سنڌي ٻولي اَمر آهي لعل پشپ هيءُ، هئن ڪيترو وقت هلندو، هن پاڻ کان پڇيو، مليل هڪ سـِٽَ جي خط کي کڻي، ڪجهه ڪرڻ کپي، ڪجهه ڪرڻو پوندو،ائين نه هلندو، ڪجهه سوچڻو پوندو، نئين سري کان، هن مسئلي کان فرار ٿيڻ مان ڪو فائدو نه ٿيندو، نقصان ٿيندو، نقصان ٿيو آهي، گهڻو نقصان ٿي ويندو، نيٺ هن کي هن جي ڪٽنب سوڌو فاقن ڪڍڻ جي نوبت تائين پهچائيندو. غريبيءَ کان هن کي ڊپ نه هو جو ڏهاڪن کان هن غريبي ڏٺي هئي. تنهن کان پوءِ به هن پاڻ کي غريب نه سمجهيو هو. هو غريب هو، پوءِ به غريب نه هو جو هن لاءِ غريب اُهو هو جنهن کي اڄ، هاڻي، اڄوڪو ويلو کائڻ لاءِ نه هجي. هن جي اهڙي حالت ڪڏهن نه ٿي هئي. ڪئن به، اُهو ميسر ٿي ويندو هو. هن ڦڪڙ جي زندگي گذري هئي ۽ ڪڏهن فڪر نه ڪيو هو. زال ۽ ٻين ٻارن سان گڏ ممبئيءَ جي شاهوڪار پسگرداين ۾ رهندي به هن کي هڪ ڀروسو هو ته هن کي ڏنل دماغ سنڌي ماڻهوءَ جو آهي. اُهو ڪهڙا به داء پيچ هلائي اَڄوڪو ويلو ميسر ڪري وٺندو. ۽ تنهن کان سواءِ، اِن طرح جي زندگيءَ جي چونڊ هن پاڻ ڪئي هئي. ڪنهن ٻئي هن تي نه مڙهي هئي. جوانيءَ جا پهريان سال هن ريلوي ۾ نوڪري ڪئي جيڪا هن کي راس نه آئي ۽ ڇڏي ڏني ۽ پوءِ نوڪريءَ نالي کان ئي هن کي چڙ ايندي هئي. هن وري ڪڏهن به ڪا نوڪري نه ڪئي. ڌنڌي کان، هن کي پهرين ۽ پوئين نوڪريءَ کان به وڌيڪ چڙ هئي. اَبن ڏاڏن جو ڌنڌو، ڪپڙن ڌوئڻ جي صابڻ جو ڪارخانو، هن جي اکين ۾ پاڻي ۽ نَڪَ ۾ گوبو ۽ منهن گندي بانس ۽ چمڙيءَ ۾ خارش پيدا ڪندو هو. ڏهاڪا ٿيا، هن فيصلو ڪيو هو ته هو نه نوڪري ڪندو، نه ڌنڌو ڪندو. اُنهن ٻنهي جي وچ ۾ اهڙو ڇا آهي جو کاڌي جو ويلو به ميسر ڪري ڏئي، ۽ پوءِ به، نه نوڪري هجي، نه ڌنڌو هجي. ان معاملي ۾، هن پاڻ ۾ پاتو، پڙهائي سگهجي ٿو، ڪنهن کي به، ڪنهن درجي تائين، ڪنهن به وشيه تي. هن اِلاهي علمن جو مطالعو ڪيو آهي، هو اول درجي جو بڪبڪيو آهي، ڳالهائڻ ۾ هو هوشيار آهي ۽ اِن فن هن جو نج پنهنجو ڍنگ آهي ۽ هو ماسترن جو ماستر ۽ پروفيسرن جو پروفيسر رهي چڪو آهي. پر ان لاءِ ماستري-پروفيسري ڪرڻ، اسڪول-ڪاليج ۾، جي معنيٰ ٿيندي، وري به نوڪري ڪرڻ، ۽ وڏي ڳالهه. سڀاڻي جا ڪاٽڪو ۽ گنهگار پيدا ڪرڻ. تنهنڪري هن خانگي ٽيوشنس ڏيڻ شروع ڪيون، جيئن هن جي زال پهرين ئي ڪندي هئي. پوءِ هنن پنهنجو پاڻ ۾ اِهو سمجهوتو پيدا ڪيو ته هوءَ ٽيوشن ڏيندڙ ننڍن ٻارن جي وڏن ڀائرن-ڀينرن کي هن وٽ موڪليندي ۽ هو موٽ ۾ وڏي ٻارن جي