رسالو۔۔۔ پر رڳو توهان موجوده ايڊيشن ئي نه ٿا پڙهي سگهو پر گذريل ٽن سالن کان پوئتي تائين جا شمارا به آرام سان پڙهي سگهو ٿا۔۔۔ رسالي جو نالو آهي۔۔۔ اخبارِ جهان۔۔۔ اردو زبان جو زبردست ترين رسالو آهي۔۔ ته جيڪڏهن توهان پڙهڻ ٿا چاهيو ته پوءِ هن لنڪ تي ڪلڪ ڪريو ۽ رسالي جي ويب سائٽ گهمو۔۔
ادا ڄامشورائي يار فري واريون شيون ڳولهي لهڻ ۾ اسان جو فقير پهريون نمبر تي هو اوهان به ان جو هٿ ونڊرايو مهربانيlajwab-sharing پر ادا سنڌ سلامت جي اڳڪٿي واري شعبي اها اڳ ڪٿي ڪئي آهي ته جي اوهان طرفان اهو سلسلو جاري رهيو ته ايندڙ ڪجه ڏينهن ۾ فقير جي پاليسي کي خطري رسڻ جو نقصان آهي khil sahikhil sahi
سائين اسد بابا فون اٽينڊ ڪونه ٿا ڪيو اوهان کي اسان جي طرفان عيد جون مبارڪون هجن سڄي ساٿ کي به هن عاجز طرفان مبارڪون عرض آهن ۔اوهان واقعي هڪ بهترين رسالي جي لنڪ ڏني آهي جنهن کي ڪيترائي ماڻهو شوق سان خريد ڪري پڙهندا آهن ليڪن پنهنجن پيارن کي مفت ۾ پڙهڻ جي سهولت ڏيڻ لاء اوهان جي مهرباني۔
جواب: مهانگو اردو رسالو مفت ۾ پڙهو، گذريل شمارن سميت ادا هاڻي چيڪ ڪريو ۔۔ لنڪ کي وري ٻيهر صحيحڪيو اٿم
جواب: مهانگو اردو رسالو مفت ۾ پڙهو، گذريل شمارن سميت [ادا مان سنڌي رسالن سان گڏ اهيو اردو وارو رسالو (اخبارِ جهان ) به ڪنهن وقت ۾ خريد ڪري پڙهندو هئس، مگر گذريل ٻن سالن کان اهيو رسالو مان نيٽ تي پڙهندو پيو اچان ۽ مان ان جي لنڪ به سنڌ سلامت تي ونڊ ڪري چڪو آهيان، مگر وري به توهان جي مهرباني، جو توهان هي لنڪ ٻيهر سنڌ سلامت تي ونڊ ڪئي آهي۔ هت مان توهان لاء اردو جي ڪجهه رسالن جي لنڪس ۽ هڪ ٻه اخبار جي لنڪ به ونڊ ڪيان ٿو۔ ۔۔۔۔ ( هم شهري) ۔۔۔ ( سوڀ ) ۔۔۔۔۔ (ڪاوش آرٽيڪل ) ۔۔۔ ( هيلٿ ميگ ) ۔۔۔۔۔۔۔۔ ( اميدِ جهان )
واھ واھ ، مان ھن رسالي جو 1995 کان پڙھندڙ آھيان جڏھن مان ڇھين درجي ۾ پڙھندو ھئم، ڪراچي ۾ باقائدگي سان گھر تي ايندو ھو، اھو رسالو 2011 تائين مسلسل پڙھڻ لاء ملندو رھيو پوءِ نظر نھ آيو .مھرباني اھڙي ڄاڻ ڏيڻ جي.