• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

عبدالڪريم گدائي خزان ويندي بهار ايندو

رضوان علي جمالي

سينيئر رڪن
اجهو موسم ڦري، ساٿي، خزان ويندي بهار ايندو!
گجي گرنار پاسي کان، اجهو ابر بهار ايندو،
انبن جي ٻُور تي ڀئونرو، به ٿي بي اختيار ايندو،
ڪَليون ٽڙنديون اميدن جون، دلين کي به قرار ايندو۔
وڻن ۾ برگ و بار ايندو!
ٿرن تي ٿيندا وسڪارا، سنگهارن ۾ سڪاري ايندو۔
بهار ايندو، قرار ايندو!
ڪري سينگار ساهيڙيون، سهانا گيت ڳائينديون،
هٿن پيرن کي ميندي، سينڌ ۾ سندور لائينديون،
اندر جا راز رمزن ۽ اشارن ۾ ٻڌائينديون،
ڪري هڪٻئي کي ڪتڪايون، کلي هر هر کلائينديون،
۽ جوڀن تي بهار ايندو!
ٿرن تي ٿيندا وسڪارا، سنگهارن ۾ سڪاري ايندو۔
بهار ايندو، قرار ايندو!
ڪُراڙيون پاڻ ۾ ويهي، جَڳن جا راز کولينديون،
نـَڪن تي آڱريون نيئي، نرالا ٻول ٻولينديون،
قطارن ۾ ويهي جيڏيون، جوئان هڪٻئي جون ڳولينديون،
جڏهن هو پنهنجي سيني تي سياه واسينگ کولينديون،
ته عاشق بيقرار ايندو!
ٿرن تي ٿيندا وسڪارا، سنگهارن ۾ سڪاري ايندو۔
بهار ايندو، قرار ايندو!
دماما، دهل، شرنايون، ڪٿي ڌمچر مچائينديون،
ننڍيون نيٽيون، مڙي لاڏا ۽ سهرا خوب ڳائينديون،
دهل جي تال تي گڏجي، ڪئين تاڙيون وڄائينديون،
ڪنواريون گهوٽ سان چرچا ڪندي ميندي لڳائينديون،
بنو ٿي شرمسار ايندو!
ٿرن تي ٿيندا وسڪارا، سنگهارن ۾ سڪاري ايندو۔
بهار ايندو، قرار ايندو!
مهر جا مينهن پوندا تراريون تار ٿي وينديون،
وطن جون واديون گلپوش، ۽ گلزار ٿي وينديون،
مسرت سان مليرياڻيون مڙئي سرشار ٿي وينديون،
نئين رَت ساڻ نوورنيون سڀئي گلنار ٿي وينديون،
سمو پڻ سازگار ايندو!
ٿرن تي ٿيندا وسڪارا، سنگهارن ۾ سڪاري ايندو۔
بهار ايندو، قرار ايندو!
جوانيون اوٽ ۾ ويهي، سلينديون راز الفت جا،
ونڊيندا درد هڪٻئي سان، ويهي دمساز الفت جا،
ڪنڊن ڪِرڙن منجهان ايندا، مٺا آواز الفت جا،
ليون لاڻيون سڻائينديون، ”گدائي“ ساز الفت جا،
وڻن ۾ برگ و بار ايندو!
ٿرن تي ٿيندا وسڪارا، سنگهارن ۾ سڪاري ايندو۔
بهار ايندو، قرار ايندو!
مانواري عبد الڪريم گدائي کي سندس ورسي تي ڀيٽا طور پڙهندڙ لاءِ پيش ڪريان ٿو تاڪِ چاچي گدائي جي سوچ ۽ خيال کان واقف ٿجي۔
 
ٿرن تي ٿيندا وسڪارا، سنگهارن ۾ سڪاري ايندو۔
بهار ايندو، قرار ايندو!

لک ٿورا اوهان گدائي صاحب جي لازوال شاعري پيش ڪري کيس سندس ورسيء ڏينهن ڀيٽا پيش ڪئي۔
 
Back
Top