مُون مُطالع سُپرينِ!

'ڪهاڻيون' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏27 جنوري 2013۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    ڪهاڻي
    مُون مُطالع سُپرينِ!
    سانول
    ساڳي ڪراچي سڳوريءَ سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ. ساڳي بيچ لگزري هوٽل. ساڳيو پرنسيس روم. ساڳي ڪنڊائتي ٽيبل. ساڳيو ساگر. ساڳيو اوسيئڙو-ساڳي سونا جو! ’پر هُن کي ته شاپنگ تي وڃڻو هو مسز شاهه سان! متان نه وئي هجي! موٽي آئي هجي! ۽ ڪنهن به مهل در مان طلوع ٿي پئي!‘ پرنسيس روم جو در کليو. ساگر جا نيڻ کڄيا. نتاشا ۽ ماڻس اندر گهڙيون. نتاشا اڇي فراڪ، اڇن جورابن، اڇي بوٽ ۽ بواءِ ڪٽ وارن سان ڪيڏي نه سُونهي پئي! ’نتاشا هُن جي ڄائي نه هئي، پر هن adopt ڪئي هئي.‘ مسز شاهه ٻڌايو هوس. ’پر هن نتاشا کي سڳيءَ ماءُ کان به وڌيڪ پيار ٿي ڪيو.‘ اُهو پيار ته ساگر ڏسي به چڪو هو. صبح سوير جڏهن هوٽل لڳ هُو سمنڊ تي سج اُڀرڻ جي ڏيک ڏسڻ لاءِ اوڀر ڏانهن اکيون سَڃيو ويٺو هو، تڏهن نتاشا ڀر سانس ڊوڙندي لنگهي هئي ۽ پٺيان ماڻس جون رڙيون پئي پيون. ’نتاشا پليز- سمنڊ ڏانهن نه وڃ!‘ ۽ نتاشا ڀنڀوريءَ وانگر گوهي ڏئي وري لان ڏانهن هلي ٿي ويئي.
    Hi Natasha!
    ساگر ڪانٽي سان خالي گلاس تي هلڪو ردم ڏنو. Hi! How r u? i m fine! مَما، هي نوزماءِ نيم! نتاشا، ساگر ڏانهن اشارو ڪري، ماءُ کي چيو، جيڪا پليٽ ۾ هن لاءِ لنچ کڻي آئي هئي. نتاشا جي ماءُ ساگر ڏانهن ڏٺو. اکين ۾ مُرڪ جا ڏيئا ٻريس.
    پرنسيس روم جو در کُليو- رئيس ننڍو اندر گهڙيو- نتاشا جي ماءُ جي اکين ۾ مُرڪ جا ڏيئا وسامي ويا! رئيس ننڍي ڪرسي ريڙهي ويهڻ لاءِ، ته ساگر تي نظر پيس ۽ اکين ۾ رت ڀرجي آيس. پرنسيس روم ۾ هن جي رڙ ٻُري
    ويٽر ررر!
    رڙ تي ويٽر، هيڊ ويٽر ڊوڙندا اُتي پُڳا. رڙ تي پرنسيس روم ۾ لنچ ڪندڙن کان ڇرڪ نڪري ويو . پويان ويٺل اڪيلي چينياڻيءَ کان چمچو ڇڏائجي، ٽيبل تي لڳي پٽ تي وڃي ڪـِريو. لنچ ٽيبل تي بيٺل يورپين جوري جي هٿن مان پليٽون ڇڏائجي ويون ۽ ڪپڙا خراب ٿي پين! رئيس ننڍي هڪ هٿ نتاشا جي ٻانهن ۾ وڌو.
    ”هتي به ڄٽ اچي ٿا ويهن!“ هُن ساگر ڏانهن ڌڪار ڀري نهار اڇلي ”اسان کي لنچ ڪمري ۾ Serve ڪئي وڃي!“ ۽ پوءِ نتاشا کي ذري گهٽ گهليندو در ڏانهن وڃڻ لڳو ۽ هوءَ روئندي رڙندي رهي- ”پپا- پليز-مَما“ ۽ هن جي مَما ويچاري ڪجهه نه ڪري سگهي! پرنسيس روم جو در کُليو-بند ٿيو-۽ نتاشا سان سندس رڙيون به ٻاهر هليون ويون. ساگر هيڏي ساري ڀريل پرنسيس روم ۾ پاڻ کي هڪدم اڪيلو ڀانئيو. ۽ هو سونا کي سارڻ لڳو (جيڪا ڪڏهن وسري به نه هيس!)
