اسلام عليڪم سنڌي عزيزو، دوستو ۽ ڀائرو سڀني کي دل جي گهراين سان سلام چوان ٿو۔ منهنجو نالو عبدالستار آهي آ سچل ڳوٺ ڪراچي ۾ رهندو آهيان آ ٻارهين ڪلاس جو شاگرد آهيان۔۔۔آ سنڌي ٽائپنگ ڄاڻيندو آهيان برا مهرباني اگر اوهان سنڌي ڪمپوسر جي ضرورت هجي ته مون سان رابطو ڪندا۔ مهرباني فون نمبر03133011660 دعائن ۾ ياد رکندا۔۔۔۔۔۔۔۔۔
ادا عبدالستاردائودپوٽو سڀ کان پهرين اوهان کي دل جي گهراين سان ”سنڌ سلامت“ جي اڱڻ تي پير ڀرڻ تي واڌايون ڏجن ٿيونسنڌي ڪمپوزنگ ڄاڻو ٿا، توهان اهو ٻڌائي وڌيڪ خوشي جو احساس جاڳايو.ڪاش! اوهان جهڙا ٻيا سنڌي نوجوان به ان ڪم ۾ پاڻ ڀرا هجن ته ڪيڏو نه ڀلو ٿي پوي (معصوم سنڌي)
ڀائڙا عبدالستار ۔۔۔سنڌ سلامت جي اڱڻ تي ڀليڪار، ڪراچيءَ جي شهر ۾ مني سنڌ سچل ڳوٺ سنڌ ۽ سنڌيت لاءِ تمام سٺو ڪم ڪري رهيو آهي، هن ڳوٺ مان ڪيترائي سهڻا پڙهيل ڳڙهيل ۽ سنڌي ٻوليءَ جي خدمت ڪندڙ دوست نڪري رهيا آهن ۔۔۔ عبدالستار صاحب، دوست سليمان وساڻ کي عرض ڪبو ته هو اوهان سان رابطو ڪري ۽ سنڌ سلامت لاءِ ٿيندڙ ڪم بابت آگاهه ڪري ته جيئن سنڌي ٻوليءَ ۾ نت نيون شيون اچي سگهن ۔۔۔ سنڌي ڪمپوزنگ جا ڪافي ڪم سنڌ سلامت وٽ آهن، جن ۾ اوهان مددگار ٿي سگهو ٿا ۔۔۔ لک قرب ۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
مھترم عبدالستار صاحب توھان کی سندھ سلامت فورم م بھلیکار! اللھ پاک توھان کی سدائین سلامت رکی. آمین. سدائین ساتھ سلامت
سنڌ سلامت سٿ ۾ شامل ٿيندڙ اسان جي ڀاء عبدالستار دائوپوٽو کي ڀليڪار ٿا ڪيون۔تمام گهڻي خوشي ٿي جو اوهان سنڌ سلامت فورم جا ساٿي بڻيا آهيو جيڪو اسان سڀني سنڌين جو گڏيل فورم آهي ۽ اها اميد ته اوهان سٺا ليک ۽ نيون نيون ڳالهيون فورم تي شيئر ڪندا رهندا۔سنڌ سلامت انٽر نيٽ تي سنڌي ٻوليء جي ترقي لاء ڪوشان آهي۔سائين نثار اسان جو هي نوجوان دوست اڳ ئي رابطي ۾ آهي ۽ قرآن شريف جي تشريح واري هڪ جلد جي ڪمپوزنگ پڻ ڪري رهيو آهي۔ هي دوست اسان جي مان واري ميمبر رسول بخش دائودپوٽي جو عزيز ۽ اسان جي جگري دوست عبدالوهاب قنمبراڻي آف اسلام آباد واري جو دوست آهي۔اوهان جو ساٿ اسان لاء حوصلا افزائي جو سبب بڻجندو ۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت