ڪراچي جنهن کي ڪاما ۽ فل اسٽاپ ناهينعيم چانگڪلاچي ڳوٺ کي، ڪراچي شهر ۾ تبديل ڪندڙ سنڌ جي پهرين گورنر سر چارلس نيپئر برطانيه واپس وڃڻ کان اڳ خواهش ظاهر ڪئي هئي ته ڪاش هو وري ڪراچي واپس اچي سگهي، ۽ هن روشنين ۽ خوابن جي شهر کي جواني ماڻيندي ڏسي سگهي. ڪراچي شهر جي مستقبل لاءِ سندس خيال هو ته، ڪراچي هڪ اهڙو شهر آهي، جيڪو مشرقي دنيا لاءِ فخر جو باعث ثابت ٿيندو.چڱو ٿيو جو چارلس نيپئر ڪراچي جي جوڀن ماڻڻ کان پهريان ئي موڪلائي ويو، نه ته پنهجي اڳڪٿي کي غلط ثابت ٿيندي ڏسي هن کي گهٽ ۾ گهٽ پنهجي غلطي جو احساس ضرور ٿئي ها. ان کي ڪهڙي خبر هئي ته جن هٿن ۾ ڪراچي جو ڪنٽرول هليو ويندو اهي، هن شهر کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيندا. گهڻو حيران ۽ پريشان ٿيڻ بدران جيڪڏهن ڪراچي جو ارتقائي جائزو وٺبو ته معلوم ٿيندو ته، ڪراچي کي مقتل گاه ٿيڻ ۾ پورا 65 سال لڳا آهن. حڪمرانن جي غلط پاليسين ۽ ذاتي مفادن جي ور چڙهيل هن بدنصيب شهر ۾ نفرتن جو ٻج پاڪستان ٺهڻ کان يڪدم بعد ڇٽجي چڪو هو. پاڪستان ٺهڻ کان اڳ هن شهر ۾ مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ، مختلف ثقافتون رکندڙ، مختلف عقيدن ۽ مذهبن جا ماڻهو وڏي پيار محبت، امن ۽ ڀائيچاري سان رهندا هئا. ڪنهن سان لسانيت يا مذهب ۽ رنگ يا نسل جي آڌار تي مت ڀيد اختيار نه ڪيو ويندو هو.پاڪستان ٺهڻ کان صرف هڪ سال بعد يعني 3 جنوري 1948 تي ڪراچي ۾ هن رياست ۽ ان کي هلائيندڙن هٿ وٺي لساني جهيڙا ڪرايا، جنهن جو مقصد صرف اهو هو ته، ڪراچي ۾ رهندڙ غير مسلم آبادين خاص طور تي هندُن کي هيسائي ۽ ڌمڪائي ڪراچي ڇڏڻ تي مجبور ڪجي ۽ انهن جي ملڪيتن ۽ ڪاروبارکي، هندستان مان هجرت ڪري آيل مسلمانن ۾ تقسيم ڪري سگهجي. اهڙن فسادن جي رياستي پٺڀرائي جو هڪ وڏو ثبوت اهو هو ته، لياقت علي خان (ان وقت جو وزير اعظم) ۽ ايوب کهڙو) وزير اعليٰ) وچ ۾ سرد جنگ شروع ٿي وئي هئي. ايوب کهڙي نه ٿي چاهيو ته رياستي مشينري استعمال ڪري پنهجي ئي شهرين کي مارايو وڃي. اها لساني ۽ مذهبي فسادن جي شروعات هئي. ايوب کهڙي جي حڪم تي، اهڙن ڪيترن ئي شرپسند گروهن کي گرفتار ڪيو ويو. اهڙن ڪارواين ۾ سرڪاري ملازمن ۽ اهلڪارن جو به هڪ وڏو انگ ملوث هئو. لياقت علي خان صاحب، ايوب کهڙي تي وڏو دٻاءُ رکيو ته هو سڀني ماڻهن کي آزاد ڪري. پر ايوب کهڙي شرپسند گروهن کي آزاد ڪرڻ کان معذرت ڪري ڇڏي. ايوب کهڙي جي اهڙي سنڌ دوست موقف جو اڳتي هلي نتيجو اهو نڪتو جو ملڪ جي واڳ ڌڻين 22 مئي 1948 تي ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪندي مرڪز ۾ شامل ڪري ڇڏيو ۽ ايوب کهڙو کي نااهل قرار ڏئي سندس جاءِ تي پير الاهي بخش کي سنڌ جو وڏو وزير مقرر ڪيو.