• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌي ٽوپي

زاهد سومرو

سينيئر رڪن
سنڌي ٽوپي

سنڌي ٽوپي شان اسان جي،
اجرڪ آهي مان اسان جي،
سنڌي جاڳو عزت بچايو،
سنڌي ٽوپي اجرڪ پايو،
06 ڊسمبر تي KTNسان ساٿ نڀايو
جيو وارن جو ڪنڌ جهڪايو
هي پيغام هر سنڌي تائين پهچايو۔۔۔۔۔

دوستو 06 ڊسمبر تي ڪي ٽي اين وارن جي طرفان سنڌي ٽوپي وارو ڏهاڙو پيو ملهايو وڃي.... اوهان دوستن کي گذارش آهي ته اوهان به انهي ساٿ ۾ شامل ٿي ڪري سنڌيت جي جذبي کي اجاگر ڪندا۔۔۔۔۔۔ ۽ هن پيغام کي سنڌ ۽ پوري دنيا ۾ رهندڙ سنڌين دوستن تائين پهچايو۔۔۔۔۔
 
جئي سنڌ جئي سنڌ وارا جئن سنڌي ٽوپي اجرڪ وارا جئن

محترم ادا زاهد سومرا صاحب اسلام عليڪم

ادا سائين انشاءَالله جي حياتي رهي ته 06 ڊسمبر تي ڀرپور ساٿ نڀائبو۔

جئي سنڌ جئي سنڌ وارا جئن سنڌي ٽوپي اجرڪ وارا جئن۔
ustad20bukhari.jpg
 
سائين زاهد سنڌي ٽوپي شان اسان جو لکڻ گهرجي منهنجي خيال ۾، بهرحال سنڌي ٽوپي ته پاڻ کي هوندي آهي جو اسان جي ثقافت آهي ثقافت هڪ فطري محبوب شيء آهي سا هر قوم کي پياري هوندي آهي اسان کي پنهنجي ثقافت سان پيار آهي ۽ ٻئي ڪنهنجي ثقافت کان نفرت به نه آهي هرڪو پنهنجي ثقافت ڀلي اپنائي انجو حق آهي ٻئي ڪنهن کي ان ۾ جلن ڇو ٿئي
 
سنڌ سلامت جا دوستو؛
حق موجود ۽ جيئي سنڌ
سنڌ ۾ ايندڙ ۽ رهندڙ ڌارين هميشه سنڌي ثقافت کي هيچ ۽ نيچ ڪري سمجهيو آهي، سندن اها ڪوشش رهي آهي ته هو سنڌي ٻولي ۽ ثقافت کي مٽائي مات ڪن پر جيستائين هڪ سنڌي به جيئرو هوندو ته هو انهن ڪوششن ۾ پاڻ ڀرا نه ٿيندا جو چور چور آهي ... ڀاڳيو ڀاڳيو آهي ...

آءُ سڀني دوستن کي دلي صلاح ڏيندس ته هو سنڌ جي سڄاڻ تنظيمن پاران حيدرآباد ۽ ٻين شهرن ۾ جيڪي ثقافتي پروگرام رٿيا آهن انهن ۾ ڀرپور حصو وٺن ۽ پنهنجي قومي جذبي جي جيئري هجڻ جو ثبوت ڏين ... زنده قوم جا اها اهڃاڻ هوندا آهن ته هو پنهنجي ثقافت ۽ ايمان جو بچاءُ ڪندي پنهنجا تن من نثار ڪري سرکرو ٿيندا آهن ... پاڻ ته قربان ٿيندا آهن پر پنهجا قومي اثاثا بچائي وٺندا آهن ...

جاڳو دوستو، ان کان پهريان جو اوير ٿي وڃي ...

sindhsalamatsaathsal
 
جا قوم پنهنجي ثقافت بچائي نه سگهندي آهي ان قوم جو موت واقع ٿي ويندو آهي ... جي ايم سيد

46461436.jpg

68455213.jpg

76793686.jpg

السلام عليڪم ادا زاهد سومرا صاحب انشاءالله اسان به 06 ڊسمبر تي سنڌي ٽوپي ضرور پائينداسين ۽ سنگت ۡکي به چونداسين اوهانجو ڀاء عبدالغني
 
السلام عليڪم ادا زاهد سومرا صاحب انشاءالله اسان به 06 ڊسمبر تي سنڌي ٽوپي ضرور پائينداسين ۽ سنگت ۡکي به چونداسين اوهانجو ڀاء عبدالغني

سنڌ سلامت جا دوستو؛
حق موجود ۽ جيئي سنڌ
ادا اوهان رڳو 6 تاريخ پائيندا پر اسان جو ڪامريڊ ادو زاهد سدائين سنڌي ٽوپي پايون وتنندو آهي ۔ ۽ هڪ منٽ به مٿي تان لاهڻ برادشت ناهي ڪندو ۔ ڀلي ميري ڇونه ٿي وڃي سنگت قسمون ڏئي ان کان ڏورائڻ جي لاء لهرائيندي آهي يا وري ادو زاهد ننڊ ۾ هوندو آهي ته هو پاڻ ئي ڌوئي ايندا آهين ۔hall charikhil sahi
 
جا قوم پنهنجي ثقافت بچائي نه سگهندي آهي ان قوم جو موت واقع ٿي ويندو آهي ... جي ايم سيد

بلڪل صحيح فرمايو اوهان۔۔۔۔ شال رب ڪريم اسان سنڌين کي پنهنجي ثقافت کي تا حيات زنده رکڻ لاءِ سگهه عطا فرمائي آمين۔۔۔۔

