• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ساف جا ماڻهو

اها صاف سنگت اهي صاف ماڻهو
اهي ديس جا وڏا هن ته ڄاڻو
هنن وٽ قلم جو هلي پورهيو اهڙو
سدان ديس لئه ڪرن هي ته جهيڙو
قلم جا هلائين اهي تير تلوار
مري ٿين نه مات دشمن تي سدان وار
ڪڏهن صاف گوئي ڪري پيا ٻڌائن
ڪڏهن هي وري پيا پروليون ٻڌائن
سدان ديس جو آ هنن کي ته اونو
هنن جو اڃا جوش ٿيو ڪين جهونو
پنهنجي بيت گيتن ۾ جهونگار جن پيا
اهي غزل گوئي ۾ جنسارجن پيا
محبتن جا مهندار پيارا نيارا
اهي ماڻهو سڪ ساڻيه وارا
موتين جي مالها پوئين پيار کي ٿا
اوڳاڇين اڳيان پنهنجي يار کي ٿا
هي دم دم دلارا وڻن واه سارا
سڄي سونهن سنڌ جي لڳن ٿا پيارا
اها صاف سنگت وڻي ٿي ادا
انهيء کان نه هاڻي ڪو ٿبو جدا
اهڙو ڏانء ڏاتر ڏنو آهنن کي
لفظن کي ميڙي ڀرن ٿا پنن کي
 
Back
Top