    ”سونا!“ سونا جا ڪجرارا نيڻ کڄيا ”منهنجو توسان پيار ٿي ويو آهي!“ سونا ڪجهه چوڻ چاهيو پر ساگر چوڻ نه ڏنس ”مون کي ڳالهه پوري ڪرڻ ڏي.“ ۽ هوءَ چپ چاپ هن کي ٻڌڻ لڳي ”سچ پڇين، مون کي توسان، پهريون ڀيرو ملڻ پهريون ڀيرو نه لڳو. تون مڃين نه مڃين، پر مون اِها ڳالهه، پيار ٿيڻ واري، توکان پهرين، ڪنهن به ڇوڪريءَ کي نه چئي آهي! ائين ناهي ته مون ڪنهن کي چاهيو ئي نه هجي، پر اهڙو اظهار، پيار جو، مان پهريون ڀيرو توسان ئي ڪري رهيو آهيان- ۽ اهو به ضرور ناهي ته تون به اُهائي ڳالهه چئين جيڪا مون چئي آهي! تون نٿي چاهين نه چاهي آءٌ چاهيان ٿو اِهو- چاهه مون تي قرض آهي قرض لاهيان ٿو اِهو!“ سونا ڪا به ورندي نه ڏني ۽ اٿي Sea View restaurant مان وڃڻ لڳي. ساگر کيس پٺيرو ويندو ڏسندو رهيو. ۽ جڏهن هُن جي نظر کان اُلهي وئي، تڏهن ساگر پاڻ کي هڪدم اڪيلو ڀانئيو.بلڪل تن تنها، توڙي جو سي وِيو ريسٽارنٽ جون سڀئي ٽيبلون ڀريل هيون.-
    -در کي ڪنهن هلڪو کُڙڪايو هو، ۽ ائين اُن ٻه ڀيرا ڪيو هو. ٻيو ڀيرو تڏهن جڏهن ساگر چيو هو- ”کُليو پيو آهي“- پر نيٺ کيس اُٿڻو پيو هو، هن کي الاءِ ڪيئن ڀاسيو ته ٺڪ ٺڪ سان گڏ چوڙين جو ڇڻڪو به هو! هن در کوليو ته اُتي ڪو به نه هو. هن لفٽ ڏانهن لُوهه پاتي. لفٽ به ساڳئي فلور تي هئي. ڏاڪڻ ڏانهن ڊوڙيو. اُها به خالي خالي خاموش خاموش هئي. تڏهن ڪمري جي پوري کُليل در وٽ اڌ کُليل گلاب تي نظر پيس. ڊوڙي وڃي کنيائين ۽ مٿئين فلور ڏانهن ڏٺائين ته سونا کي ٿنڀي جي اوٽ ۾ ٿيندي پَسيائين ۽ پوءِ هن جي ڪمري جي در بند ٿيڻ جو آواز ٻڌائين. ساگر جي ٻُڪ ۾ اڌ کُليل گلاب ائين ٿي ڀاسيو ڄڻ دعا هجي! او کُليل گلاب جي چهچ سائي ڏانديءَ تي بوشيپ پـِنڪ رِبن ۾ ٻڌل دل جي شڪل جو ڪاڳر لرزي رهيو هو (يا شايد هن جا هٿ!) هو ائين اڌ کُليل گلاب ٻُڪ ۾ کڻي ڪمري ۾ آيو. شيشائين ڀت تان فل پردو هٽائي ڌڙڪندڙ دل ڏڪندڙ هٿن سان ڪاڳر کوليائين. لکيل هو
    ”منهنجي دل ۾ به اهائي ڳالهه آهي
    جيڪا توهانجي دل ۾ آهي.“
    اُن ڏينهن ساگر گهير واري سلوار تي آڏي ڳچيءَ وارو ڀرت ڀريل پهراڻ پهريو. ڪلهن ۾ اجرڪ پاتي. ڪانفرنس روم ۾ سڀني جون نظرون هن تي کُپي ويون هيون.
    چانهه جي ساهيءَ تي مسز شاهه کان رهيو نه ٿيو-
    -اڄ ته سنڌ جا شهزادا پيا لڳو!