ان ڏينهن کان اڄ ڏينهن تائين هر حڪمران ملڪ جي پهرين وزيراعظم جي پوکيل نفرتن جي ”رياستي فصل“ کي پاڻي ڏنو آهي. هندستان مان هجرت ڪري آيل مسلمانن کي حڪمرانن پاران 20 سالن تائين لاڳيتو اهو ٻڌايو ويندو رهيو ته ”اوهين آهيو پاڪستان کي ٺاهڻ وارا. پاڪستان توهان جي لازوال قربانين سبب وجود ۾ آيو آهي. توهان جي بزرگن، انگريز سامراج سان جنگيون ڪري هُنن کي هِتان (ڪراچي مان) تڙي ڪڍيو آهي. هوشو کان هيمون تائين ۽ سورهيه بادشاهه کان سائين جي ايم سيد تائين، ڪنهن جو به انگريز سامراج کي تڙي ڪڍڻ ۾ ڪک جيترو ڪردار به نه آهي.“ ايتري قدر جو ملڪي وهنوار هلائڻ لاءِ به سرڪار کي هتان جي اصلوڪي باشندن مان ڪي به اهل ماڻهو نه مليا، تنهڪري هجرت ڪري آيل باصلاحيت مسلمانن جون خدمتون حاصل ڪيون ويون. حڪمرانن جي اهڙي رويي هڪڙي پاسي هجرت ڪري آيل مسلمانن کي احساسِ برتري جهڙي مرض ۾مبتلا ڪري ڇڏيو ته ٻي پاسي هِتان جي اصلوڪن باشندن کي احساسِ ڪمتري جو شڪار ڪرڻ جي منظم ڪوشش ڪئي. نتيجتي طور ڪراچي ۾ اڄ ڏينهن تائين مذهبي توڙي لساني هم آهنگي نه ٿي سگهي آهي.1964 واري صدارتي اليڪشن ۾ جنرل ايوب خان سرڪاري مشينري استعمال ڪندي، جڏهن محترمه فاطمه جناح کي شڪست ڏني ته سندس پٽ گوهر ايوب خان قلم 144 جي خلاف ورزي ڪندي پنهجي پيءَ جي ڪاميابي جي خوشي ۾ ڪراچي ۾ جلسا ۽ جلوس ڪڍيا. اهڙي عمل تي جڏهن شهرين احتجاج ڪيو ته انهن کي چِٿڻ لاءِ سرڪاري مشينري استعمال ڪئي وئي. ايوب خان جو ڪراچي ۾ اردو ڳالهائيندڙ آبادين کي اهو دڙڪو اڃا ياد آهي، جنهن ۾ هن چيو هو ”آگي سمندر هي.“ ڪراچي ۾ جيڪو مذهبي نفرتن جو ٻج لياقت علي خان ڇٽيو ، ايوب خان ۽ سندس پٽ گوهر ايوب خان ان کي لسانيت جو ڀاڻ ڏيئي وڏو ڪيو.