• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڇا پنجاب کان پو سنڌڙي جو وآرو آ؟

ڪليم کهڙو

سينيئر رڪن
پ۔پ۔پ ظاهري طور تي ته پنجاب کي ٻن حصن ۾ صرف ان لا۽ ورهائي رهي آهي ته ايندڙ اليڪشن ۾ پنجاب مان ن ليگ جي ووٽ بينڪ تي ڌاڙو هڻجي، پر ان جي نتيجن کان الا۽ ڇو پ۔پ۔پ ناوآقف ٿي بيٺي آهي۔ اسان بحيثيت سنڌي قوم پ۔پ۔پ کي اپيل ٿا ڪيون ته سياست ۾ جيڪو وڻئ و اهو ڪيو پر سنڌ جي وحدانيت جي خلاف اهڙو ڪو به قدم نه کڻن جنهن سان اگتي هلي سنڌ جي وحدانيت ي وآر ٿئي،
اگر پنجاب ۾ ٻه الڳ صوبا ٺهي ٿا وڃن ته پو۽ پڪ سمجهو ته اهو اڻ سڌي طرح سنڌ تي وآر ڪيو ويو آهي۔
جيڪا ٻلي هنيئر کان ئي ٿيلهي مان اندرآن ئي ميايون مياون ڪري رهي آهي۔ اها ٻلي پو۽ ٿيلهي مان ٻاهر نڪري نروار ٿي سنڌ جي مٿان وآر ڪندي۔ جيڪي مختلف وقتن تي اڻ سڌي طرح سان ڪرآچي ۾ ڌار صوبي خلاف ڪم ڪري رهيا آهن، اپنجاب جي ورهاڳي کانپو۽ ان لساني ڌر جو ٽارگيٽ سڌي طرح سان سنڌ هوندي۔
لساني ٽولي طرفان ڌار صوبي جي ڙاه هموار ڪرڻ لا۽ ڪجهه وقت پهريان به اسمبيلي جي اندر قانون م ترميمن لا۽ بل آڻڻ جي ڪوشش پڻ ڪئي هئي۔ انهن ترميمن وآري بل کان پو۽ هنن جو پنجاب ۽ هزاره کان پو۽ هنن جو ٽرگيٽ سنڌ هئي، پنجاب جي ورهاڳي کان پو۽ ان ئي حڪمرآن ڌ ر کي سنڌ ورهائڻ ياد ايندي، جنهن لا۽ هو مختلف وقتن تي مختلف هيلا ۽ منظم طريقي سان به ڪم ڪري رهيا آهن۔ جنهن ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ گورنر رآڄ کي فل اختيار ڏيڻ ، جتي سنڌ گورنمنٽ جو ڪو حڪم نه هلي، ڪرآچي ۾ سنڌي ماڻهن جي ٽارگيٽ ڪلنگ ڪرآئي ڪرآچي مان سنڌي ماڻهن کي لڏپلاڻ تي مجبور ڪرڻ،ڪرآچي مان سنڌي آفيسرن جون جبرن رٽائيرمينٽ ۽ بدليون،ڪراچي جي اندر سنڌي شاگردن لا۽ تعليم جا دروآزا بند ڪرڻ سميت ڪيترآئي اهڙا ڪڌا ڪم ڪرڻ ۔ جن ۾ پ۔پ۔پ ڪرسي جي بچا۽ خاطر پڻ ڀاڳي ڀائيوار آهي۔ جيڪي ڌريون مختلف وقتن تي سنڌ ۾ ڌار صوبي جي مهم هلائي رهيون آهن۔ جناح پور ۽ مهاجر صوبي جو مطالبو ڪري رهيون آهن۔اهي ته اڃا تائين پان کي سنڌي سڏآئيندي شرم ڪري رهيون آهن، انهن جا هر فيصلا سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي خلاف ٿا نطر اچن ۔پر اسان جا حڪمران سنڌ جي ماڻهن جي جائز آواز کا وڌيڪ سنڌ جي خلاف اٿنڙ آواز کي اهميت ڏئي رهيا آهن، ان لا۽ هاڻ واصع ٿي چڪو آهي ته پنجاب جي ورهاڳي کان پو۽ سنڌ جي وحدت تي وآر ڪرڻ لا۽ سنڌ جو رخ ڪيو ويندو، ان ڳالهه جا وآضع ثبوت ڪجهه ڏينهن پهرين الطاف حسين جو سنڌ مٿان ڪيل ڊرون حملي ۾ ڌمڪي آميز خطاب آهي۔
پر افسوس سان چوڻ ٿو پوي ته اسان جي قومي اڳوآڻن پاران سوآ۽ مذمت جي ٻيو ڪو به نتيجا خيز رد عمل ظاهر نه ڪيو۔ ڪٿي ائين نه ٿئي جو اسان وٽ سگهاري جدوجهد نه هجڻ ڪري مڪاني نظام وانگر اسان سنڌ جي وحدت تي وآر به نه ڪامياب ٿي وڃي ۽ اسين ننڊ ۾ ستل هجون،
سنڌ تي هنن پنجن سالن ۾ سنڌ مٿان اڻ ڳڻيا وآر ڪيا ويا آهن۔ سنڌ جنهن جو سنڌ سنڌ کي زخمي ڪيو ويو آهي، سنڌ کي سوين جوڌن ۽ سپوت جا لاش ڏنا ويا آهن۔پر تنهن هوندي به اسان خاموش آهيون، سنڌ لا۽ تمام گهڻن مسئلن و ڄار وڇايو ويو آهي۔ صوفين جي سرزمين کي مذهبي انتها پسندي، قيبيلائي جهيڙن ڌاڙيل گردي،ڪرپشن،ناانصافي،تعليم جي تباهي سميت ٻين انيڪ هٿرادو مسئلن ۾ ڦاسايو ويو آهي،
ڇا اسان عملي ڪم کانسوآ۽ صرف ،ڀٽائي،سچل،بلاول،يا ڪڏهن سيد جي مزار تي ڳڏ ٿي پنهنجو فرض لاهي ڇڏيون ٿا،
اسان اتي ڳڏ ٿي وآعدا وچن ته ڪريون ٿا پر انهن تي عملي ڪم ڪرڻ لا۽ سنجيده نه آهيون، عملي ڪم لا۽ هڪ وک به نه ٿا وڌايون۔ رڳو اسان پاران سکڻا وآعدا وچن ڪرڻ ۽ عملي ڪم نه ڪرڻ سبب اسان جي سنڌڙي تي جيڪو ايرو گيرو اچي وآر ڪري ٿو پر اسان ڏسڻ ۾ پورا آهيون،اسان کي ان وآر کي روڪڻ يا بچا۽ لا۽ ڪابه حڪمت عملي نه آهي۔
ڇا سنڌ جو مالڪ ڪير نه آهي؟
اسان کي پنهنجي سنڌ کي سورن مان نجات ڏيارڻ لا۽ سڀني چاهي اهي پارلياماني هجن يا آزادي پسند سياست ڪندڙ الڳ، الڳ ديڳڙي چاڙهڻ بجا۽ هڪڙي ئي ديڳ چاڙهڻ گهرجي، هڪڙي هنڌ گڏ تيڻو پوندو۔ جيڪي به سنڌ کي پنهنجي جيجل ما۽ تسليم ٿا ڪن۔ انهن کي هاڻ سنڌ جي خاطر پنهنجو انئون ڇڏي سنڌ جي بچا۽ لا۽ هڪ هنڌ گڏ ٿيڻ گهرجي، ڇو ته هينئر سنڌ کي بچا۽ جي صرورت آهي ، ان لا۽ ٺوس حڪمت عملين ٺاهڻ سان ڳڏ سنڌ جي بچا۽ لا۽ مزاحمتي جٿا تيار ڪرڻا پوندا۔ان لا۽ اسان کي هنيئر سان ئي مزاحمتي جنگ لا۽ تياري ڪڻي پوندي۔جيئن اها عين وقت تي ڪم اچي سگهي ۽ اها نتيجا خيز عملي ڪم ڪري ڏيکارين،
اسان اڃا ڪيستائين خاموش تماشائي بڻجي سنڌ تي وآر سهندا رهندا سين اسان کي هاڻ ننڊ مان سجاڳ ٿي سنڌ جي بچا لا۽ مزاحمت ڪرڻي پوندي۔ ڇا اسان جي سياسي اڳوآڻن ۽ اسان لا۽ سنڌ ايتري اهميت نه ٿي رکي جو اسان سنڌ جي حفاظت جون دعوآئون ته ڪيون ٿا پر جڏهن سنڌڙي جي مٿان ڪو ڏکيو وقت اچي ٿو ته اسان گهرن ۾ لڪي ٿا وڃون ، سنڌ جيڪا اسان جي جند ۽ جان آهي۔اسان جي جيجل آهي ان کي ٽوڙن جون سرعا۾ ڪراچي جي ڀتن تي چاڪنگ ڪئي ٿي وڃي ڪرآچي ڊيفينس جي علائقي ۾ سنڌ جي وحدت تي وآر ڪيو ٿو وڃي پر مجال جو اسان ڪڇون، اسان انهن کي جوآب ڏيڻ بجا۽ اسان جا چپ سڀيل آهن۔۽ هي پناهگير اسان جي گهر م گهري اسان جي گهر کي ورهائڻ ي گالهه ڪن پر اسان ۾ انهن کي جوآب ڏيڻ جيتري جرئت نه آهي، سنڌين کي هاڻ گهري ننڊ مان سجاڳ ٿيڻ گهرجي۔ ان سان ڳڏ جيڪي سنڌ جي نالي تي ڌار ڌار دڪان کليو ويٺا آهن۔ ۽ جيڪي آجپي جا دعويدارآهن۔ سنڌ امڙ جي نالي سان ڌار ڌار دڪان کولي ويهڻ وآرو سنڌ امڙ تي رحم ڪيو، سنجيده ٿيو۔ چوندا آهن ته گدڙ جي هڪ سو ڏينهن کان شينهن جي گجڳوڙ وآرو هڪ ڏينهن بهتر آهي۔ سو هاڻ گدڙن واريون ببڪيون هڻڻ ڇڏي شينهن وآري گجڳوڙ ڪيو، سنڌ جي آجپي ۽ آزادي لا۽ اڳوآن ۽ ڪارڪن سرن سان ڪفن ٻڌي نڪري پئو۔
سنڌين کي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن۔ سنڌ سنڌين کان هئي ۽ رهندي۔پر ڌرتي جو به ته سنڌين جي مٿان حق آهي۔جنهن کي پورو ڪرڻ اسان جو فرض آهي۔اڄ جڏهن هر محڪوم قوم آجپي لا۽ منظم طريقي سان وڙهي رهي آهي۔تڏهن اسان کي سنڌ جي آجپي لا۽ جنگ جوٽن گهرجي۔۽ انهن قومن جي صفن ۾ شامل ٿيڻ گهرجي۔ جيڪي آجپي ۽ ازآدي جون متواليون آهن۔ٺلهن ڳالهين ڪندي اسان کي 42 سال گذري وي آهن۔ ٺلهين ڳالهين سان ڪم نه هلندو سو هڻ سجاگ ٿي آجپي لا۽ ويڙه جوٽڻي پوندي،
ننڊ نڀاگ آهي۔ جاڳ ۾ئي ڀاڳ آهي، وڙهندي مرڻ مڙسي آهي۔ ۽ ڪاهلي گناهه آهي،
سنڌ اسان کي سڏي رهي آهي۔سنڌ اسان ڏي ناهري رهي آهي۔ هاڻ اسان کي سنڌ جي سڏ کي ورنائڻ گهرجي۔ آجپو ۽ آزاديو خالي صدآئن ۽ نعرن سانناهن ملڻيون۔ آزادي حا صل ڪرڻ لا۽ ويڙه جو ميدآن سجائڻو پوندو۔
ٿاتنهجا ڀاري برج لڏن۔
تون هيڻو آ هٿيارن سان
آجپي ۽ آزادي لا۽ اسان کي پنهنجا سر نيزن تي رکڻا پوندا۔ دنيا ۾ آزادي کانسوآ۽ ٻي ڪا نعمت نه آهي۔ آزادي هر فرد جو ڪائناتي حق آهي۔ آزادي ج رآز همت ۽ جرئت ۾ لکيل آهي، ڪاهلي غفلت ۽ عدم دلچسپي وآرا انسان ڪڏهن به آزادي ماڻي نه ٿا سگهن۔
اسان کي به سجاڳ ٿيڻ گهرجي۔ سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندڙن کي ٻڌآئڻ گهرجي ته اڃا رڄ مان رڙ اچي پئي، اسا جي نندڙن نندڙن احتجاجن کان ڊڄي حڪومت سنڌ دشمن فيصلا ڪرڻ نه ڇڏيندي۔ اسان کي سنڌ دشمن فيصلن خلاف اثر انداز ۽ نتيجا ڏيندڙ جدوجهد ڪرڻي پوندي۔
اهي جيڪي سنڌ ۾ ٻٺو مڪاني نظام لاڳو ڪري سگهن ٿا ته اهي سنڌ ورهائڻ لا۽ به ڪو نه ڪو هٿرادو ناٽڪ پيش ڪري ڪو طريقو استعمال ڪري سگهن ٿا۔ اسان کي انهن کي منهن ڏيڻ لا۽ جنگي بنيادن تي ٺوس حڪمت عمليون جوڙيون پونديون۔اسان کي سنڌ جي ورهاۡگي واري مصيبت کي منهن ڏيڻ لا۽ جيڪا اسان جي مٿان هر وقت مهاجر قوم جي صورت ۾ لامار ڏئي رهي آهي جيڪا ڪنهن به وقت اسان مٿان وڄجيان ڪڙڪي سگهي ٿي ان جي بچا لا۽ سنڌي قوم کي مزاحمتي جنگ جوٽڻ لا تياري ڪرڻ گهرجي جيئن وقت سر سنڌ جو بچا ڪري سگهجي
ڪليم کهڙو
 
Back
Top