مست
سينيئر رڪن
ڪاڪو آچار هڪ ڀيرو پنهنجي پٽ کي ساڻ ڪري گڏهه تي چڙهي شهر لاءِ نڪتو۔۔ ڪاڪو آچار پاڻ گڏهه تي چڙهيو ويٺو هو، پٽس گڏهه کي واڳ مان جهليو پئي آيو، رستي ۾ هڪ ڳوٺ مان لنگهيا، ڳوٺ جي ماڻهن ڏسي چيو: ”ڏسو ته سهي، هيڏو سارو ڊڊو پيءُ پاڻ گڏهه تي چڙهيو پيو اچي ۽ پٽس ويچاري کي پنڌ پيو وٺيو اچي“۔۔ اهو ٻڌي ڪاڪي آچار پاڻ واڳ کي جهليو ۽ پپنو کي گڏهه تي ويهاريو هاڻي وري ٿورو اڳتي هليا ته هڪ ڳوٺ مان گذر ٿيو۔ ڳوٺ وارن ڏسي چيو:”هڻان!۔۔۔ ڇوري کي ڏسو، پيءُ جهونو ويچارو پنڌ پيو اچي ۽ ڇورو مزي سان گڏهه تي ويٺو آهي۔۔“ اهو ٻڌي ڪاڪو آچار پاڻ به گڏهه تي چڙهي پپنو سان گڏ ويٺو۔۔۔
اڳئين ڳوٺ مان گذر ٿيو ته ڳوٺ وارن چيو: ” مار! هيڏا سارا ٻئي ڏنڊا مڙس هن ڏٻري ڍور تي چڙهيا ويٺا آهن، ساسي ساهه تي رحم به ڪونه ٿو اچين۔۔۔ توبهه توبهه۔“
وري سائين ڪاڪي آچار ويچاري کي سوچ آئي، پاڻ به گڏهه تان لٿو ۽ پپنو کي به لاٿائين ۽ گڏهه کي ساڻ ڪري پنڌ هلڻ لڳو۔۔۔۔ رستي ۾ وري ڪجهه ماڻهو گڏيس۔۔۔ چوڻ لڳا۔۔ ”ڪهڙا نه چريا آهن، پيءُ پُٽ۔۔۔ سواري هوندي سوندي پنڌ پيا اچن۔۔۔ “ اهو ٻڌي ڪاڪي آچار پپنو کي چيو۔۔ ” پُٽ ڏٺئي! زمانو ڪنهن به ڳالهه ۾ خوش نه هوندو اٿئي، زماني جي ته ۔۔۔۔۔ اصل۔۔۔۔۔۔۔۔ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڳالهه ئي نه ٻڌجي“
سبق: زمانو ڪنهن به ڳالهه ۾ خوش نه هوندو آهي، هر ڳالهه مان نقص ڪڍڻ زماني جو اصول آهي، توهان به ڪاڪي آچار جي چئي تي عمل ڪريو ۽ خوش رهو۔۔ ها ها ها ها ۔۔۔۔ shabash