    ”لڳان پيو!“ ساگر نراڙ گهنجايو.
    -نه نه- توهين ته آهيو! مسز شاهه ٽهڪ ڏنو.
    ۽ سونا جو مُک سونو ٿي ويو هو.
    پهرئين ڏينهن
    جڏهن ساگر ٽئڪسيءَ کي ڀاڙو ڏئي ڪائونٽر تي پنهنجي ڪمري جو پڇڻ ويو تڏهن ڪائونٽر لائونج ۾ کُتل مهورتي پٿر تي نهار پيس ۽ هو ڊائريءَ ۾ نوٽ ڪرڻ لڳو:
    Beach Luxury Hotel
    Opend by
    The Honourable Mr. M.AKhuhro
    The first Premier of Sindh
    In the Pakistan State
    Karachi, 21 Marh 1948.
    ساگر جئن ئي ڊائري ٺَپي تئن هڪ وينگس تي اک کُپي ويس. هوءَ پٺيري بيٺي هئي. مُڙي ته سندس ڇاتيءَ تي ڪانفرنس جو بيج ڏسي ڏانهنس لڙي ويو هو.
    -ايڪسڪيوز مي!
    وينگس ساگر ڏانهن ڪجرارا نيڻ کنيا ساگر انهن جو ٿاهه لهڻ لڳو.
    ”جي!“ ڪيڏو نه مڌر آواز هو اُهو! سامونڊي هوا ڪلهن تائين ڪٽيل هن جي ڀنڀن کي اُڏاريو اُڏاريو پئي وئي. ۽ هوءَ انهن کي ڪنول مُک تان هٽائڻ جا وئرٿ جتن ڪري رهي هئي. ’مان هٽايان!‘ ساگر چوڻ چاهيو.
    ”توهان ڪجهه چيو ڇا!“
    ساگر کي ڀاسيو هوءَ ته ذهن به پڙهي ٿي وٺي! ۽ شاهه سائينءَ جي سـِٽ ياد آيس-
    جا چتايم چـِتِ ۾، سڄڻ سا ٿو ٻُجهي!
    ”ها.“ ساگر کان ڪانفرنس روم بابت پڇڻ وسري ويو. ۽ هن جي چپن تي پنهنجي ئي هڪ نظم جون سٽون اُچارجي ويون:
    ”پاڻ اڳ ۾ به مليا آهيون ڪٿي
    پر ڪٿي سو ته نٿو ياد اچي!“
    ”اها ڳالهه توهين اڳ ۾ گهڻين ڇوڪرين کي چئي چڪا آهيو!“
    ”جي!“ساگر کان رڳو ايترو ئي اُڪليو.
    ”جي! پر هاڻي اِهي ٽَلون ڇوڪرين کي امپريس ڪرڻ جون، گهڻيون پراڻيون ٿي چڪيون آهن!“ ۽ پوءِ هوءَ، ساگر کي حيران پريشان ڇڏي، پريان بيٺل، مسز شاهه ڏانهن وڌي وئي هئي!
    ڪانفرنس ۾ پهريون سيشن تعارف ۽ ڪانفرنس جي ڪارج بابت هو. هوءَ ساگر جي سامهون واريءَ row ۾، مسز شاهه جي ساڄيءَ ويٺل هئي. هن جو نالو سونا هو، هوءَ گهوٽڪيءَ ۾ ٽيچر هئي. ساگر گهڻو ئي لنوايو پئي، پر نيڻ هر هر هن ڏانهن کڄي ٿي ويس. ”ساگر صاحب کي اسين سڀ هڪ شاعر جي حيثيت سان ته سڃاڻون ٿا، پر هتي پاڻ شاعر جي حيثيت ۾ نه، هڪ ماهر جي حيثيت ۾ شريڪ آهن!!“ سَررحمان، ساگر جو تعارف ته ڪرائي ڇڏيو هو، پر ساگر جئن ڪجهه چوڻ لاءِ اُٿيو ته سندس کاٻي پاسي واري row ۾ سڀئي نوجوان ٽيچر هئا، جيڪي سنڌ جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن کان آيا هئا. ۽ هُو منجهي پيو.
