ٿي ويو، ٿي ويو، ٿي ويو، مسئلو حل ٿي ويو۔۔ ڪمانڊ پرامپٽ ۾ وڃي هيٺين ڪمانڊ لکڻ سان مسئلو حل ٿي ويو ڪوڊ: ipconfig /flushdns
ٿيندو ائين آهي ته جڏهن توهان ڪا سائيٽ بار بار کوليندا آهيو ته اها سائيٽ لوڪل آئي پي ٺاهيندي آهي جيڪا توهان جي مشين ۾ جنريٽ ٿيندي آهي ۔۔۔ پوءِ جڏهن هڪ دفعو آئي پي جنريٽ ٿي ويندي آهي ته توهان پنهنجي ان سائيٽ کي پهرين جي مقابلي ۾ تڪڙو کلندي محسوس ڪندا آهيو۔۔۔ هاڻي جيڪڏهن توهان وٽ ڪيبل نيٽ آهي ته لوڪل سرور اهڙي آئي پي پنهنجي ڊي اين ايس ۾ محفوظ ڪندو آهي۔۔۔ جنهن سان ڪيبل نيٽ تي به توهان جي پسنديده سائيٽ تڪڙي کلندي آهي۔۔۔ توهان سان پيش ايندڙ مسئلو تڏهن سامهون ايندو آهي جڏهن توهان کي نيٽ مهيا ڪندڙ ڪمپني پنهنجي ڊي اين ايس ۾ تبديليون آڻيندي آهي۔۔۔ اهڙي صورتحال ۾ توهان جي جنريٽ ٿيل آئي توهان جي پسنديده سائيٽ سان ڪنفلڪٽ ڪندي آهي ۔۔ سائيٽ نه کلندي آهي۔۔۔ توهان طرفان ڏنل ڪوڊ کي اپلائي ڪرڻ سان دراصل توهان پنهنجي لوڪل مشين يا لوڪل نيٽ پروائيڊ ڪندڙ سرور جي ڊي اين ايس جي ڪيشي کي ڊليٽ ڪندا آهيو۔۔۔ ان سان توهان جي نئون سرور ٻيهر سيٽنگ ڪندو آهي ۔۔ ۽ توهان جو مسئلو حل ٿي ويندو آهي۔۔۔ ڀلا ڏسيو منهنجو لکيل هي بيان ڪنهن ڪنهن سمجهيو۔۔۔ ؟