ڪراچي کي بارود ۽ هر قسم جي نشي جو اڏو بڻائڻ ۾ جنرل ضياءُ الحق، جو تمام وڏو ڪردار رهيو آهي. افغانستان ۾ آمريڪا جي روس جي خلاف جنگ کٽڻ کان پوءِ جنرل ضياءُالحق لکن جي تعداد ۾ افغانين کي ڪراچي ۾ رهايو. جن کي افغانستان لاءِ استعمال ٿيندڙ ”مجاهدين“ جو درجو ڏنو ويو. اسلام کي ڪنهن ڏکئي وقت کان بچائڻ لاءِ مدرسن ۽ مسجدن ۾ ڪلاشنڪوف ۽ بارود جا ڍير لڳي ويا. ڳجهن ادارن اسلام ۽ پاڪستان جي نالي تي دهشتگرد تنظيمن کي ڪراچي مان آپريٽ ڪرڻ ۾ مدد ڪئي ۽ انهن کي هر قسم جون سهولتون، مالي مدد ۽ هٿيار فراهم ڪيا. سنڌ ۾ هلندڙ ايم آر ڊي تحريڪ کي ڪُچلڻ لاءِ ڪراچي ۾جنرل ضياءالحق جي آشيرواد سان مهاجر قومي مومينٽ وجود ۾ آئي، جنهن ڪراچي کي لساني بنيادن تي ٽُڪرن ۾ ورهائي ڇڏيو. مهاجر قومي موومينٽ جيڪا اڳتي هلي متحده قومي موومينٽ ۾ تبديل ٿي، جو بنيادي مقصد صرف اهو ئي هو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي ووٽ بينڪ کي لساني بنيادن تي ٽوڙي سگهجي.نيپئر جي امنگن ۽ خواهشن جي ابتڙ ڪراچي جي شناخت اوڀر جي راڻي) بدران دنيا جي خطرناڪ شهر ۾ تبديل ٿيڻ ۾ ڪافي سال لڳا آهن. ڪراچي شهر اڄ جنگي علائقي جو ڏيک ڏئي رهيو آهي. ٽريفڪ بند، ٽرانسپورٽ معطل، عمارتن مان دونهون پيو نڪري، گاڏين کي باهه ڏئي ساڙيو پيو وڃي، گهر گهر ۾ روڄ راڙو متل آهي، گهٽين ۾ موت رقص پئي ڪري. هتان جا شهري هڪ اڻ ڄاتل خوف ۾ ورتل آهن. ڪو روڊ، ڪا گهٽي، ڪو علائقو محفوظ نه آهي. 350 تجارتي علائقن ۾ روزاني جي بنيادن تي دڪاندارن کي ڀتا مافيا جو پرچيون ملن ٿيون. جهن تي دڪان ۽ دوڪاندار جي اوقات مطابق رقم لکي وڃي ٿي، جيڪا رقم دوڪاندار کي شام ٿيڻ کان اڳ ئي جمع ڪرڻي پوي ٿي ٻي صورت ۾ دڪان يا ڪاروبار مان ته وڃي ئي وڃي پر سِر جي به ڪا ضمانت نه آهي. جيڪڏهن ڪو محفوظ آهي ته صرف اهو جيڪو 50 فٽ اوچي چوديواري اندر رهي ٿو يا بلاول هائوس، مردان هائوس ۽ نائن زيرو ۾ رهي ٿو. رينجرس ”ڏسندا رهو پر ڪنهن کي ڪجهه نه چئو“ جي پاليسي تحت ڪم ڪري ٿي ۽ پوليس جنهن ۾ 5000 کان وڌيڪ ماڻهو هڪ سياسي ڌر جا هجن ۽ 2000 ٻي سياسي ڌر جا، انهن کان ڪهڙي اميد ڪري سگهجي ٿي ته هو پنهجي سياسي آقائن جي خوشنودي حاصل ڪرڻ لاءِ سندن چوڻ مطابق ڪم نه ڪندا. پوليس ۾موجود اڪثر عملو پنهنجي سياسي آقائن کي خوش ڪرڻ لاءِ سياسي ايجنٽ طور ڪم ڪري ٿو. سياسي ٺڳن ۽ مافيا جي ماڻهن سان هي ڪلهو ڪلهي سان ملايون بيٺا آهن.ڪراچي شهر، ڏوهارين ۽ مافياز جي هڪ وڏي ڄار ۾ جڪڙجي چڪو آهي. هي ڏوهاري سياسي پارٽين سان به تعلق رکن ٿا ته، مذهبي پارٽين سان به. هن ۾ تحريڪ طالبان جا ماڻهو به آهن، ته انڊر ورلڊ گينگ جابه. ابراهيم دائود، ٽائيگر ميمڻ، شعيب خان، حاجي ابراهيم عرف ڀولو سميت ڪيترائي خطرناڪ ترين گئنگسٽر به ڪراچي ۾ پاڻ کي ڪافي محفوظ سمجهن ٿا ۽ هتي ڊرگ سمگلنگ، هيومن ٽريفڪنگ سميت هر غير قانوني ڪم وڏي سولائي سان ڪن ٿا. دهشتگرد قرار ڏنل ڪالعدم تنظيمون ڪراچي جي مدرسن ۽ مسجدن ۾ بنا ڪنهن خوف ۽ خطر جي ڪم ڪن ٿيون. ان کان علاوهايم ڪيو اي، اي اين پي۽ پيپلز پارٽي جا هٿياربند ٽولا به سرِعام ڪم ڪن ٿا. ان جو واضع ثبوت سنڌ جي اڳوڻي گهرو وزير ڊاڪٽر ذولفقار مرزا جو فلور آف دي هائوس ۾ اهو بيان ته ڪراچي جو امن مصلحت ۽ مفاهمت جي ڪري خراب آهي، جيڪڏهن ان کي هڪ مهيني لاءِ آزاد ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي ت هو ڪراچي ۾ امن آڻي سگهي ٿو. پيپلز پارٽي جي هڪ ذميوار شخص جو بيان ان ڳالهه جي واضع نشاندهي ڪري ٿو ته ڪراچي ۾ غنڊاگردي، دهشتگردي، ڀتو وصولي، سياسي پارٽين جي پاڇي هيٺ ٿئي ٿي.2009 ۾ ڪراچي ۾ قتل ٿيڻ وارن جو انگ 1747 آهي. 2010 ۾ قتل ٿيڻ وارن جي انگ ۾ واڌ آئي ۽ 1981 ماڻهن کي قتل ڪيو ويو. 2011 ۾ 2200 ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا ۽2012.ع ۾ مارجي ويل ماڻهن جو انگ 4 هزار آهي، جڏهن ته 2013 ع جي هن هلندڙ پهرين مهيني جي آخري ڏينهن تائين 75 ماڻهو مارجي چڪا آهن، ايتري وقت ۾ ٿيل قتل وغارت شايد ئي دنيا جي ڪنهن شهر ۾ ٿيندي هجي. سيڪيورٽي ادارا ڪراچي ۾ بدامني کي روڪڻ کان لاچار ۽ بي وس نظر اچن پيا. حڪومت ۾ ويٺل اتحادي ڌريون هڪ ٻئي تي الزام هڻي پنهجا گناهه لڪائڻ ۾ پوريون آهن. وڏو وزير چئي ٿو خير آ ڪو مسئلو نه آهي، وڏن شهرن ۾ ايئن ٿيندو آهي. هيڏي وڏي شهر ۾ايترا قتل ٿيڻ ڪا وڏي ڳالهه نه آهي. گورنر صاحب اعلان ٿو ڪري ته اچو ته توهان کي به هٿيارن جا لائسنس ڏيان، باقي وڙهو پاڻ، حڪومت جو آسرو نه ڪيو. جيڪڏهن ڪو ماڻهو هن حڪومت مان اها اميد ٿو ڪري ته اها ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال کي بهتر ڪندي ته اها سندس ڀُل آهي. ڇاڪاڻ ته جيڪو مسئلن جو پاڻ سبب هجي اهو مسئلو حل ڪئين ۽ ڇو ڪندو؟