    ان صورتحال ۾ هو سدائين منجهي پوندو هو. مشاعري ۾ پڙهڻ لاءِ شعر هڪڙا چونڊيندو هو- پڙهندو ٻيا هو ۽ فرمائشون ٽين جون ٿينديون هيون. ڪامريڊ ڌڻي بخش ته سدائين ”سنڌ جند“ ٻڌائڻ لاءِ چوندو هوس، جيڪو ساگر کي ياد به نه هوندو هو، اهو نظم ته هن جي مجموعي ”دُکندو رهڻ- ۾ به ڇپيل هو، هو ته سدائين نوان شعر ٻڌائڻ چاهيندو هو، ”ساگر صاحب! ٿي وڃي.“ سر رحمان هن کي ان اِسٿتيءَ موٽائي نه سگهيو. هن سونا کي ڊائري کوليندي ڏٺو. کن اکن سوچيائين- پوءِ في البديهه چيائين:
    هر ڪنهن کي ڏک آهن
    مون کي به آهن
    سونا ڊائريءَ تي نوٽ ڪرڻ لڳي. ساگر سٽون ورجايون:
    هر ڪنهن کي ڏک آهن
    مون کي به آهن
    هر ڪنهن کي سُک آهن
    مون کي به آهن
    هر اک ۾ لڙڪ آهي
    مون کي به آهي
    هر چَپَ تي مُرڪ آهي
    مون کي به آهي
    پر مون کي
    ڏک آهي ته اِهوئي آهي
    اک ۾ لڙڪ آهي ته اِهوئي آهي
    ته ايڏو هوءَ اوير ملي
    ۽ مون کي
    سُک آهي ته اِهوئي آهي
    چَپَ تي مرڪ آهي ته اِهائي آهي
    ته هوءَ اوير ملي سوير ملي
    پر ملي ته سهي!
    ”سائين جوڙو ڪريو“ ڪنهن چيو. ساگر مُرڪيو ۽ نظم ٻڌائڻ لڳو:
    لکندي لکندي
    پين تان کڻي وتائين
    ۽ سوچيائين
    ڇو؟ ۽ ڪنهن جي لاءِ لکي؟
    هُن ته لکڻ مان اڄ تائين
    پـِيڙ ئي پـِيڙ پـِرائي هئي
    وصل ڪٿي به نه هو هُن لئه
    پني جي ٻـِن پاسن تي
    هئي ته صرف جدائي هئي
    هيڏن سارن تارن هوندي
    چنڊ جيان، هُن جي راتين ۾
    تنهائي تنهائي تنهائيهئي!
    ”ساگر صاحب! سنڌڙي جندڙي نظم ٻڌايو، اُهوئي چنڊ ۽ چڪور وارو نظم.“ ساگر ڪنڌ سان هائوڪار ڪئي. (پر هن سوچيو ته ڇا اُهو نظم ڪٿي ڇپيو آهي! سونا تائين اُهو نظم ڪيئن پهتو!) ۽ نظم ٻڌائڻ لڳو:
    اي منهنجي سنڌڙي
    اي جندڙي منهنجي
    چڪوري چنڊ کي چاهيو نه هوندو
    جيئن چاهيو آهه مون توکي
    اي منهنجي سنڌڙي
    اي جندڙي منهنجي!
    ساگر سيمينارن، ورڪشاپن، ڪانفرنسن، مهورتن، ميٽنگن کان وؤن ويندو هو. پرڊيوٽي- نوڪري ٽوڪري! من ۾ ايندو هوس ته اُها ٽوڪري مٿي تان لاهي اُڇلي پَٽ تي هڻي، پر پوءِ پوڙهي پيءُ، اگهي ماءُ، ننڍو ڀاءُ ۽ ڀيڻ اکين آڏو اچي ويندو هئس. سڄي گهر جو گذارو ساگر جي سُڪي پگهار تي هوندو هو. هن جي پيءُ ماءُ لنگهڻ ڪٽي، ڪپڙن ۾ چتيون هڻي، پورهيا ڪري هن کي پڙهايو هو.
