محترم اسان جا پيارا علي علي وعليڪم السلام، سخي پير مولا علي مدد هر گهڙي هر پر علي مولا حيدر مولا۔۔۔۔۔
خوشين جا سمورا موقعا پنهنجي پسمنظر ۾ جدا جدا مقصدن جو مزاج رکن ٿا۔ خوبصورت سوچن، سچن جذبن ۽ پنهجائپ وارو هر عمل محبتن ۾ اضافي جو سبب بڻجي ٿو۔ نيڪ تمنائن سان اوهان کي به عيد جو لکين لکين واڌايون هجن۔۔۔
سهڻا گل گلاب جا پر منهنجو گلاب تون
سهڻا يار دنيا جا پر منهنجو يار تون
سهڻا تارا آسمان جا پر منهنجو تارو تون
سهڻو چنڊ خدا جو پر منهنجو چنڊ تون
وفادارن ۾ وفادار گهڻا پر منهنجو وفادار تون۔
مرڪن جا گلاب منهن تي سجائي رکجانءِ
اينديون ملڻ جو مندون، محبت جا ميلا سجائي رکجانءِ
دل غمگين نه رکجو ملنداسون جلدي، اها آس دل ۾ پچائي رکجانءِ۔
ويون بهارون ته باغ ٿيا خالي
آيا نه البيلا ته اوطاقون ٿيون خالي،
ويا وڌي وڻ دردن جا،
اڄ محبت جا ميلا ٿيا خالي
ويا پکي پيار جا اڏامي،
اڄ دلين جا خانا ٿيا خالي،
موٽ سگهو مالهي
هن دل جا گلڙا آهن سوالي۔
دوست اوهان صرف اسان جي تصوير جي کي چمي ڏيڻ لاٌءِ دوستن کي عرض ڪيا آهن ۽ منهنجي لاءِ ايتر ماندا ٿي پيا آهيو۔۔۔ سو اوهان جي حڪم تي کوڙ ساتريون تصويرون اوهان ڏانهن موڪليان ٿو۔۔ پوءِ اوهان جي مرضي آهي چاهي پوءِ انهن کي چميون ڏيو يا وري انهن کي چَڪَ هڻو۔۔ پر يار ڪجهه مون تي به رحم ڪجو ائين نه ٿئي جو پوءِ ڦلپوٽو فقير اسان کي سڃاڻي ئي نه۔۔۔۔۔۔
ادا علي علي يار اهڙن ته لقبن سان اسان کي نوازيو اٿئي جو دل چئي ٿي ته ڪجهه ڪامريڊي وارا شعر به اوهان سان ونڊ ڪجن متان فقير ڦلپوٽو سمجهي ته ادو علي علي جنهن جي لاءِ مري ٻُڏي ٿو۔۔۔۔ تنهن کي ته اصل ٽُئي ۾ وجهي ڪنهن ڍنڍ ۾ لوڙهه جي باقي هن ۾ ته ڪو ڪامريڊي وارو رنگ ئي نظر نٿو اچي۔۔۔۔ فقير به پنهنجي جڳهه تي صحيح هوندو افعال اسان وارا به فقيرن جهڙن آهن۔۔۔۔۔
اڄ لهو مان قلم کي ٻوڙي لکان ٿو،
بغاوت جي جهنڊي کي کوڙي لکان ٿو،
چون ٿا ته مان باغي قلمڪار آهيان،
مان باغي مان مجرم غدار آهيان،
انهي لاءِ سنڌ جو وفادار آهيان،
آزاد سنڌ جو طلبگار آهيان۔
موت مقدر سوڀ حياتي،
جيل اسان جا جيون ساٿي،
ڏنڊا ٻيڙيون ڦاسي گهاٽ،
پوءِ به اسان جا اونچا ڳاٽ،
من جهورين ٿيون تنهنجون گوليون،
پوءِ به اسان جو ساڳيون ٻوليون
تنهنجو ديش منهنجو ديش
سنڌو ديش، سنڌو ديش۔
هت ڪينجهر ڪنڌي گل ٽڙن
هوڏانهن ڪارونجهر تي مُور نچن
اي جيجل سنڌ تنهنجي سيني تي
نه غير هجن نه غدار هجن،
بس ماروئڙا حبدار هجن،
”درس“ سنڌو وادي ۾ نه مور مرن
نه ڪونجون ڪُسن بس خوشيون هجن
بس خمار هجن، بس پيار هجن، بس پيار هجن
بس پيار هجي بس پيار هجي،
سونهن ڀريو سنسار هجي،
جت محبت جي هر مند هجي،
سا ڪاش اسان جي سنڌ هجي،
نه ناري وڪجي نوٽن ۾،
نه قيد هجي ڪا ڪوٽن ۾،
سا ڪاش اسانجي سنڌ هجي
موجن هجي مهراڻ هجي،
جڳ سامهون اوچو ڪنڌ هجي،
سا ڪاش اسانجي سنڌ هجي
سا ڪاش اسانجي سنڌ هجي۔۔۔