ڏيڍ سال اڳ اي اين پي سينيٽ ۾ بل پاس ڪرايو ته، ”ڪراچي“ کي هٿيارن کان پاڪ ڪيو وڃي، جنهن ايم ڪيو ايمکي ڄڻ چيڙائي وڌو. جڏهن ايم ڪيو ايم کي هن بل تي اعتراض ڪرڻ جو ڪو ٻيو جواز هٿ نه آيو ته ”قائدِ تحريڪ جي دور انديشي“ کي استعمال ڪندي جواز ڄاڻايو ويو ته هي آپريشن اصل ۾ متحده کي ڪچلڻ لاءِ ڪيو پيو وڃي، تنهن ڪري اسان هن بل جي مخالفت ٿا ڪيون. متحده قومي موومينٽ جي ورڪرن کي لنڊن ماننياپو آيو ته هو ڏکئي وقت لاءِ تيار رهن ۽ مشڪل وقت ۾ مڙس ٿي مقابلو ڪن. ان کان پوءِ تڪڙو ئي متحده قومي موومينٽ طرفان قومي اسيمبلي ۾ هڪ بل منظور ڪيو ويو ته ”پاڪستان“ کي هٿيارن کان پاڪ ڪيو وڃي. جنهن جي وري اي اين پي مخالفت ڪري ڇڏي. عجيب منطق آهي ۽ ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي. جيڪڏهن جسم ۾ ڪٿي زخم يا ڌڪ لڳي ته رڳو ان جاءِ تي مرهم لڳائبو آهي نه ڪي سڄي جسم ۾. بهرحال ايم ڪيو ايم ڪراچي کي هٿيارن کان پاڪ ڪرڻ کان پهريان سڄي پاڪستان کي هٿيارن کان پاڪ ڪرڻ سان مشروط ڪري ڇڏيو ظاهر آهي جيڪا سياسي ڌر، سياسي توڙي عسڪري طور ڪراچي ۾ ايڏي منظم ۽ مضبوط هجي جو پنهجي آقا جي هڪ اشاري تي پوري ڪراچي کي صرف هڪ ڪلاڪ ۾ اپاهج ڪري سگهي، اها ڪيئن چاهيندي ته هنن جي هٿن مان هٿيار کسيا وڃن. ڪو آخر ڪيئن چاهيندو ته نيٽو جي ڪنٽينرس مان وڏي تعداد ۾ گڏ ڪيل هٿيارکسيا وڃن. پارٽي چندي جي نالي تي جيڪو روزاني جي حساب سان ڪروڙين رپين جو ڀتو گڏ ٿئي ٿو اهو آخر هٿيارن کان سواءِ ڪيئن ممڪن ٿي سگهندو. هٿيارن کان بنا اليڪشن ۾ دهشت ۽ وحشت، ڏاڍ ۽ ڏمر جي آڌار تي مخالفن کي ڪيئن هارائي سگهبو.حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته پيپلز پارٽي جا وزير ۽ مشير پڻ اوچتو ڪراچي ۾ فوجي آپريشن جا حامي ٿي بيٺا، روز ڪو نه ڪو بيان ڏيڻ لڳا ته ڪراچي جون حالتون ڏاڍيون خراب آهن تنهن ڪري ڪراچي ۾ فوجي آپريشن اڻٽر آهي. سنڌ حڪومت ۾ شامل پ پ جا وزير جيڪي اڳ اهو چئي رهيا هئا ته ”خير آهي، هيڏي وڏي شهر ۾ هيترا ماڻهو مرڻ ڪا وڏي ڳالهه نه آهي.“ انهن وڏي واڪي چيو ته ڪراچي کي دهشتگردن مان جان ڇڏائڻ لاءِ فوج کان مدد وٺڻي پوندي. مسلسل پنجن سالن تائين هي ڪراچي ۾ ٿيندڙ خونريزي ۾ برابر جا شريڪ رهيا آهن پر هاڻي هنن کي احساس ٿيو آهي ته ڪراچي هنن جي هٿن مان نڪري چڪو آهي. ڇو ته ڪراچي ۾ هنن مفاهمت جي نالي تي جيڪو گند ڪيو اهو صاف ڪرڻ گهٽ ۾ گهٽ حڪومت جي وس جي ڳالهه نه آهي. تنهن ڪري هو چاهين ٿا ته ڪا ٻي قوت اچي هنن جو گند صاف ڪري.