ننڍن ڀائرن، ڀينرن کي هن وٽ موڪليندو. اِن بندوبست ۾، هنن جي اڄوڪي ويلي جون 75 سيڪڙو شيون ميسر ٿي ويون. باقي 25 سيڪڙو ميسر ڪرڻ لاءِ هن پارٽ ٽائيم اهڙو پيشو اختيار ڪيو جيڪو به، ٽيوشنس وانگر نه نوڪري هو، نه ڌنڌو هو. هن چوطرف پنهنجي سنڌي قوم طرف نهاريو ۽ هن جو باقي گهربل 25 سيڪڙو اڄوڪي ويلي جو پاڻمرادو پيش ٿي آيو. ٻيڙيون ۽ پانَ جا دڪاندار، تيل، ملائيءَ جي دلالي ڪندڙ، گانٺيا-پاپڙيون تريندڙ، اُلها سنگر جي گُپن، چـِڪن مان ٽان ٽان ڪندڙ ڏيڏر پڪڙي بامبي جي ڪاليجن جي لئبارٽرين کي وڪڻندڙ، شرت بابوءَ ۽ گرديو ٽئگور جا سنڌيءَ ۾ ترجما ڪندڙ، شاديءَ جا ڳجها راز، گڻوان ٻار ڪئن ڄڻجن کان وٺي گرو گرنٿ صاحب ڇپيندڙ، وڏا پبلشر بڻجي ويا هئا. سنڌي ساهت جي سيوا ڪرڻ سان گڏگڏ پيٽ پوڄا جي سيوا ڪرڻ جهڙو پوتر سنگم هن گنگا، جمنا جي سنگم ۾ به نه ڏٺو هو. پيٽ جي معاملي ۾، ڪتابن ڇپائڻ لاءِ ڪي اڻوڻندڙ، سمجهوتا لازمي هئا. گهڻو تڻو، سنڌي ناولن ۾ جوان ڇوڪريون عاشق-مڙس ڳولهينديون هيون، يا وري، وڌوائون جيڪي ٻيهر شادي ڪرڻ کان محروم رهجي ويون هيون، ٻنهي قسمن جي جنس مونث، گهڻو تڻو، عامل طبقي مان ايندڙ. ٻنهي طرح جي جوان ڇوڪرين کي جهر جهر ڪري وهي آيل ڳوڙهن سان آلاٿي ويل هنن جي نيرڻ، منجهند جي ماني ۽ رات جي کاني جا اڻٽرانگ هئا. اِهي سڀ بيان، حقيقتون، هن ڪهاڻيءَ ۾ وجهڻ، اجايون آهن، ،مکيه خبر اِها ته مطلب ناولن جو مارڪيٽ آباد هو. خالي، ناولن جي چونڊ دماغ سان ڪرڻ گهرجي، يعني، بي دماغ سان. اصلوڪا ناول، جيڪي بالغ هوندي به نابالغ ليکڪن طرفان، نابالغ ڇوڪرين ۽ ٻڍين وڌوائن لاءِ هجن. ڇاڪاڻ ته سنڌيءَ ۾، شرت بابوءَ ۽ ٽئگور جا، خاص ڪري، شرت بابوءَ جا ڪتاب، ٻه ٻه ڇاپا ڇپجي ويا آهن ۽ خلاص ٿي ويل آهن ۽ ٽئين ڇاپي جي مارڪيٽ ۾ گهرج نه آهي، تنهنڪري اُهي ناول چونڊيا وڃن جيڪي بنگالي هجن، ۽ ناول لکندڙ شرت بابوءَ ۽ ٽئگور جا پوئلڳ هجن، اُنهن پوئلڳن جون پوڄارڻيون سدا موجود هيون. ۽ ائين هو به هنن مان هڪ ڪامياب پبلشر بڻجي ويو. هو هر مهيني ناول ڇپڻ لڳو، پورائو نه ٿيو،گهرج وڌيڪ هئي، مارڪيٽ وڏو هو. هن هر مهيني ٻه ٻه ناول ڇپائڻ شروع ڪيا. مالَ کان وڌيڪ پئڪنگ اهيمت واري هئي. هن ڇوڪرين، زالن جا خوبصورت فوٽا، ڪورَن تي ڇپڻ شروع ڪيا. الاهي وڪاميا. ديس توڙي پرديس جي سنڌين ۾. پيسا، نلڪي هيٺان پاڻيءَ وانگر وهڻ لڳا. هر ناول نڪرڻ سان اڄوڪو ويلو ته ننڍي ڳالهه،ايندڙ ڇهن