اَٺ مـِني ڪهاڻيون ٻه نگاهون پاڙي ۾ ٻن اوچين عمارتن جي اڏاوت جو ڪم هلي رهيو هو. اوچتو جهيڙو ٿي پيو. هڪ جڳهه جي دري ٻئي جي حد ۾ اچي رهي هئي. بس ٻنهي عمارتن جا مالڪ پاڻ ۾ اٽڪي پيا. ڳالهه ايتريقدر وڌي ويئي جوٻنهي ڄڻن هڪٻئي جي جڳهين کي ڊاهڻ جو فيصلو ڪيو. ڀر سان ئي گهر ۾ اڱڻ ۾ مـِٽيءَ سان ٻه ننڍڙا گهرڙا جُڙي رهيا هئا. هڪ ڇوڪرو ڀت ٺاهي رهيو هو ته ٻيو ڇت وجهي رهيو هو. ڇا ٻئي ڇوڪرا چريا هئا؟ بيل گاڏيءَ جا ڦيٿا چيڪاٽ ڪندا هلي رهيا هئا. گاڏيءَ واري چيو ته ڍڳا جيڪي گاڏي پيا ڇڪين، ماٺ آهن، پر هي نڪما اجايو پيا چين چين ڪن. ڪم ڪندڙ چپ آهن، نڪما ڀُٽڪڻ ٿا! (هنديءَ مان ترجمو) آزادي ۽ محبت هڪ عورت ننڊ ۾ سمهي پيئي هئي. سپنو ڏٺائين ته سامهون زندگيءَ جي ديوي بيٺي هئي. سندس هڪ هٿ ۾ ’محبت‘ هئي ته ٻئي ۾ ’آزادي‘. عورت کان پڇيائين: ”چؤ، توکي ٻنهي مان ڇا گهرجي؟“ عورت ڳوڙهي خيال ۾ پئجي ويئي، نيٺ ڪافي سوچ کان پوءِ وراڻيائين: ”آزادي“. زندگيءَ جي ديوي مشڪي چيو، ”تنهنجي پسند مون کي به پسند آئي. جيڪڏهن تون ’محبت‘ پسند ڪرين ها ته مان توکي ’محبت‘ ضرور ڏيان ها، پر تون مون کي ٻيهر نه ڏسين ها، پر هاڻي اُهو ڏينهن ضرور ايندو جڏهن مان تو وٽ وري به اينديس. اُنهيءَ ڏينهن مان توکي ٻئي شيون ’محبت ۽ آزادي‘ ڏينديس.“ مون اُنهيءَ عورت کي ننڊ ۾ مشڪندي ڏٺو. (هنديءَ مان ترجمو) محبت ۽ حُسن هيءَ ڳالهه اُن وقت جي آهي، جڏهن نه محبت انڌي هئي ۽ نه وري حُسن گونگو هو. هڪ ڏينهن ٻئي پسار ڪري رهيا ته چوڏهينءَ جو چنڊ کـِڙيو. محبت جون نظرون چنڊ تي ڄمي ويون. حسن کي اِها ڳالهه ڏُکي ۽ اڻوڻندڙ لڳي. هن پنهنجي ساراهه ۽ چنڊ جي گلا ڪرڻ شروع ڪري ڏني. اِنهيءَ تي محبت کي ڏاڍي مَٺيان لڳي. ٻنهي ۾ لڙائي ٿي پيئي. حُسن اڳيان وڌي محبت جون اکيون انڌيون ڪري ڇڏيون ۽ محبت، حسن جي زبان ڪڍي ورتي. تڏهن کان محبت انڌي ۽ حسن گونگو آهي. (هنديءَ مان ترجمو) لُڙڪ ننڍڙو لُڙڪ ڦُڙو سفر تي نڪتو. مينهن جي مُند ۾ جڏهن اُهو هڪ نديءَ ڪناري پهتو ته ندي مٿس هڪ طنزيه ٽهڪ ڏنو. ”تو هڪ ڦُڙي جي ڪهڙي حقيقت آهي جو دنيا ماپڻ نڪتو آهين؟ ڪٿي گم نه ٿي وڃين!