ڪهاڻي اگهاڙو سـِج 1907 اٽيچمينٽ ڏسو رسيس ٿي چڪي هئي. ٻار پَٽين کي ميٽ هڻي. هاڻ ماني کائي رهيا هئا. ماسترياڻي ڪرسيءَ تي ويٺي ڀارت جي ”آزادي“ جي ڪهاڻي پڙهي رهي هئي. جليان والا جي بُت مان ٽمڪندڙ رت ۽ ڦاهين جي ڦندن کي چمندڙ گرم جسمن جي ڳالهه، هٿ ڪڙين ۽ پير ڪڙين جي ڇمڪڻ جو آواز… ڪاري پاڻيءَ ۾ ڳرندڙ گلابن جهڙيون جوانيون…قاتل جي ٻانهن جو زور آزمائيندڙ بهادرن جون للڪارون…صدين جي ٻاٽ اونداهي رات…۽ پوءِ آزاديءَ جو سج …رت جي رنگت…لهوءَ جي سڳنڌ.”سانئڻ!…اوسانئڻ!“ پنج ڇهه ڇوڪريون ماسترياڻيءَ جي ڪرسيءَ کي گهيري ويون. هن اکيون کڻي ڏانهنِ نهاريو. ”سانئڻ! دينو ريڙهيءَ واري جي ڌيءَ ديپا، شيلا جي ماني کائي وئي…سانئڻ!…چوري.“ کنڊ ۽ ڪوئلي جي ڊيپوءَ جي مالڪ گلاب داس جي ڇوڪري شيلا جي ماسيري منهن تي نفرت جو زهر پکڙيو پيو هو. ڪاوڙ وچان هُن جون ٿلهيون ۽ وڏيون ناسون ڦڙڪي رهيون هيون. هن ڪروڌ وچان خالي ٽفن کي ميز تي مٿان ڪري هنيو ۽ زمين تي پير سَٽڻ لڳي. ”وڃو، ديپوءَ کي وٺي اچو.“ ڇوڪريون ڀڄنديون ويون. ماسترياڻيءَ ڪتاب ٺپي رکيو. ديپوءَ جي اُن حرڪت تي کيس ڏاڍي مَٺيان لڳي. اُن مٺيان جو ڪارڻ ٻه ڏينهن اڳ دينوءَ جي عجب جهڙي گستاخي به هئي. اُهي سڀ ڇوڪريون اُن ڏينهن يونيفارم پائي نه آيون هيون. ماسترياڻيءَ کين گهر موٽائي ڇڏيو هو. دينو، ديپوءَ جي آڱر پڪڙيو اسڪول اچي ٺڪاءُ ڪيو هو. ”توهان هن کي نئون يونيفارم پائي اچڻ لاءِ چيو آهي؟“ هوءَ ٽـِڪ ٻڌي دينوءَ کي ڏسي رهي هئي. ”ها“، ماسترياڻيءَ کي پنهنجو ورندي ياد آئي. ”۽ هي ڏسو…هن جو سڄو چولو ڦاٽو پيو آهي…هيءَ ڪا اسڪول جي ڊريس ٿوروئي آهي.“ دينوءَ پنهنجي ڌيءَ جو چولو هن جي پيٽ تان مٿي کنيو ۽ ڌيءَ جي خالي پٺيءَ لڳل پيٽ کي ٻاڪُن سان ماپيندي چريائپ گاڏڙ انداز ۾ چيو: ”ڀيڻ…هن جهڙين ڇوڪرين کي ڦاٽل چولن جي ڪري مارڻ کان اڳ اُنهن جا چولا مٿي ڪري هنن جي ڍِڍَ جي ماپ به وٺنديون ڪريو، ته اُنهن جي ڍِڍَ ۾ ڪجهه آهي به يا نه؟“ ۽ هو اُن گهڙيءَ ئي هليو ويو. شايد انڪري به جو جيڪڏهن ڪي گهڙيون وڌيڪ اُتي ترسي ها ته هن جي اکين جي آلاڻ ماسترياڻيءَ کان ڳجهي نه رهي سگهي ها. ۽ هوءَ دينوءَ جي وڃڻ کان پوءِ ڪيتري دير تائين بُکن سبب ڦـِڪي ٿي ويل ديپوءَ کي ڏسندي رهي هئي. ڪيتري دير تائين سوچيندي رهي هئي، ڪجهه ڪاوڙ ۽ ڪجهه همدرديءَ سان. ڇوڪريون ديپوءَ کي چور جيان ٻنهي ٻانهن کان پڪڙي وٺي آيون. ديپا پنهنجون ٻانهون ڇڏائي واڇون اُگهڻ جي ڪئي. ”ڇڏيوسِ…هيڏي آ ڙي!