سنڌ پيپلز لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ کان پوءِ سنڌ ۾ قوم پرست جماعتن ۽ فنڪشنل ليگ جي وڌنڌڙ مقبوليت پڻ پيپلز پارٽي جي سنڌ ۾ روايتي اثر رسوخ کي ايندڙ اليڪشن ۾ ڪافي نقصان پهچائي پئي. اهڙي نقصان کان وڌيڪ بچڻ لاءِ پيپلز پارٽي ڪراچي کي قرباني جو ٻڪرو بڻائڻ چاهي ٿي. هن سڄي صورتحال ۾ معلوم ايئن پيو ٿئي ته ڪا به سياسي ڌر ڪراچي ۾ امن و امان لاءِ سنجيده نه آهي. ماضي جيان ڪراچي کي پنهجي سياسي مُهم جوئي لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي ۽ هر سياسي جماعت پنهنجو پنهنجو ڪارڊ استعمال ڪري لسانيت جي بنياد تي ڪراچي ۾ پنهنجو اثر رسوخ وڌائڻ چاهي ٿي.
هن سڄي صورتحال ۾ معلوم ايئن پيو ٿئي ته ڪا به سياسي ڌر ڪراچي ۾ امن و امان لاءِ سنجيده نه آهي. ماضي جيان ڪراچي کي پنهجي سياسي مُهم جوئي لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي ۽ هر سياسي جماعت پنهنجو پنهنجو ڪارڊ استعمال ڪري لسانيت جي بنياد تي ڪراچي ۾ پنهنجو اثر رسوخ وڌائڻ چاهي ٿي.
هن سڄي ليک ۾ سڀ ڳالهيون سچيون ۽ کريون لکيون اٿس، ڪراچي واقعي هاڻي نان اسٽاپ آهي۔ پر ڪٿي به اسان جي پنهنجي قومپرست پارٽين جو ذڪر ناهي، جن ۾ شامل ڪجهه مفاد پرست عنصر پنهنجي ئي ماڻهن کي پريشان ڪري رهيا آهن۔۔۔ 1۔ موسميات کان اڳتي، مني بسن کي اچڻ کان روڪڻ (جنهن سان اسان جا پنهنجا ئي ماڻهو متاثر ٿين ٿا) 2۔ روز روز جا سنڌي علائقن ۾ ڪيل ڀتاخوري جا واقعا۔ 3۔ اسڪولن کي بند رکڻ لاء انهن کي مليل ڌمڪيون ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مٿيان ڪم ڪو ٻيو نه پر اسان جون پنهنجون ئي پارٽيون ڪري رهيون آهن۔ جن جي خبر ڀليء ڀت پارٽي اڳواڻن کي به آهي۔ پر پوء به ڪجهه نه پيو ٿئي۔ مان ڊڄي رهيو آهيان ته ڪٿي اسان جا علائقا به لياري يا قاسم آباد نه بڻجي وڃن۔
ڪراچي جي اهڙين خراب حالتن جا ذميدار اسان پاڻ به آهيون، اسان جي قومپرست پارٽين اڄ ڏينهن تائين ڪراچي ۾ رهندڙ ڌرتي ڌڻين جا مسئلا سمجهيا ئي ڪونهن، انهن به اهي ئي ڪم شروع ڪري ڏنا جيڪي هتي اڳ ئي لساني تنظيمون ڪري رهيون آهن، يا جن غير قانوني ڪمن جي هن ليک ۾ نشاندهي ٿيل آهي، ٿيڻ ته ائين گهربو هو ته جڏهن اهڙيون بدتر حالتون غير سنڌي تنظيمن پاران ٿي رهيون هيون ته ڌرتي ڄاين کي هڪ منظم طريقي سان ڪا نه ڪا حڪمت عملي جوڙي ڪراچي جي نازڪ مسئلن تي غور و فڪر ڪري ان جو ڪو حل ڳولهن، پر ائين نه ٿيو، هتي اچي احتجاج ته ڪن ٿا، بس پريس ڪلب تائين مارچ ڪن ٿا، پنهنجي پارٽي جا جهنڊا کڻي اچن ٿاپر ڪراچي ۾ رهندڙن ڌرتي ڌڻين سان ٿيندڙ ويساهه گهاتين لا ڪي به اپا نٿا ورتا وڃن، جنهن سبب هتي رهندڙن ڌرتي ڌڻين جي دلين ۾ پنهنجن قومپرست پارٽين کان بيزاري ٿي پئي آهي جيڪو هڪ وڏو قومي نقصان آهي۔ ٻيون غير سنڌي پارٽيون ڀل ڪهڙن به ڪڌن ڪمن ۾ رڌل هجن پر پنهنجي ٻولي وارن سان گهڻيون ئي همدرديون هجڻ ڪري اهي مظبوطي سان پنهنجو قلعو ٺاهيون بيٺيون آهن۔
سليمان وساڻ چئي ٿو هن سڄي ليک ۾ سڀ ڳالهيون سچيون ۽ کريون لکيون اٿس، ڪراچي واقعي هاڻي نان اسٽاپ آهي۔ پر ڪٿي به اسان جي پنهنجي قومپرست پارٽين جو ذڪر ناهي، جن ۾ شامل ڪجهه مفاد پرست عنصر پنهنجي ئي ماڻهن کي پريشان ڪري رهيا آهن۔۔۔ 1۔ موسميات کان اڳتي، مني بسن کي اچڻ کان روڪڻ (جنهن سان اسان جا پنهنجا ئي ماڻهو متاثر ٿين ٿا) 2۔ روز روز جا سنڌي علائقن ۾ ڪيل ڀتاخوري جا واقعا۔ 3۔ اسڪولن کي بند رکڻ لاء انهن کي مليل ڌمڪيون ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مٿيان ڪم ڪو ٻيو نه پر اسان جون پنهنجون ئي پارٽيون ڪري رهيون آهن۔ جن جي خبر ڀليء ڀت پارٽي اڳواڻن کي به آهي۔ پر پوء به ڪجهه نه پيو ٿئي۔ مان ڊڄي رهيو آهيان ته ڪٿي اسان جا علائقا به لياري يا قاسم آباد نه بڻجي وڃن۔ `````````````````````` معصوم سنڌي جواب ڏي ٿو ڪراچي جي سچل ڳوٺ کان وٺي گلشن حديد ۽ گگهر تائين جيڪا ڀتي خوري ٿئي پئي، ان ۾ نه ابراهيم ڀولي جا ماڻهو آهن نه وري ڇوٽي شڪيل ۽ عزير بروهي (عزير بلوچ)جا نه ئي جاويد لنگڙي، رضوان ڪٽا، صابر سناٽا، بلو بنگالي ۽ چئمبر گروپ جا..جيڪڏهن جاچ ڪندا ته اهي ”سورما“ ٻيا نه پر پنهنجا سنڌي ئي نظر ايندا. سچل ڳوٺ ۾ ڪير ڀتي خور آهي؟ ڪير پلاٽن تي قبضا ڪرڻ ۾ نالو ڪمائي چڪو آهي؟ ڪير چورن ۽ ڦورن کي پالي رهيو آهي؟ ان بابت عام خلق کي ڄاڻ گهٽ پر انهن کي ضرور آهي، جيڪي چُپ جو روزو رکي ويٺا آهن! دڪاندارن کان ڦر، گهرن ۾ گهڙي ننگن ۾ هٿ وجهڻ، ڪنن مان واليون ڇني لاهڻ، هٿ- ڪراين مان ڪنگڻ لاهڻ، اسڪول ۽ ڪاليج ويندڙ نياڻين کي سينڍون هڻي ڇڇڪارون ڪرڻ، عورتن جي پويان لور لور ٿي لڳڻ اها آهي سنڌي سورمن جي سورهيائي.!! جڏهن ڏاريا ڌوتا هٿيارن پنهوارن سان هلان ڪري اچن ٿا ته جُتي ۽ بوڇڻ ڦٽو ڪري پير تي زور ڏئي ڀڄي جان بچائڻ به ته هنن ئي سنڌي مار سورمن جو ڪم آهي. مجال آهي جو اهي سنڌي مار سورما تعليم جي فروغ لاءِ جاڳرتا جلوس ڪڍن!