“ لُڙڪ کان چُپ رهيو نه ٿيو، وراڻيائين: ”چري! گم تون ٿي ويندينءَ جو گم ٿيڻ لاءِ پيدا ٿي آهين. مان ته ڪنهن نه ڪنهن جي اک جو تارو آهيان. جتي به ويندس، اک پنهنجي اندر ۾ جاءِ ڏيندي. مان دليون جوڙڻ نڪتو آهيان، پاڻ کي گُم ڪرڻ لاءِ نه. (تيليگو مان ترجمو) روشني هڪ ڏينهن منهنجي ڪچي گهر جي هوادان مان سج جي ڪرڻي داخل ٿي جاري ۾ رکيل ڏيئي کان پڇيو: ”اي مٽيءَ جا ڏيئا! منهنجي سمجهه ۾ نٿو اچي ته هي تنهنجو ڪارو مهانڊو رات جي اونداهيءَ ۾ ڪيئن روشني ڦهلائيندو هوندو!“ ڏيئي نهايت نرميءَ سان وراڻيو: ”بهتر ٿئي ها جيڪڏهن اُنهيءَ سوال جو جواب ڪار مُنهين اونداهي رات کان پُڇين ها، جنهن جي اونداهي هنج ۾ تنهنجو مُنهن سڀني کان اڳ ۾ روشن ٿئي ٿو.“ سج جوڪرڻو کسڪي ويو. مون ڏٺو ته ڏيئو جاري ۾ مُشڪي رهيو هو. (ڪنڙ مان ترجمو) جوت اُجهامي ويئي هو پنهنجو يڪتارو وڄائيندو، پنهنجيءَ ڌُن ۾ رمندو پئي ويو ته اوچتو تند ٽٽي پيئي. ساز بيهي ويو ۽ آواز به ساز جو ساٿ ڏنو. هُن اکيون کولي يڪتاري جي تندڏانهن ڏٺو، جيڪا بي ترتيبيءَ سان ڇڳل هئي. ”اَڻٽُٽ تار ڇڄي پيئي!“ هو ڀڻڪيو. سامهون بيابان اونداهيءَ سان سلهاڙجي ليٽيا پيا هئا، هڪ ڪُتي واريءَ ۾ ليٿڙيون پائي اوناڙي رهي هئي، هڪ گڏهه مٽيءَ ۾ ليٿڙيون پائي هينگون ڏيئي رهيو هو. سامهون هڪ ڌنار کير ڏُهي، منجهس تلاءَ جوپاڻي ملائي رهيو هو. ٻئي پاسي ٻنيءَ ۾ سُڪل ڪانا هوا ۾ ٺڪ ٺڪ ڪري رهيا هئا…۽ جهوپڙيءَ جي ڀرسان ٻه ماڻهو وڙهي رهيا هئا. اوچتو جهوپڙيءَ کي اچي باهه لڳي. منجهانئس هڪ عورت پنهنجن ننڍڙن ٻارن سان گڏ رڙيون ڪندي ٻاهر نڪتي، پر هُو وڙهڻ ۾ لڳا رهيا. اُن وقت جهنگ مان هڪ گدڙ جي اُوناڙ ٻڌڻ ۾ آئي. هڪ اوپري ماڻهوءَ اچي رڙيون ڪندڙ عورت کي ٻانهن کان ورتو ۽ سندس ٻانهن جا ڪنگڻ ۽ پيرن جا پازيب لاهڻ لڳو. معصوم ٻار دانهون ڪرڻ لڳو، پر هو وڙهندا رهيا…هڪ گهر جا ٻه ماڻهو…هڪ پيءُ جا ٻه پٽ… ٻه ڀائر. اُتان ڪو واٽهڙو لانگهائو ٿيو، جنهن وڌي ڌنار کان پڇيو، ”ڇاتي ٿا وڙهن؟“ ڌنار ٽهه ٽهه ڪري کلڻ لڳو ۽ چيائين، ”هيءَ اُها زمين آهي، جتي ڏڌ، مکڻ ۽ کير جون نديون وهنديون هيون، جتي محبت جو راڄ هو ۽…“ واٽهڙو اُداس ٿي ويو ۽ بيوسيءَ وچان چوڻ لڳو، ”هنن کي ڪڏهن ساڃهه ايندي! هنن کي سُڌ نٿي پوي ته هي ڪنهن جو نقصان ٿا ڪن!