    جڏهن ساگر پهريون آفيشل ٽوئر تي پشاور وڃي رهيو هو، تڏهن هُن گهڻو ئي لنوايو هو، پر ڊائريڪٽر، هن جي سيڪشن مان سندس ئي نالو ڏنو هو. هُن جا ڪليگز ته آفيشل ٽوئر لاءِ ٿُڪ تي مُک وانگر هوندا هئا. اُن جي ڪارڻن جي کيس تڏهن خبر پئي، جڏهن ائڊوانس جي ڏوڪڙن مان ٽرين جي اي سـِي جي ٽڪيٽ وٺي. اُن جي فوٽو ڪاپي ڪرائي، ٽڪيٽ واپس ڪري، ٿرڊ ڪلاس جي ٽڪيٽ تي هوشيار پشاور پهتا- ۽ اي سـِيءَ جو ڀاڙو وصول ڪيائون. ”ائين به ٿيندو آهي شاعر صاحب!“ شيخ صاحب اک ڀڃندي کيس چيو هو ۽ ساگر صرف مُرڪيو هو. هڪ رُنل مُرڪ!
    ”ساگر صاحب! ڇا پيا سوچيو؟“ مسز شاهه پريان کان ويجهو ايندي چيو- ۽ هُن جي پُٺيان هوءَ هئي- سونا! مسز شاهه سان ته هو اسلام آباد ۾ ملي چڪو هو هڪ ٽيچرز ٽريننگ ورڪشاپ ۾. ”ڪو شعر پيا سوچيو ته اسان کي به ٻڌايو! ”مسز شاهه ۽ هوءَ-سونا-ساگر جي سامهون پيل ڪرسين تي ويهي رهيون ”ارشاد!“
    ”ڇا ارشاد به آئي آهي؟“ ساگر جي جملي تي ٽنهي- مسز شاهه، ساگر ۽ هن جو-سونا جو- گڏيل تهڪ ٻريو. ”اندر اچو-سيشن شروع ٿيڻ وارو آهي.“ مسٽر ڪبير جي آواز تي هُو ٽيئي ڪانفرنس روم ڏانهن وڃڻ لڳا- ساگر اڳتي وڌي ڪانفرنس روم جو در کوليو ۽ مسز شاهه ۽ سونا اندر داخل ٿيون ۽ پوءِ پاڻ!
    ”ساگر، هيءَ سونا!“
    ”اسين اڳ ۾ ملي چڪا آهيون ۽
    ”تعارفي سيشن وارو ملڻ به ڪو ملڻ آهي!“ مسز شاهه ساگر جي ڳالهه ڪٽيندي چيو ”جنهن ۾ رڳو نالو، ڳوٺ يا شهر، تعليمي لياقت ۽ وغيره وغيره جو ذڪر ڪيو ويندو آهي.“
    ”نه نه!“ ساگر منجهي پيو ته ڇا چئي ”اسين ان کان به اڳ ملي چڪا آهيون!“
    ”هون ن ن!“ مسز شاهه جي ’هون‘ ڪجهه ڊگهي ٿي وئي ”لـِڪي لـِڪي-اڪيلي!“ ۽ هُن سونا کي ٺونٺ هنئي ”ڇا ڳالهه آهي؟“
    ”اصل ۾ ساگر صاحب سان پهرئين ڏينهن ملاقات ٿي هئي ۽
    ”۽ تون هُن کي اهو ٻڌائي ڇڏيو ته تون هُن جي وڏي مداح آهين ۽ تنهنجي ڊائري ساگر جي شعرن سان ڀري پئي آهي!“ مسز شاهه ٿڌي ساهه ڀرڻ لاءِ ترسي ”هاڻي منهنجي ٻڌائڻ لاءِ باقي ڇا بچيو آهي!“
    ”مون اهڙو ڪجهه نه ٻڌايو هو ساگر صاحب کي!“ سونا ساگر ڏانهن ڏسندي چيو.
    ”شڪر!“ مسز شاهه ٿڌو ساهه کڻندي-ڇڏيندي چيو. ۽ پوءِ ٽيئي ڄڻا Sea view Restaurant ڏانهن وڃڻ لڳا ڊنر لاءِ.
    سونا، نوري ۽ مسز شاهه ساگر کي هوٽل جي سامهون، PCO تي مليون.