السلام عليڪم ادا زاهد سومرا صاحب انشاءالله اسان به 06 ڊسمبر تي سنڌي ٽوپي ضرور پائينداسين ۽ سنگت ۡکي به چونداسين اوهانجو ڀاء عبدالغني

ادا عبدالغني اوهان جو اهڙو جذبو ڏسي اسان جي دل تمام گهڻي خوش ٿي ۔۔۔۔۔ اسانجو ساٿ هميشه سنڌ امڙ سان رهندو چاهي ان جي لاءِ اسان کي پنهنجي جان جي قرباني به ڏيڻي ڇو نه پئي۔۔۔

سنڌ سلامت جا دوستو؛
حق موجود ۽ جيئي سنڌ
ادا اوهان رڳو 6 تاريخ پائيندا پر اسان جو ڪامريڊ ادو زاهد سدائين سنڌي ٽوپي پايون وتنندو آهي ۔ ۽ هڪ منٽ به مٿي تان لاهڻ برادشت ناهي ڪندو ۔ ڀلي ميري ڇونه ٿي وڃي سنگت قسمون ڏئي ان کان ڏورائڻ جي لاء لهرائيندي آهي يا وري ادو زاهد ننڊ ۾ هوندو آهي ته هو پاڻ ئي ڌوئي ايندا آهين ۔hall charikhil sahi

او منهنجا سهڻا سائين علي علي ادا آئون تنهنجو خادم خاڪسار آهيان۔۔۔ اوهان کي ته خبر آهي ته پاڻ سنڌي ٽوپي پائيندا آهيون۔۔۔۔ پر مونکي قسم آهي خدا جي ذات جو مون وٽ 3 عدد سنڌي ٽوپيون پيون آهن جيڪي آئون پائيندو رهندو آهيان۔۔۔ هڪڙي ته خاص نماز جي وقت پائيندو آهيان باقي هڪڙي هر وقت پنهنجي مٿي تي هوندي آهي ٻئي اوير سوير، اندر ٻاهر پائڻ لاءِ رکي هوندي آهي پر آئون اوهان دوستن سان واعدو ٿو ڪريان ته 06 ڊسمبر تي هڪ نئين سنڌي ٽوپي پائبي ۔۔۔۔۔۔۔۔ shal judy hujeen
 
06 ڊسمبر سنڌي ٽوپي اجرڪ واري ثقافتي ڏينهن تي، هر سنڌي پنهنجي ثقافت کي اجاگر رکڻ ۽ هن ڏڻ ۾ساٿ نڀائڻ جي ڪوشش ڪئي هوندي۔۔۔۔۔۔ اڄوڪي ڏينهن کي ملهائيندي سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ سان ورتل پنهنجون تصويرون اوهان جي نظر ٿو ڪريان۔۔۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت۔۔۔۔۔۔۔۔۔

th_GreatSoomro.jpg

th_soomro11.jpg

th_SoomroA.jpg

th_soomroB.jpg
 
نوابشاهه ۾ پڻ جيئي سنڌ طرفان سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ پائي ريلي ڪڍي ويئي، جنهن جا ڪجهه ڦوٽا مون پنهنجي موبائيل ۾ محفوظ ڪري ڇڏيا. توهان به ڏسو

img0378ar.jpg

img0367am.jpg

img0368adl.jpg

img0369ai.jpg

img0371ao.jpg

img0372a.jpg
 
سائين ابو زين معني ته سڄي سنڌ کي پنهنجي ثقافت سان پيار آهي هر شهر ۾ ڪافي سارا ماڻهو گڏ ٿي جلوسن جي شڪل ۾ نچندا ڪڏندا پئي وتيا هتي اسان جي مورو ۾ تمام وڏا جلوس نڪتا پر اسان جي ڪوتاهي آهي جو ڪوبه فوٽو محفوظ نه ڪري سگهياسين۔
 
سنڌي ٽوپي

سنڌي ٽوپي شان اسان جي،
اجرڪ آهي مان اسان جي،
سنڌي جاڳو عزت بچايو،
سنڌي ٽوپي اجرڪ پايو،
06 ڊسمبر تي KTNسان ساٿ نڀايو
جيو وارن جو ڪنڌ جهڪايو
هي پيغام هر سنڌي تائين پهچايو۔۔۔۔۔

دوستو 06 ڊسمبر تي ڪي ٽي اين وارن جي طرفان سنڌي ٽوپي وارو ڏهاڙو پيو ملهايو وڃي.... اوهان دوستن کي گذارش آهي ته اوهان به انهي ساٿ ۾ شامل ٿي ڪري سنڌيت جي جذبي کي اجاگر ڪندا۔۔۔۔۔۔ ۽ هن پيغام کي سنڌ ۽ پوري دنيا ۾ رهندڙ سنڌين دوستن تائين پهچايو۔۔۔۔۔

بلڪل ادا ائين ئي ٿيندو

سدائين گڏ

sindhsalamatsaathsal
 
مونکي ڏاڍي خوشي ٿي ته سنڌي ٽوپي وارو ڏينهن پوري دنيا جي سنڌين وڏي جوش و خروش سان ملهايو، ۽ وڏي ڳالهه ته ادي زاهد به نئين ٽوپي ورتي، هت به اسلام آباد ۾ سنڌ واسين اهو ڏينهن وڏي جوش و خروش سان ملهايو ۽ اسان به ان ۾ برابر جا شريڪ ٿياسين،
 
سائين عبد الوهاب پيارا پوء ان ڏهاڙي جي مناسبت سان پنهنجي سنڌي ٽوپي سان ورتل هڪ تصوير ته اسان ونڊ ڪيو
 
Back
Top