“ هن ڪنڌ مٿي کنيو ته ڌنار پنهنجي راهه وٺي هليو ويو هو ۽ سامهون شيطان وڏن وڏن لفظن ۾ لکي رهيو هو: اگر فردوس بر روُئي زمين است، همين است و همين است و همين است! واٽهڙو ڪجهه ڪڇيو ۽ سامهون پيل پٿر تي ويهي رهيو. سامهون اڃا ٻه ڀائر وڙهي رهيا آهن ۽ پريان شيطان ٽهڪ ڏيئي رهيو آهي. (هنديءَ مان ترجمو) آزادي ۽ غلامي سانوڻ جا وڻندڙ ڏينهن هئا. پٽن زمردي پوشاڪ پائي، ڏسندڙن جي دل ۾ هڪ عجيب خوشيءَ جي لهر پيدا ڪري ڇڏي هئي. هر طرف هر شيءِ خوشيءَ وچان جهومي رهي هئي. وڻن جي ٽارين تي پکين مٺيون ٻوليون پئي ٻوليون. اُن وڻندڙ وقت هڪ طوطو پنهنجي جوانيءَ جي نشي ۾ مٺا ٻول ٻوليندو وڻ تي وڃي ويٺو. ويهڻ شرط سندس چهنب مان دانهن نڪري ويئي جو ڪنهن شڪاريءَ جي ڦندي ۾ بيخبر طوطو ڦاسي پيوهو ۽ ڦٿڪڻ لڳو. اُن وقت کيس آزاديءَ جو احساس ٿيو ۽ گذريل زمانو سندس اکين جي اڳيان گذرندي ڏسڻ ۾ آيو. پر هاڻي اُهو خوشيءَ جو زمانو گذري چڪو هو ۽ هُو پڃري جي ماحول ۾ هري مري ويو هو. کانئس اڳيون آزاديءَ جو احساس وسري ويو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ شڪاري هڪ عقاب کي ڦاسائي طوطي جي سامهون پڃري ۾ بند ڪري ٽنگي ڇڏيو. باندي عقاب پنهنجي تکي ۽ تيز چهنب جي نوڪ سان پڃري جون لوهي سيخون ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو. سندس وات رتو ڇاڻ ٿي ويو؛ پير ۽ پڃري جون سيخون رت ٿي ويون؛ پر هو گگدام لاءِ مٿو هڻندو رهيو. سامهون ٽنگيل طوطي اهو حال ڏسي پڇيس، ”هي ڇا ٿو ڪرين؟“ ”مان پنهنجي وڃايل آزادي واپس وٺڻ چاهيان ٿو،“ عقاب وراڻيو، ”۽ اِنهيءَ ڪوشش ۾ آهيان.“ ”ائين ڪندي تون مري مِٽجي ويندين. اِنهيءَ کان بهتر آهي ته مون وانگر مزي سان آرام ڇونٿو ڪرين! آزاديءَ جو مزو تڏهن وٺي سگهين ٿو، جڏهن زندهه آهين،“ طوطي نصيحت ڪندي چيو. ”آزادي زندگي آهي، آءٌ غلاميءَ ۾ پاڻ کي مُرده سمجهان ٿو.“ آزاديءَ جي پتنگي مستاني انداز ۾ چيو. ”تون بيوقوف آهين. آءٌ ماني کائڻ کان پوءِ پنج ڏهه منٽ سيخن کي موڙڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان. پر تو وانگر چريو ناهيان جو جان جوکي ۾ وجهان.“ طوطي عالماڻي انداز ۾ چيو. ”آءٌ نٿو سمجهي سگهان.“ عقاب پاڳل بڻجي چڪو هو ۽ ڀرپور جوش سان سيخن تي حملو ڪري ڏنائين. رت ٺينڊيون ڪري وهڻ لڳو ۽ اوچتو سيخ ٽٽي پئي ۽ عقاب پنهنجا زخميل کنڀ هوا ۾ ڦڙ ڦڙائيندو آسمان جي خوبصورت ۽ آزاد فصا ۾ اُڏري اکين کان اوجهل ٿي ويو. پڃري ۽ اُن جي پاسن کان رت وهندو ڏسي طوطو گهٻرائجي ويو ۽ پاڻ کي آٿت ڏيندي چيائين،”ڪهڙي نه واهيات ڳالهه آهي پڃري جي سيخن کي ٽوڙڻ جي! ايڏي رت وهائڻ مان ڪهڙو فائدو؟ آءٌ هن وقت تائين پڇري جي سيخن کي ٽوڙڻ جي جيڪا ٿوري گهڻي ڪوشش ڪندو هئس، هاڻي اُها به نه ڪندس.“ (هنديءَ مان ترجمو) ماني کائڻي پاڻي پيئڻي مزورن مان گهڻن مٽي پئي ڪُٽي ته ڪي مٽيءَ ۾ پاڻي وجهي گارو ٺاهي رهيا هئا. منجهن ڪجهه عورتون به هيون. کانئن لوڪ گيت ٻڌي لکڻ جي بهاني آءٌ اُتي ئي ويهي رهيس. پهريائين دل ۾ آيو ته آءٌ به ڪٿي سُمهي پوان، پرالاجي ڇو اُنهن عورتن جي چهرن کي تڪڻ لڳس. سندن هر آواز منهنجي دل جي اونهاين ۾ گهڙي ٿي ويو. اُنهيءَ نوجوان اڻ پرڻيل عورت کي پراڻا زيور پاتل هئا. کيس نئين ڍنگ جي زيورن، ڪپڙن ۽ اُنهن جي انگن جي ڪهڙي خبر! کيس ڪيترن ئي ڏينهن کان ساڳيا ڪپڙا پاتل هلندا اچن. هُن جا ڪپڙا ڳاڙها هئا. هوءَ منهنجي ڀرسان مٽي ڪُٽي رهي هئي. مون سوچيو ته، ڪاش! هي سادي سودي اُنهن ڳاڙهن ڪپڙن جي رنگ جو مطلب سمجهندي هجي! اُنهيءَ عورت جي ڀيڻ مون کي ڪجهه لوڪ گيت ٻڌايا- سانوڻ جا گيت، شاديءَ جا گيت، گهرو وهنوار جا گيت، کيتن ۾ فصل لهڻ جا گيت- جيڪي مون پاڻ وٽ لکي ڇڏيا، پر منهنجو من اڃا نَون گيتن لاءِ اُتاولو هو. مون چاهيو ٿي ته اُها ڇوڪري مون کي پنهنجي مزوري ڪرڻ واري زندگيءَ جي باري ۾ گيت ٻڌائي- ڪو اهڙو گيت ٻڌائي، جنهن ۾ زندگيءَ سان شڪايت هجي. اوچتو مون کي گهر ۾ منهنجي ماميءَ جا چيل لفظ ياد آيا، جيڪي هن ڪجهه ڏهاڙا اڳ مون کي چيا هئا، جيڪي هاڻي منهنجن ڪنن ۾ پڙاڏجڻ لڳا: ”تون مون کي گيت ٻڌائڻ لاءِ چوين ٿو، پر اِهو ڇو نٿي پڇين ته ڪڻڪ جو اگهه ڪهڙو آهي؟“ مون ڳاڙهن ڪپڙن واري ڇوڪريءَ کان سندس نالو پڇيو. هوءَ چپ رهي. پر آءٌ کيس سُٿرو ڇڏڻ وارو نه هئس. مون کي سندس ڀيڻ اڳيئي نالو ٻڌائي ڇڏي هو: ’ماني کائڻي، پيئڻي.‘ اِهو ڪهڙو نالو هو؟ پر ٺيڪ ئي ته هو: ’ماني کائڻي، پاڻي پيئڻي.‘ آءٌ اکيون جهڪائي ويٺو هئس ۽ سوچي رهيو هئس ته ٺيڪ ئي ته آهي. ماني ۽ پاڻيءَ کان سواءِ سندس سوچ ۾ ٻيو ڇا ٿو اچي سگهي. ماني، پاڻي ۽ بس! اهي ٻه لفظ اُنهيءَ مزدور ڇوڪريءَ جي روپ ريکا ۾ اضافو ڪري رهيا هئا. (هنديءَ مان) (هي سموريون ڪهاڻيون سنڌ جي کاهوڙي ليکڪ ولي رام ولڀ ترجمو ڪري سنڌي ويس ۾ آڻي پڙهندڙن لا پيش ڪيون)
هي ڪهاڻي گهٽ۔۔نٽر وڌيڪ ٿو لڳي۔۔پر آهن تمام بهترين ڪاش اسان جو لوڪ ادب به محفوظ هُجي ها۔۔يقينن اسان جو لوڪ ادب به عالمي ليول جو اهي،پر افسوس جو محفوظ ناهي۔۔