سائين جي ايم سيد سنڌ عظيم ڌرتي سان تعلق رکندڙ هي صوفي بزرگ جيڪو سنڌ جي آزادي لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهيو آخري گهڙي تائين سنڌ جي حقن جي ڳالهه ڪندو رهيو اڄ 109 سالگره جي ناتي سان ڪجهه سيد جي فڪر ۽ سندس زندگي تي روشني وجهجي جڏهن ته سائين جي ايم سيد جا پيروڪار انهيءَ نقش قدم تي پورو لهڻ جي ڪوشش ڪن پيا ٻئي طرف جي ايم سيد کي هڪ سياسي دانشور طور سندس زندگي جي جدوجهد ۽ حاصلات جي احاطي ۾ رکڻ گهران ٿو جي ايم سيد جنهن ماحول ۾ ڄائو نپنو ان جو واسطو سنڌ جي عام رواجي پيرن سيدن ۽ زميندارن جي ماحول سان گڏوگڏ اڪيلائي ۽ افراتفري جي دور سان واڳيل مذهبي گهراڻو هو. سنڌ اهڙي مذهبي ڪيفيت مان ڏاڪي به ڏاڪي مٿي چڙهي آهي جنهن وطن جي محبت جو ڪو مثال نه ملڻ جيان آهي.سائين جي ايم سيد بنيادي طور مذهب جي اثر هيٺ رهيو ڪو وقت هيو جو سائين جي ايم سيد نماز، روزو، راتيون جاڳي تهجد ۽ نفلي عبادت ورد وظائف پڙهڻ بزرگن جي مزارن جي زيارتون ڪرڻ درويشن جي صحبت ۾ گذارڻ فيڻا وغيره سندس اهم مشغوليون هيون. . سائيڻ جي ايم سيد اڳتي هلي ڪنهن خاص مذهب جي بالادستي مڃڻ جي بدران مذهبن بابت راءِ ڏئي ٿو سڀني مذهبي نظرين کي آءُ دين فطرت جا جزا تسليم ڪيان ٿو. جنهن جا بنيادي مقصد اتحاد، انساني امن عالم ۽ ترقي بني آدم معلوم ٿيا آهن ان جو بنيادي سبب ڄاڻيندي چئي ٿو مختلف ماڻهن سان بحث مباعث ڪرڻ جدا جدا مذهبي ڪتابن جي مطالعي ۽ غور فڪر ڪرڻ بعد آهستي آهستي مذهبي خوش اعتقادي جي آهني ديوارن ۾ شگاف پوڻ لڳا. سائين جي ايم سيد صوفي فڪر سان مخمور سنڌ جي محبت ۽ عشق کي پنهنجي منزل جو ڏاڪو بڻائيندي جدوجهد ۾ ويساهه رکي ٿو پر عشق جي اڏام ۾ سندس بيقرار روح ڪهڙا مرحلا ۽ منزلون طئي ڪري ٿو. سيد جي سياسي سفر جي ابتدا پرڏيهي سامراج يعني انگريزن خلاف آزادي جي هلچل ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ڪيترائي ڪارڻ آهن جن مان ڪجهه هي به آهن. 1918ع ۾ پهرين مهاڀاري لڙائي جي خاتمي ۽ خلافت عثمانيه جي زوال سان هندستان ۾ خلافت تحريڪ جو اسرڻ 13 اپريل 1919ع ۾ امرتسر جي جريانه والا باغ ۾ عام هند واسين جو قتل عام خلافت تحريڪ پنهنجي ڪنهن منطقي انجام تي پهچڻ کان اڳ ئي زوال پزير ٿي وئي. هاڻي سنڌ اسيمبلي سنڌ جي خدمت ۽ سنڌي ماڻهن مان غربت جهالت ۽ بدامني کي ختم ڪرڻ وارن مکيه مقصدن طرف ڌيان ڏيڻ جي بدران ڪرسين حاصل ڪرڻ جي هٻڇ جو اکاڙو بنجي ويو ۽ سنڌ جي ماڻهن جنهن غير فرقيوارانا سنڌ حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪئي هئي ان سنڌ ا سيمبلي سنڌين واري عينڪ لاهي هندن ۽ مسلمانن واريون ڌارڌار عينڪون پائي ورتيون هيون ۽ فرقيواريت جي هي باهه جيڪا اسيمبلي ۾ ٻري رهي هئي سا ڪهڙي خبر ته اڳتي هلي سموري سنڌ ۾ ڀنڀٽ بنجڻ واري آهي. سيد سنڌ اسيمبلي ۾ اهڙي بگڙجندڙ حالت ۽ سرڪار طرفان دٻاءُ لالچ ۽ طمع باوجود دل نه لاٿي. سائين جي ايم سيد 1940ع ۾ قراردار پاس ڪرڻ مهل تقرير ڪري چيو ته هي اسيمبلي سرڪار کي سفارش ڪري ٿي ۽ وائسراءِ جي معرفت بادشاهه سلامت جي حڪومت کي سوبه سنڌ جي مسلمانن جي جذبات ۽ خواهش کان واقف ڪري ٿي ته جنهن صورت ۾ هندستان جا مسلمان هڪ جدا قوم آهي جن جو مذهب فلسفه حيات معاشرتي رسمون ادب روايات سياسي ۽ اقتصادي عقيده هنن کان جداگانا تنهن ڪري هو هڪ جدا قوم جي حيثيت ۾ انهيءَ خط زمين هند ۾ جتي هو اڪثريت ۾ آهن پنهنجن آزاد ۽ خودمختيار حڪومت قائم ڪرڻ جا حقدار آهن سائين جي ايم سيد چيو ته سرزمين سنڌ کي خاص پيغام پيش ڪرڻو آهي مون کي هن اونداه ۽ اڌوڪار زماني ۾ ڪي روشني جا نروار نظر اچي رهيا آهن هن جسماني ولوڙ بعد مکڻ هتان ئي نڪرڻو آهي پر انهن گهربل نتيجن کي حاصل ڪرڻ لاءِ آزادي جو مقصد ۽ مفهوم بيان ڪندي چٽائي سان چوي ٿو. آزادي جو مقصد ۽ حصول عوام جي غربت دور ڪرڻ آهي۽ نه چند جاگيردار ۽ ڪامورا ڪلاس حڪومت جي حڪومت قائم ڪرڻ جو!!! سيد جي سڀني ساپبان ڪرڻو آهي ته گڏيل محاذ جوڙي جدوجهد کانسواءِ ٻيو ڪو به رستو ممڪن ڪونهي ڇو ته انهيءَ اتحاد جي مهي ولوڙڻ مان ئي ايماندار ۽ جانسار ڪارڪن پيدا ٿيندا. پر جي ايم سيد جي سڄي ڄمار هڪ ڪارڪن هئڻ تي فڪر ڪندو رهيو جنهن کي تواريخ اڄ هڪ مفڪر باغي ۽ منحرب جو سنهري تاج پهرائي چڏيو آهي. انگليند جي عظيم شاعر وليم وردس ورٿ جون هيٺيوپن سيٽيون سيد جي پورهئي تي ڪيڏيون نه ٺهي اچن ٿيون. In him virtue of race revenge and all ferocious thoughts were not dead, nor did he change, but kept in lofty place. The wisdom which adversity had bred. جميل احمد عباسي سيتاروڊ jameeljaas@yahoo.com