مهينن جي سڀن ويلن جا کاڌا ميسر ٿي ويا. ۽ پوءِ اوچتو آفت آئي. اوچتو آئي يا اُن جا اِرڪان، شروع کان، ڪن ٻاهرين حالتن جي دٻاءَ هيٺ، پنهنجون سازشون جاري ڪري ويٺا هئا، ان جي خبر اڄ تائين نه پئجي سگهي آهي. چوڌاري دانهن اُٿي ته ڪتابن جو وڪرو ۽ پڙهندڙن جو تعداد ڏاڍو گهٽجي ويو آهي. هن جي هٿ ۾ خط هو. هڪ ئي سٽ لکيل هئي: توهان جي موڪليل تازي ناول جون چارَ ڪاپيون، هميشه وانگر مليون، ٻن مهينن ۾ پنجاهه به نه وڪاميون آهن. آئينده مهرباني ڪري، ڪنهن به نئين ناول جون فقط ويهه ڪاپيون موڪليندا جن مان بچيل واپس ڪيون وينديون. هاڻي هو ڇا ڪري؟ ڪيڏانهن وڃي؟ ٻين جي حالت به خراب هئي. تيل-ملائي وڪڻندڙ پبلشر باقي پبلشرن جومنهن ڪارو ڪري آيو. خبر ملي ته هن ڪتابن جو باقي بچيل سڄو اسٽاڪ هڪ بوڪ اسٽال وٽ رپئي جي 25 پيسن ۾ وڪڻي آيو. خبر خوف ڦهلايو ۽ باقي به پنهنجو پنهنجو اسٽاڪ ساڳئي اگهه ۾ نيڪال ڪري آيا. دوڪان بند. سنڌي ادب برباد. فقط هڪڙو پبلشر نَود ٿي ويٺو، جو هو پنهنجي سنان گهر ۾ کسڪي وڃڻ جي حالت جي ڪري نلڪي سان وڃي ٽڪريو هو ۽ بيهوشيءَ جي حالت ۾، ڀڻ ڀڻ ڪري رهيو هو، ’مان نه وڪڻندس، مان نه وڪڻدس…‘ هاڻي، پوءِ جو سوال ’هاڻي‘ هوندي ئي ’پوءِ‘ آهي. پورت ڪئن ٿيندي؟ ته اوچتو: هن جي گهر جي گهنٽي وڳي. گهر ۾ ڪو به نه هو. هن پاڻ وڃي دروازو کوليو. سامهون، اڇن ڪپڙن ۾، اَڻ سڃاتل شخص، سڃاتڻ ۾ ئي سنڌي هو. -سائين، هري رام. -اچو. -اندر اچان؟ -هو اندر آيو. -مان سيٺ نهالچند آهيان. -حڪم ڪريو، -مان ويهي سگهان ٿو؟ -ويهو. -هو ويٺو. -مان هت کار ۾ ئي رهندو آهيان. -حڪم ڪريو. -حڪم ڇا جو، وينتي آهي. -پنهنجو گهر سمجهو. -مون کي سنڌي ڪتاب کپن. هن جومٿو چڪرائڻ لڳو. هن کي سنڌي ڪتاب کپن، سنڌي ڪتاب ڪنهن کي ڪو نه کپن، هن کي کپن، هيءُ ڀڳوان پاڻ ڪهي آيو آهي، دکين جا درد دور ڪرڻ لاءِ. ڪير ٿو چئي ته سنڌي ڪتابن جو وڪرو ويهجي ويو آهي؟ هيءَ سنڌي بوڪ اسٽاڪ وارن جي گڏيل سازش آهي. هو ڄاڻي واڻي گراهڪن کي ڪتاب نٿا ڏين ته جيئن ڇپيندڙ ڏيوالو ڪڍن، پنهنجون پبليڪيشنس بند ڪن ۽ جمع ٿي ويل اسٽاڪ هنن وٽ ئي رديءَ جي اگهه ۾ وڪڻي اچن. ٻئي پاسي، وري،هن جو، هن جهڙن جو، ڌيان ئي نه ويو آهي ته سنڌي ڪتاب ڇپيندڙن جي ماڻهن وٽ لسٽ آهي، ائڊريس آهي، فون نمبر آهي. هو هروڀرو بوڪ اسٽالن وٽ وڃي پنهنجو وقت برباد ڇو ڪن ۽ اِهو به مڃڻ گهرجي ته ڪا به ٻولي ائين نه مرندي آهي. مٿان وري ههڙيءَ سهڻيءَ مٺيءَ ٻوليءَ جي مرڻ جو ته سوال ئي نٿو اُٿي جيڪا پنج هزار سال پراچين آهي. اسان جا ماڻهو شاهه، سچل، ساميءَ کي ڪيئن وساري وِهندا؟ ٺيڪ آهي، ڪتابن جو وڪرو گهٽجي ويو آهي ته ڪهڙي ثابتي آهي ته اُھو سڀاڻي نه وڌندو، اهو گهٽجڻ وڌجڻ ته دنيا جو دستور آهي. هڪ سڀاڳي ته ائين به لکيو آهي ته سنڌي ٻولي زندهه رکڻ واسطي ۽ پنهنجي سنسٿا لاءِ دان پڃ وٺڻ واسطي جڏهن هو ائميريڪا جي سنڌين وٽ ويو ته جهولَ ڀري ڇڏيائونس، پنهنجي ليک ۾ هن سنڌين کي خاطري ڏني آهي ته هت هندستان ۾ برابر سنڌي مري وئي آهي پر سنڌي ائميريڪا جو هر ڳالهه ۾ نقل ٿا ڪن تنهنڪري هندستان جا سنڌي ائميريڪا جي سنڌين جو نقل ڪري پنهنجي ٻولي زندهه ڪندا. هن مٿي نهاريو ۽ پاڻ کي پڪڙي ورتو ۽ بيحد پڇتايو. هو پنهنجي خوش خيالن ۾ ايترو غرق ٿي ويو هو جو آيل ڀڳوان کي به ڀلجي ويو هو. مون کي معاف ڪجو. -مون دل ۾ نه ڪيو آهي. -ڪهڙا ڪتابَ کپنوَ؟ - مون کي خبر نه آهي، توهان ٻڌايو. -ڪتاب توهان کي کپن، مان ڪيئن ٻڌايان؟ -ٻڌايو توهان، مون کي ڪتاب کپن. -مون کي سمجهه ۾ نه آيو. -مان سمجهايانوَ، منهنجو ڌنڌو وڏي پئماني تي هلندڙ آهي. مان شيئر مارڪيٽ ۾ آهيان. منهنجا سڀ دوست گجراتي آهن. هو جڏهن به هنن جي گهر وڃان ته هنن وٽ گجراتي ڪتاب ڏسان. هو جڏهن به منهنجي گهر اچن ته عجب کائن ته منهنجي گهر ۾ سنڌي ڪتاب ڇو نٿا نظر اچن. مون کي سٺو نٿو لڳي. اسان سڀن کي سُڌ آهي ته ٻولي ماءُ ٿيندي آهي. مون فيصلو ڪري ورتو آهي ته مان پنهنجي گهر ۾ سنڌي ڪتاب رکندس. -توهان وانگر ٻيا سنڌي به اِن طرح سوچين ته مون کي وشواس آهي ته اسان جي ٻولي اَمر آهي. -سڀ سڻائي ٿيندي. مان ته خوش آهيان، ورهين کان پوءِ اسان جي گهر ۾ سنڌي ايندي. عجب لڳندوَ، مون مئٽرڪ ۾ سنڌي وشيه ۾ اَسي سيڪڙو مارڪون کنيون هيون. پر جلد ئي ڌنڌي ۾ گهڙڻ کان پوءِ مون کي ڪڏهن سنڌي پڙهڻ جو وقت نه مليو. ها، منهنجي گهر واريءَ پڙهڻ جاري رکيو. هوءَ سالن جا سال، گهٽ ۾ گهٽ، گهر ۾، اِها نالو ڇا اٿس، سنڌي هفتيوار نت نيم سان گهرائيندي هئي. پنجن سالن کان بند ڪئي اٿائين جو عينڪ جو نمبر وڌي هيس. باقي ٻارن جي ته توهان کي… -مان توهان کي اسان جا ڇپايل ڪتاب ڏيکاريان ٿو. -اصل تڪليف نه ڪريو. چوندي هن ٿيلهي مان هڪ پني ٽڪر ڪڍيو. منهنجي اڳيان رکيائين. ’مون پنهنجي گهر ۾ هڪ ڪنڊ وٽ ڪاٺ جو ٽي فوٽ ڊيگهه جو تختو وجهايو آهي. توهان بلڪل اوتريءَ ئي ماپ ۾ ايندڙ ڪي به ڪتاب ڏيو.‘