    ”پڪڙ جي پيا نه!“ مسز شاهه جملو اُڇليو. ساگر چوڻ چاهيو ته ’پڪڙجي ته ڪڏهن ڪو چڪو آهي!‘ پر هُو صرف مُرڪيو هو. مسز شاهه کي پنهنجي شاهه صاحب سان حيدرآباد ڳالهائڻو هو. نوريءَ کي ٽي وي جي ڪنهن پروڊيوسر سان ڳالهائڻو هو. ٻيئي ٽيليفون بوٿ ۾ هليو ويون. سونا ۽ ساگر ٻاهر ڏاڪڻين تي ويهي رهيا. سونا ساگر ڏانهن مُٺ وڌائي. ساگر ٻُڪ جهليو. ٻُڪ ۾ مُٺ کُلي. ساگر جي ٻُڪ ۾ ڦوٽا هئا. هڪ ڦوٽو هن وات ۾ رکيو ۽ ٻيا کيسي ۾.
    -”بوتل پيون؟“
    -”ڀلي!“
    ساگر بوتلون وٺي آيو. ٻَٽن ڍُڪن کان پوءِ
    ”بدلايون؟“
    ”ها!“
    ۽ ٻنهي بوتلون بدلايون
    واپسيءَ تي سيڪيورٽي وارن هن لاءِ پورو گيٽ کوليو. ”توهان جي ڪري پورو گيٽ کُليو آهي!“ ساگر چيو. ”ها-“ سونا ساگر ڏانهن نهاريو ”گيٽ واري اسان کي به گاڏيون سمجهيو هو!“ ان تي چئني جو-سونا، ساگر، نوريءَ ۽ مسز شاهه جو گڏيل ٽهڪ ٻريو هوٽل جي لائونج ۾. انگريز جوڙي هنن ڏانهن مُڙي ڏٺو- پر هو لفٽ ڏانهن مُڙي چڪا هئا. لفٽ جو در کُليو ته اُن ۾ رئيس ننڍو اڳ ۾ ئي موجود هو. جيڪو هنن کي ڏسي، ساگر کي ٿيلهو ڏئي، ڀُٽ ڀُٽ ڪندو، ٻاهر نڪري ويو.
    نڪري ته ساگر به ويو هو ڳوٺ مان-انهيءَ رئيس ننڍي جي ڪري.
    ساگر جي پڙهڻ تان ئي هنن کان ڳوٺ ڇڏايو ويو هو، ساگر مئٽرڪ پاس ڪئي هئي ۽ پڻس مـِٺائي کڻي رئيس وڏي وٽ ويو هو.
    ”مٺائي پنهنجي پُٽ جي پاس ٿيڻ جي آندي اٿئي يا منهنجي پُٽ جي ناپاس ٿيڻ جي!“
    پوءِ ته رئيس وڏي هنن سان پائي کنئي هئي، هنن جي ٻنيءَ ٽُڪر جو پاڻي بند ڪرڻ، پوءِ وري ٻوڙائڻ، بيٺل فصل ڀيلائڻ. هنن جا گس پنڌ بند ڪرڻ- ۽ هُو شهر هليا ويا- پنهنجا سر کڻي، ٽن ڪپڙن ۾، پنهنجو سڀڪجهه پٺيان ڇڏي. ٻني-گهر-ڍور-هاڻي اُهي سڀ رئيس وڏي جي ملڪيت هئا! ۽ اُها وارتا هُن سونا کي ٻڌائي هئي-
    -هُو Sea view Restaurant ۾ ڊنر ڪري چڪا هئا. سنڌ جي آڪاس تي چوڏهينءَ جو چند سونا جي چوٽ تي ٽـِڪ ٻڌيو کـِڙيو بيٺو هو ۽ سنڌ جي سمنڊ جي ٽـِڪ ۾ پنهنجو اولڙو پسي رهيو هو.
    -توهان جي شاعريءَ ۾ ايترو ڏک ڇو آهي؟ ان ڪري، شايد، ته زندگيءَ ۾ ڏک آهي! ۽ پوءِ ساگر سونا کي اها وارتا ٻڌائي هئي، ۽ سونا هُن جي هٿ تي پنهنجو هٿ رکي ڇڏيوهو- ڦَٽ تي پهي وانگر.
    Sorry مون توهان جا چاڪ چڪائي ڇڏيا!“
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. شاهين لطيف ، سنڌي ،

    شاهين لطيف ، سنڌي ،
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 جون 2012
    تحريرون:
    624
    ورتل پسنديدگيون:
    2,490
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپئير اايف ايم 93،3 لاڙڪاڻو
    ماڳ:
    ڳڙهي ياسين& لاڙڪاڻو
    جي سمنڊ جي ٽـِڪ ۾ پنهنجو اولڙو پسي رهيو هو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو