سهڻي پارس
سينيئر رڪن
چوندا آهن ته مُسڪُراهٽ روح جا دروازا کولي ڇڏيندي آهي.روح جو رِشتو ذهن سان،ذهن جو دِماغ سان ٿيندو آهي.زال خوبصورت اُها ئي سمجهي ويندي آهي جيڪا مُڙس جي دِل ۾خوشيون وِکيري۽ دِل جي سڪُون جو بائث بڻجڻ جي صلاحيت رکندي هُجي.توهان جي اگر ڪِنهن مُسڪُرائيندڙ چهري کي ڏِسوته توهان جي چهري تي ازخود مُسڪُراهٽ اچي ويندي.اُن مُسڪُرائيندڙ چهري کي ڏِسي۽ اُن جون خوشگوار ڳالهيون ٻُڌي توهان جي دِل ۾ به خوشيءَ جو جذبو پيدا ٿيندو.۽ توهان اهڙي ماڻهوءَ جي ويجهو رهڻ پسند ڪندو.پر جي اگر ڪو اهڙو چهرو جِنهن جي مُنهن تي هر وقت ٻارنهن پيا وڄندا مُسڪُراهٽ جو پري پري تائين ڪو نالو نِشان ئي نه هوندو،۽ ڳالهائڻ وقت اُن جي چهري تي عجيب وغريب ۽ اڻ وڻندڙ تاثر هونداته توهان جي اندر ۾ هِڪ اڻ وڻندڙ احساس پيدا ٿيندو ۽ تمام جلد توهان اُن ماڻهوءَ مان اُڪتائجي ويندا۽ اُن کان پري رهڻ جي ڪوشش ڪندا.هِڪ فرانسيسي اديب”روڪتي“ لکيو آهي ته”دِل سڀ کان وڌيڪ اُن وقت خوش هوندي آهي جڏهن ڪو کِلندڙ ،مُسڪُرائيندڙ انسان توهان جي ويجهو هُجي“.اڄ کان اٺاويهه سوء سال اڳ ۾ هِڪ مقدس ڪتاب جي ذريعي هِڪ قول اسان تائين پهتو”دِل جي خوشي ۽ سڪُون هِڪ بهترين دوا وانگر اسان کي فائدو پهچائي ٿي“انڪري هميشه مُسڪُرائيندا رهو .اِن سان سڀ کان پهريون فائدو توهان کي اِهو ٿيندو جو توهان جو چهرو پُرڪَشش لڳندو،ٻيو فائدو اِهو ٿيندو جو توهان مان ڪو بور نه ٿيندو،ٽيون فائدو اِهو ٿيندو جو توهان جا تعلقات مضبوط ٿيندا چاهي اُهي دوستيءَ جا هُجن ،گهريلو هُجن،يا دنياداريءَ جا هُجن،۽ هِڪ وڏو ۽ اهم فائدو اِهو ٿيندو جو توهان جي زندگيءَ ۾ مُسڪُراهٽ سان توهان جا ۽ توهان سان گڏ جيڪي ماڻهو هوندا اُنهن جا گذريل لمحا بهترين ۽ طويل وقت تائين برقرار رهي سگهندا.پاڻ به مُسڪُرائيندا رهو ۽ پنهنجي آس پاس جي ماڻهن ۾ به ڪوشش ڪري مُسڪُراهٽون وکيريو.توهان کي دِلي ،دِماغي ۽ روحاني سُڪون مِلندو….