اڄوڪو ڏينهن 28 جنوري تاريخ جي دري مان

'جنوري' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏28 جنوري 2013۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اڄوڪي ڏينهن 28 جنوري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

    جنم ڏينهن:
    28 جنوري 1920ع شاعر مولوي محمد بخش خيالي جو جنم ڏينهن آهي.
    28 جنوري 1929ع تي نامور اديب معمور يوسفاڻي اصل نالو محمد عمر ولد حاجي محمد يوسف پلي ڳوٺ حاجي پير محمد پلي ضلعي عمرڪوٽ ۾ جنم ورتو.
    28 جنوري 1939ع شاعر قمر الدين مجذوب جو جنم ڏينهن آهي.
    28 جنوري 1953ع ليکڪا عذرا چنا جو جنم ڏينهن آهي.
    28 جنوري 1960ع ادب دوست ۽ سماجي ڪارڪن الطاف آگرو جو جنم ڏينھن آھي.
    28 جنوري 1963ع شاعر رزاق مستوئي جو جنم ڏينهن آهي.
    28 جنوري 1971ع شاعر محمد يوسف پنهور جو جنم ڏينهن آهي.
    28 جنوري 1973ع شاعر وفا بهادر چانڊيو جو جنم ڏينهن آهي.
    28 جنوري 1977ع شاعر عبد الشڪور شاڪر جمالي جو جنم ڏينهن آهي.

    وڇوڙو:

    28 جنوري 1917ع مذهبي اسڪالر مولوي محمد هالائي جي وفات ٿي.
    28 جنوري 1917ع تي آل انڊيا مسلم ليگ جو پھريون سيڪريٽري نواب وقار الملڪ جو وڇوڙو ٿيو.
    28 جنوري 1927ع سماج سڌارڪ ڪيسودس شاهاڻي (حيدر آباد) جي وفات ٿي.
    28 جنوري 1935ع سياستدان مکي ايسرداس (حيدر آباد) جي وفات ٿي.
    28 جنوري 1939ع عالم دين مولانا عبدالحق چانڊيو جي وفات ٿي.
    28 جنوري 1942ع مذهبي اسڪالر مولانا مير محمد نورنگي لاڏاڻو ڪري ويو.
    28 جنوري 1978ع شاعر عبدالڪريم گدائي لاڏاڻو ڪري ويو.
    28 جنوري 1982ع تي حافظ خير محمد ”اوحدي“ وفات ڪئي.
    28 جنوري 1986ع شاعر امان الله مفلح جو انتقال ٿيو.
    28 جنوري 2000ع مذهبي شخصيت امام بخش امام زرداري ايران ۾ روڊ حادثي سبب شهيد ٿي ويو.
    اڄوڪي ڏينهن 28 جنوري جا ڪجهه اهم واقعا​

    28 جنوري 1878ع تي پھرين ٽيليفون ايڪسچينج آمريڪا جي شھر نيو هيون جي بورڊمين بلڊنگ ۾ قائم ڪئي وئي.

    حواله:

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
    روزانه ڪاوش
    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
    وڪيپيڊيا
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏28 جنوري 2014
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    [​IMG]
    [​IMG]

    سائين در محمد صاحب ۽ سليمان وساڻ صاحب جي هي محنت به قابل تعريف آهي، در محمد صاحب اسان جي سنڌي ٻولي جو هڪ بهترين جاکوڙي عالم اديب آهي، جنهن جي سوانح تي ته اسان جو دوست محترم سليمان وساڻ صاحب ڪم ڪري چڪو آهي، جيڪا هيٺ پيش ڪجي ٿي،

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ سنڌ جي هڪ علمي، ادبي شخصيت۔محمد سليمان وساڻ
    سنڌ جي ناليواري، ليکڪ، محقق، تاريخدان، شاعر، ڪهاڻيڪار، ڊرامه نگار، مترجم، ڪالم نگار ۽ تعليمدان ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ کي سندس جنم ڏينهن تي واڌايون پيش ڪجن ٿيون.

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جو جنم 25 مئي 1945 ع تي خير محمد آريجا تعلقو ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو۔ پاڻ 1971 ۾ بي ايڊ، 1972 ۾ ايم اي سنڌي ادب ۾، ۽ 1979ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان ”ڪراچي جو سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي ترقيءَ ۾ حصو “ جي عنوان تي اپي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ وڌيڪ تفصيل پڙهڻ لاء هت ڪلڪ ڪندا۔
     
  3. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    [​IMG]