“ هن ديپا کي ٻانهن کان پڪڙي پاڻ ڏي سَٽ ڏني. ”ٻُڌا!…سچ پچ ڳالهائجانءِ…تو هن جي ماني کاڌي آهي؟“ ماسترياڻيءَ جي نرڙ تي ڪاوڙ وچان گهنج پئجي ويا هئا. ”هائو، سانئڻ!“ ڇوڪري ڏڪي رهي هئي. ٺڪاءَ سان هڪڙي چماٽ هن جي ٻوٿ تي واڄو ڪري وئي ۽ هوءَ فرش تي ڪـِري پئي. هن جي چپ جي ٽُڪجي پوڻ جي ڪري رت سيمو ڪري وهڻ لڳو. ماسترياڻيءَ کيس پٺيءَ تي ٿڏو هنيو: ”اُٿي بيهه…“ ديپا ڪنبندي ڪنبندي اُٿي بيٺي. هن جا هٿ پاڻمرادو ٻڌجي ويا. ٻانهون ٻڌندي سُڏڪندي چيائين، ”سائڻ!…توهين پاڻ چونديون آهيو ته جيڪو سچ ڳالهائيندو…اُن کي مار نه ملندي…مون سچ ڳالهايو آهي ته سائڻ!…مون کي ٿڦڙ مليا آهن.“ ”سچ ڳالهايو اٿئي؟…ٻڌاءِ…شيلا کي ماني نه کائڻي هئي ڇا؟“ ماسترياڻيءَ ڪاوڙ ۾ ڏند ڪرٽيندي چيو. ”نه سانئڻ!…شيلا چيو هو ته هوءَ سويري ڏهي ۽ مکڻ سان اڦراٽا ڍَءُ ڪري کائي آئي آهي، کيس بک ناهي. هوءَ هر ڏينهن چوندي آهي ته هوءَ ايترو کائي ايندي آهي جو هن کي رسيس ۾ بک ناهي لڳندي. ”ديپا جي وات مان لفظ-اکين مان ڳوڙها، ڪرندا ٿي رهيا. ”هُن کي بک نه هئي ۽ هوءَ کيڏڻ کي لڳي ويئي هئي. مان سچ ٿي چوان سائڻ!…مون کي بک لڳي هئي. مون ڪلهه کان ماني ناهي کاڌي. مان سچ ٿي چوان.“ ماسترياڻيءَ جو کڄيل هٿ ڏڪي ويو. هن جي اندر ۾ ڪنهن اُڌمي ڦٿڪو کاڌو. هوءَ ڪرسيءَ تي ڊهي پيئي. ڇوڪرين کي ڀڄي وڃڻ جو چئي ديپا کي ويجهو سڏي کيس ڳل لائيندي چيائين، ڌيءَ!… تنهنجو سچ وڏو به آهي ۽ ڳرو به. تو وڏو سچ ڳالهايو آهي. ڪاش! ڪوئي ٻُڌي سگهي. “ 1905 اٽيچمينٽ ڏسو 1906 اٽيچمينٽ ڏسو (هي ڪهاڻي وريام سنگهه سڌو جي سرجيل آهي، جيڪو پنجابي جو سيبتو ڪهاڻيڪار آهي)
ماسترياڻيءَ جو کڄيل هٿ ڏڪي ويو. هن جي اندر ۾ ڪنهن اُڌمي ڦٿڪو کاڌو. هوءَ ڪرسيءَ تي ڊهي پيئي. ڇوڪرين کي ڀڄي وڃڻ جو چئي ديپا کي ويجهو سڏي کيس ڳل لائيندي چيائين، ڌيءَ!… تنهنجو سچ وڏو به آهي ۽ ڳرو به. تو وڏو سچ ڳالهايو آهي. ڪاش! ڪوئي ٻُڌي سگهي. ادا احساس بنا ماڻهو اخبار پُراڻي آ۔۔۔