1919 اٽيچمينٽ ڏسو يار : حيدر دريا جو تصوف ۽ سياسي حالتن تي لکيل ناول محمد سليمان وساڻ حيدر دريا زئور جو لکيل تازو ناول “يار” منهنجي هٿن ۾ آهي. هن کان اڳ حيدر دريا سنڌي ادب ۾ ٻن ناولن رشتن جي آزادي ۽ لفظن جي خواهش جو اضافو ڪري چڪو آهي. حيدر دريا انهن خاموش ليکڪن مان آهي جيڪي پنهنجي قلم ذريعي سماج جي ڪردارن کي وائکو ڪندا رهن ٿا. فيسبوڪ تي ساڻس انهن ڏينهن ۾ واسطو پيو جڏهن گروپ چيٽ ۾ اڪثر دوست بحث ڪندا هئا ۽ مان ساڻس پيش ڪيل جملن جي گهرائيء ۾ غرق ٿي ويندو هوس. تصوف جي اثر هيٺ رهندڙ حيدر دريا زندگيء ۾ به نفيس ۽ ملنسار ماڻهو آهي.پنهنجي ناول جي هڪ مڪالمي ۾ حيدر لکي ٿو: “ڪجهه ماڻهو، صبح جو قرآن پڙهن ۽ منجهند جو گلا کڻن ٿا! شام جي مهل پنهنجون سڀئي نيڪيون، پراون گناهن کي ڳڻي، انهن سان گڏائي ڇڏيندا آهن، ۽ رات جيڪا روحن جي جاڳڻ لاءِ خدا خلقي آهي، سا سندن ننڊ جي نينهن ۾ گذري ٿي. ۽ صبح جو وري به سج سندن چڱاين لاءِ اڀري ٿو، پر اُهي پاڻ وسوڙل ماڻهو، هاڻ رڳو جنازو دفنائڻ وارو عمل باقي باقائده ڪن ٿا- اهڙي باقي عمل کان اوجهل آهن ته، عشق نيڪين جو درياهه آهي- محبت ان جي آبادي ۽ انسان ان جو اپائيندڙ آهي” سندس تازي ناول ۾ سنڌ جي سياسي صورتحال کي خاص طور تي سامهون آندو ويو آهي. ليکڪ اهو به ٻڌائي ٿو ته سنڌ جيڪا درگاهن ۽ پيرن فقيرن جي ڄار ۾ وڪوڙيل آهي اتي سنڌ جي اهم درگاهن تي ڇا وهي واپري ٿو ۽ اتي ڪهڙي قسم جو ماحول قائم ٿيل آهي . نه صرف اهو پر هن ناول ۾ سامونڊي ناکئن جو احوال ته تمام خوبصورت انداز سان پيش ڪيو ويو آهي. حيدر دريا اهو ليکڪ آهي جنهن جا ڪردار اسان جي روزمرهه جي زندگيء مان ئي آهن ۽ مڪالما اهڙا ته بهترين لکي ٿو جو ڪهاڻي جو تجسس پڙهندڙ کي الڳ ٿيڻ ئي ڪونه ٿو ڏئي ۽ يڪساهي ۾ ناول پڙهي پورو ڪرڻ تي دل چوي ٿي. جيڪڏهن اهو چئجي ته حيدر درياء جي هن ناول ۾ تصوف جي اپٽار هر جاءِ تي پسجي ٿي ته ڪو وڌاء نه ٿيندو. ليکڪ پاڻ ئي چوي ٿو ته ”منهنجو هي ناول، عشق جي اسڪول ۾ نئين داخلا وٺندڙ نوجوانن جي ٿوري ڪجهه رهنمائي ضرور ڪندو، ٿوري ڪجهه انهيءَ ڪري پيو چوان، جو خدا جي خدائي کي ڪنهن هڪ عمر ۾ مڪمل ڪرڻ ناممڪن آهي. “ ناول پڙهڻ کانپوء اهو لڳي ٿو ته ليکڪ پنهنجي پاران هن سڄي ناول کي تصوف جي ڪلائمڪس اندر گهمائي ڦيرائي پيش ڪري رهيو آهي. تصوف جا واضح نقطا سموري ناول جي اندر محسوس ٿي رهيا آهن. حيدر دريا جي ڪچهري ۽ بحث ۾ به لڳندو آهي ته تصوف جا خيال مٿس حاوي آهن ۽ ساڳي شيء سندس لکڻين مان به واضح آهي. سندس ناول جو ٻيو پاسو آهي سنڌ جي ماڻهن جي سياسي وابستگي جنهن کي هن ڪمال ڪاريگريء سان ڪردارن سان نڀائيندي پيش ڪيو آهي. سندس هن ناول جو مک ڪردار قربان تصوف جي رنگ ۾ رچيل آهي اتي هن کي زندگيء جي امتحان ۾ ڪيترن ئي مشڪلن کي منهن ڏيندي جدوجهد ڪندي ڏيکاريو ويو آهي. هو پنهنجي حقيقي عشق جي جستجو ماڻڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري ٿو پر تنهن هوندي به کيس پنهنجي سچي محبت حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيترائي رنڊا روڙڻا پون ٿا پر زماني جي ويرين کيس اهڙي ته ڄار ۾ ڦاسائڻ جا سانڀاها ڪن ٿا جنهن مان هن جو واپس ورڻ ئي محال بڻجي وڃي ٿو تنهن هوندي به هو پنهنجي علمي ۽ عقلي دليلن وسيلي پنهنجو دفاع ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪندو رهي ٿو. حيدر دريا جو هي ناول سنڌي ناول جي تاريخ ۾ هڪ نئين باب جو اضافو آهي. ڏسجي ته سنڌي ناول کي پڙهندڙ کيس ڪهڙي موٽ ٿا ڏين، ڇو ته سياسي هجڻ ناتي ڪجهه ماڻهو شايد ليکڪ جي خيالن سان سهمت نه به ٿين پر هو سچ کي لڪائي نه ٿا سگهن. هڪ اهڙو سچ جنهن کي حيدر دريا پنهنجي قلم ذريعي پيش ڪيو آهي. 270 صفحن تي مشتمل هي ناول يار موسى پبليڪيشن پاران ڇپائي مارڪيٽ ۾ آندو ويو آهي.
ادا ڀلا ، هي ڪٿان ڳوليون ؟ پاڻ کي ته سنڌ سلامت جي خزاني ۾ ملڻ کپي ! نماڻو عرض آهي گڏجي سڏجي پڙهنداسون ، اصل قرب ٿي پوندا سڄڻن جا سڄڻن تي !
جي ها ادا ۔۔۔۔ جلد هي ناول به سنڌ سلامت ڪتاب گهر جي زينت بڻبو۔ نوان ڪتاب ڪجهه عرصي تائين انڪري آنلائين ناهيون آڻيندا جيئن پبلشر ڪتاب جو خرچو ڪڍي وٺن۔