پر هي ته تعليمي ادارن تي قبضا ڪري اتي چورن کي ترسائڻ جو ڪم ڪن ٿا. ڪجهه ڏينهن اڳ شر ڳوٺ مان هڪ پريس رليز منهنجي نيوز ڪئبن تي پهتو، جنهن ۾ دانهن هئي ان دانهن ۾ درد هو ۽ درد نه بي درد.مون کي مٺيان ڏاڍي آئي ان شخص تي، جنهن ڪاليج جي گيٽ آڏو ويٺل ڳوٺاڻن کي هيسائڻ لاءِ پنهنجي لاٺڙين کي هٿيارن جا منهن کولڻ جو حڪم ڏنو.اهو شخص جيڪو ڪراچي ۾سياسي پارٽي جي آڙ ۾قبضا ڪري اهي پلاٽ ڌارين کي وڪڻي ٿو.اسان ان شخص کي صحافتي اهڃاڻوي ٻوليءَ ۾ ”دلو“جي نالي سان سڏيون ٿا.”دلو“ لغوي اعتبار کان ڪهڙي معنيٰ ۽ مفهوم پنهنجي جوهر ۾ رکي ٿو، اهو اوهان ڄاڻو ٿا. اهو ”دلو“شخص هڪ ڊمي اخبار جو مالڪ آهي، جنهن جي وابستگي ظاهري طور هڪ سياسي جماعت سان آهي پر اصل سنگت ”لليچن“ سان اٿس ۽ ڪم وري ”وردي پوشن“ لاءِ ڪري ٿو. ان شخص سچل ڳوٺ کان وٺي سپرهاءِ وي تائين ڪا جيئري چرندي جونءَ ناهي ڇڏي. اسان جڏهن به اهڙن ماڻهن لاءِ آواز اٿارڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا ته اسان کي اهو چئي چپ ڪرايو وڃي ٿو ته ”پنهنجا آهن، ڀل ڌاڪو ڄمائن“ ”پنهنجا آهن ڀل ڌاڪو ڄمائن“ ٻڌي لڱ تپي وڃن ٿا، اسين جي پوءِ به نه مڙياسين ته شڪايت اها ٿيندي ته ”پهريان انهن ڌارين جي رستي روڪ ڪيو، جن ڪراچي تي قبضو ڪيو آهي، پوءِ هنن غريبن جي لاک لاهيو“ جيتوڻيڪ هنن جي اها شڪايت ته ”پهريان انهن ڌارين جي رستي روڪ ڪيو، جن ڪراچي تي قبضو ڪيو آهي، پوءِ هنن غريبن جي لاک لاهيو“ ۾ وزن آهي گڏوگڏ اهڙي گُهر به ته:جڏهن وڏا واڳون وات پٽيو ويٺا آهن تڏهن ننڍي مڇيءَ جو ڇو شڪار ڪجي. سو ايئن ئي گناهه گارن کي پاڻ وٽ بچائڻ جا جذباتي نسخا موجود آهن. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سچل ڳوٺ کان وٺي جيڪا ڪراچي اندر مني سنڌ آهي سا لياري ۽ قاسم آباد جي شڪل اختيار ڪري چڪي آهي، جيڪي ڪجهه اُتي ٿيو ۽ ٿئي ٿو، اهو وري هتي به ٿئي ٿو ۽ ٿي رهيو آهي.
”پنهنجا آهن ڀل ڌاڪو ڄمائن“ اوهان سڀ ڪجهه کي ويا آهيو ۔۔۔ تنهنڪري صرف اهو چوندس ته اهڙي حالتن ۾ اسان سنڌين جي نه ته ڪو سار لهڻ وارو آهي ۽ نه ئي ڪا معجزانه طور اسان جي حالت سڌرندي۔ ڪاش انهن پارٽين کي سمجهائي ته اوهان سان جو 60 سالن کان ماڻهو گڏ ناهن انهن جا سبب ڪهڙا آهن؟ يار معصوم سچ پڇين ته سنڌين جي حالت تي روز سوچيندي ۽ ڪچهريون ڪندي اسان کي ڪي پهر لڳي وڃن ٿا۔ اوهان کي جس هجي جو پوء به همت ڪري لکندا رهو ٿا۔