اڄوڪو ڏينهن 27 جنوري تاريخ جي دري مان

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
اڄوڪي ڏينهن 27 جنوري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون
ع
جنم ڏينهن:

27 جنوري 1875ع بزرگ عبدالرحيم درس جي پيدائش ٿي.
27 جنوري 1912ع نامياري ڊراما ليکڪ، ڪهاڻي نويس، گيت نگار، هدايتڪار، فلم ساز ۽ اداڪار ضياءَ سرحدي جي پيدائش ٿي.
27 جنوري 1928ع تي ڪافي گو شاعر جعفر علي جعفر پنھور ولد باقر علي پنھور ڌمراه ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
27 جنوري 1946ع سياستدان چوڌري شجاعت حسين جو جنم ڏينھن آھي.
27 جنوري 1952ع انساني حقن لاءِ جاکوڙيندڙ نامور وڪيل ۽ سماجي ڪارڪن عاصمہ جھانگير جو جنم ڏينھن آھي.
27 جنوري 1967ع باليووڊ اداڪار بوبي ديول جو جنم ڏينهن آهي.
27 جنوري 1969ع شاعر ۽ براڊڪاسٽر عابد عباس ڪاظمي (مديجي) جو جنم ڏينهن آهي.
27 جنوري 1970ع ليکڪ سومرو شبير جو جنم ڏينهن آهي.
27 جنوري 1982ع شاعر قادر سيال جهُڏائي جو جنم ڏينهن آهي.
27 جنوري 1982ع ڪھاڻيڪار، شاعر، ترجمي نگار، ڪالم نگار، پبلشر، ايڊيٽر، گرافڪس ڊزائينر ۽ فري لانسر احسان رضا عرف احسان آڪاش جو جنم ڏينهن آهي.

وڇوڙو:

27 جنوري 1899ع مذهبي اسڪالر مخدوم محمد سيوستاني جي وفات ٿي.
27 جنوري 1919ع صحافي خدن مل ديپچند ديهانت ڪري ويو.
27 جنوري 1948ع سياستدان ۽ سماج سڌارڪ آدم جي حاجي دائود جو انتقال ٿيو.
27 جنوري 1961ع حڪيم سيد غلام مرتضيٰ شاھ جو لاڏاڻو ٿيو.
27 جنوري 1962ع سماج سڌارڪ وليرام هنڱوراڻي ديهانت ڪري ويو.
27 جنوري 1970ع سنڌي ادب جو خادم ڊاڪٽر علي احمد قاضي دل جي دوري پوڻ سبب وفات ڪئي.

اڄوڪي ڏينهن 27 جنوري جا ڪجهه اهم واقعا

27 جنوري 1943ع تي آمريڪي فضائيا، جرمني تي پھرين تباھ ڪندڙ حملو ڪيو.
27 جنوري 1961ع تي صدر ايوب، وارسڪ ڊيم جو افتتاح ڪيو.

حوالا:

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
روزانہ ڪاوش
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
وڪيپيڊيا
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
سنڌ جي تاريخ : فقير محمد سنڌي
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
سائين هي زبردست ڪم آهي سال پوري ٿيڻ تي سال جي سڀني ڏينهن ۾ پيش ايندڙ خاص واقعا معلوم ڪرڻ لاء هي معلومات هڪ ننڍڙي انسائڪلو پيڊيا جو ڪم ڏيندي۔
 
سائين هي زبردست ڪم آهي سال پوري ٿيڻ تي سال جي سڀني ڏينهن ۾ پيش ايندڙ خاص واقعا معلوم ڪرڻ لاء هي معلومات هڪ ننڍڙي انسائڪلو پيڊيا جو ڪم ڏيندي۔

جي ها سائين ۔۔۔ هي شروعات آهي، ٻئي مرحلي ۾ هن ڪم کي وڌيڪ بهتر بڻائبو۔ صرف هڪ دفعو پوري سال جو ڪم ٿي وڃي۔
 
8412_459586150779018_908097748_n.jpg

1601139_10201851566469219_1920948742_n.jpg


سائين در محمد صاحب ۽ سليمان وساڻ صاحب جي هي محنت به قابل تعريف آهي، در محمد صاحب اسان جي سنڌي ٻولي جو هڪ بهترين جاکوڙي عالم اديب آهي، جنهن جي سوانح تي ته اسان جو دوست محترم سليمان وساڻ صاحب ڪم ڪري چڪو آهي، جيڪا هيٺ پيش ڪجي ٿي،

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ سنڌ جي هڪ علمي، ادبي شخصيت۔محمد سليمان وساڻ
سنڌ جي ناليواري، ليکڪ، محقق، تاريخدان، شاعر، ڪهاڻيڪار، ڊرامه نگار، مترجم، ڪالم نگار ۽ تعليمدان ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ کي سندس جنم ڏينهن تي واڌايون پيش ڪجن ٿيون.

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جو جنم 25 مئي 1945 ع تي خير محمد آريجا تعلقو ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو۔ پاڻ 1971 ۾ بي ايڊ، 1972 ۾ ايم اي سنڌي ادب ۾، ۽ 1979ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان ”ڪراچي جو سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي ترقيءَ ۾ حصو “ جي عنوان تي اپي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ وڌيڪ تفصيل پڙهڻ لاء هت ڪلڪ ڪندا۔
 
Back
Top