چوندا آهن ته هڪ دفعي هڪ سردار ڪنهن رستي تان گذرندي ڪيلي جي کل تي پير رکي ويٺو .. ۽ مٿي ڀر اچي پٽ سان لڳو... ڌڪ ته لڳس پر مٿو کنيندو هليو ويو... اتفاق سان ڪجهه ڏينهن کان پوء وري ساڳي رستي تان سندس گذرڻ ٿيو ... هڪ دفعو وري اتي ڪيلي جي کل پئي هئي.. پر سردار ڏسي ورتي... ۽ بيهي رهيو.. ڪجهه سوچي مٿو کنهيائين... ۽ چيائين... ”اڄ وري ڪرڻو پوندو....“.. گڏ ڪيلي جي کل تي پير رکي ڇڏيائين... توهان کي اندازو ته ٿي ويو هوندو ته پوء ڇا ٿيو هوندو... اسان جي حالت به ان سردار وانگر آ.. اسان به هر اليڪشن ۾ ... ڪيلي جي کل کي ڏسندا ته آهيون... پراڻا ڌڪ به ياد ڪندا آهيون.. مٿو به کنهندا آهيون.. فيس بوڪ تي انهن کي گهٽ وڌ به چوندا آهيون.. پر انهن کان بچڻ بجاءِ ... ڪل ڀي ڀٽو زنده ٿا .. آج ڀي ڀٽو زنده هي... تير ڀائي ميرا ڀائي .. الطاف ڀائي الطاف ڀائي.. قدم بڙهائو نواز شريف .. هم تمهاري ساٿ هين... جهڙا نعرا هڻندي ... ڪيلي جي کل تي پير رکي ڇڏيندا آهيون... ۽ پوء ايندڙ پنجن سالن تائين ساڳيا لاٽون ساڳيا چُگهه...
اليڪشن اچي پئي... ڪنهن کي برياني کائڻي آ....؟ ڪنهن کي پنهنجي گهر واري ڳلي پڪي ڪرائڻي آ...؟ ميٽر جو مسئلو ڪنهن کي حل ڪرائڻو آ...؟ ڪنهن ڪنهن کي سرڪاري نوڪري ۾ ڀرتي ٿيڻو آ...؟ ته پنهنجيون درخواستون تيار رکو... ڇو ته ويجهڙ ۾ اهي سڀ توهان جي سامهون هوندا .. جيڪي هر پنجن سالن کان پوء نظر ايندا آهن... هرڪو چوندو آ مان انقلاب آڻيندس... ڪنهن جي هٿ ۾ بيلچو هوندو... ڪنهن جي هٿ م ڪتاب هوندو... ڪنهن جي ڪلهن تي شينهن جو پتلو هوندو.. ڪو سائيڪل کي ملڪ جي ترقي جو نشان چوندو.. ڪو تير کڻي ملڪ فتح ڪرڻ جون ڳالهيون ڪندو.. مطلب جيترا اميدوار اوترا نشان... بس فيصلو توهان کي ڪرڻو آ... ته... هڪ ڏينهن جي مزيدار برياني ۽ پنجن سالن جا فاقا کپن ... يا هڪ ڏينهن جو فاقو ۽ پنجن سالن جو افاقو کپي...