    عبدالڪريم گدائي سنڌ جو بهترين شاعر، ڪريم آباد، تعلقي ٺل ۾ پهرين جنوري 1901ع ۾ پيدا ٿيو. گدائيءَ جي تعليم سنڌي فائنل هئي. هن دنيا ۾ روزي روٽيءَ جي بندوبست لاءِ ڪلارڪ، سپاهي ۽ صحافي جهڙا مختلف فرض سرانجام ڏانا. سندس ٽي شاديون ٿيون. اولاد ۾ ٻه پٽ ٻه نياڻيون هيون. سندس مشهور تصنفون، ”خان ڳڙهه کان جيڪب آباد تائين“، ”پيماني تي پيمانو“، ”ساڻيهه جا سور“، ”پکڙا ۽ پنهوار“ شامل آهن، ان کان علاوه ڪيئي فيچر، ڪهاڻيون ۽ اسٽيج ڊراما پڻ لکيل آهن. سندس وفات 28 جنوري 1978ع ۾ ٿي ۽ آخري آرامگاهه افضل بابا قبرستان جيڪب آباد ۾ آهي.
    عبدالڪريم گدائيءَ جو گهريلو نالو ”بگو“ هو. اسڪول ۾ سندس نالو عبدالڪريم لاشاري لکرايو ويو. گدائي 1911ع ائنگلو ورنيڪيولر اسڪول ۾ داخل ٿيو ۽ 1916ع ۾ پنج درجا پاس ڪري سکر جي هاءِ اسڪول ۾ داخل ٿيو. اهڙي طرح 1920ع ۾ فائنل جو امتحان ٺل جي سنڌي اسڪول مان پاس ڪيائين.
    سندس پهرين نوڪري پوليس ۾ ننڍي منشي واري رهي. جڏهن شاعري شروع ڪيائين ته پنهنجي لاءِ تخلص ”گدائي“ جو انتخاب ڪيائين. گدائي صاحب پنهنجي هڪ تصنيف ۾ لکي ٿو، ”جڏهن آئون 1920ع ڌاري پوسٽ آفيس شڪارپور ۾ ڪلارڪ هوس، تڏهن جليانوالا باغ جي واقعي خلاف احتجاجي ڏينهن ملهايو ويو. منهنجي دل ڪانگريس طرف ڇڪجي ويئي. گدائي شروعات ۾خلافت تحريڪ کان متاثر هو پر پوءِ جوش ۾ نوڪري ڇڏي وڃي ڪانگريس ۾ شامل ٿيو. 1925ع ڌاري سندس شاعري سنڌو ۽ ٻين هفتيوار اخبارن ۾ شايع ٿيڻ لڳي. پر سندس شاعري جو حقيقي دور هندستان جي ورهاڱي کان پوءِ شروع ٿئي ٿو. گدائي صاحب لکي ٿو، ” 1947ع کان پوءِ آزادي وارو خواب شرمندءِ تعبير رهجي ويو، اسين سنڌي پنهنجي ئي وطن ۾ بي وطن ٿي وياسون. امنگون ۽ اميدون پائمال ٿي ويون. تڏهن کان شاعري موجوده موڙ اختيار ڪيو.“
    گدائي صاحب جو شروعاتي ڪلام هفتيوار پيغام، صداقت، سنڌو، سنڌ زميندار، روزانه الوحيد ۾ شايع ٿيندو رهيو. پاڻ 1952ع ۾ سنڌ هاري ڪاميٽي ۾ شامل ٿيو. ان دوران گدائي صاحب مقامي اخبارن صبح سنڌ، ستاره سنڌ، فرنٽيئر گزيٽ، انقلاب، امروز ۽ مجاهد جو ايڊيٽر به رهيو.
    گدائي جي شاعري سنڌ سان پيار ۽ انسيت جو مظهر آهي. سندس نالو سنڌ جي ترقي پسند شاعرن جي فهرست ۾ ڳڻيو وڃي ٿو.
    گدائي جي شاعري مان چونڊ ٽڪرا نموني طور هيٺ ڏجن ٿا. * سفر زندگي جو ڪٺن هو گدائي بهر طور گذريو گذاري ڇڏيوسين.
    * خبردار هاري جو ڀوتار آيا پراڻا شڪاري کڻي ڄار آيا.
    * اڄ به ساري رات، رنو ويٺي مارئي سارو ملڪ ملير جو آيو واڳن وات ڪڍي ڪوئي ڪات، ماري مانگر مڇ کي.
    * نه اٽو جنهن کي، نه اجهو ميسر نه ٻارن کي چولو، نه عورت کي چادر نه پنهنجي بدن تي لنگوٽي برابر نه ڪوسيءَ ٿڌيءَ ۾ ڪو پيرن ۾ پادر.
    * آ واٽ تي ڪاري ٻاٽ اگر پر پنهنجي رت جو تيل ڏيئي هر موڙ مٿان آزادي جي هڪ مشعل ٻاري وينداسين.
    گدائي صاحب جي هڪ اردو غزل جو بند: * ڪب رها غافل مين تيري ياد سي افترا هي، جهوٽ هي، الزم هي. ماهوار ”ڪينجهر“ حيدرآباد، عبدالڪريم گدائي نمبر
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو