زندگي ڇا آهي؟

'مختلف موضوع' فورم ۾ علي ظفر طرفان آندل موضوعَ ‏30 جنوري 2013۔

  1. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,018
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    زندگي ڇا آهي؟
    سروي: عمير علي ميمڻ
    جواب: زندگي خدا جو ڏنل هڪ انمول تحفو آهي، زندگي ۾ هميشه سچ ڳالهائڻ گهرجي، سڀني جي عزت ڪرڻ گهرجي، پنهنجي ڪردار کي ايترو بلند ڪرڻ گهرجي ته ڏسڻ وارو چئي ته هيءَ کي زندگي آهي. (مونا ارم ميمڻ-ڪراچي)
    زندگي هڪ نعمت آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن مشڪلاتن جي وجهه سان هي نعمت زحمت بڻجي ويندي آهي. (فرزانا چانڊيو-مٺياڻي)
    زندگي الله تعاليٰ جو ڏنل انمول تحفو آهي، جنهن کي صرف الله جي بندگي ۾ گذارڻ گهرجي. (غلام مجتبيٰ ڪڙمون)
    مزدور چيو زندگي مزدوري جو نالو آهي، هاري چيو زندگي کيڙي جو نالو آهي پر آئون چوان ٿو ته زندگي خدا تعاليٰ جو ڏنل انمول تحفو آهي، جنهن کي صرف خدا جي بندگي ۽ عبادت ۾ استعمال ڪرڻ گهرجي.
    مسلسل جدوجهد جو نالو زندگي آهي، ”جان هئي جيئري ورچي نه ويٺي“زندگي ڏکن ۽ سکن جي تسلسل جو نالو آهي. (عبدالعزيز بلوچ، غلام قادر خاصخيلي-ٻگهاڻ)
    زندگي الله پاڪ طرفان ڏنل سڀ کان انمول تحفو آهي ۽ زندگي ڏک ۽ سک جو نالو آهي. (شاهنواز خاصخيلي-بلڙي شاهه ڪريم)
    زندگي خدا جي طرفان ڏنل هڪ انمول تحفو آهي، انسان کي گهرجي ته زندگي کي دنيا هر زنگ زخم کان بچائي. (ايڊووڪيٽ قمر جعفر نهڙيو- گلستان جوهر ڪراچي)
    زندگي قدرت جو عطا ڪيل بي بها تحفو آهي، ان کي صحيح معنيٰ ۽ مقصد سان استعمال ڪجي جيئن انسانذات کي ڪو فائدو پهچي سگهي. (زوهيب گل قاضي-رتوديرو)
    زندگي الله جي طرفان ڏنل هڪ نعمت آهي، زندگي گذارڻ جو مزو تڏهن آهي جڏهن ٻين جي لاءِ جيءُ جي، موزي تنگ چيو هو ته ”توهانجي زندگي قوم جي امانت آهي“، اهي ماڻهو جن پنهنجي زندگي پنهنجي قوم جي خدمت لاءِ وقف ڪري ڇڏي اڄ اهي مرڻ کانپوءِ به زنده آهن، ڪافي اهڙا ماڻهو آهن جن جي زندگي جو مقصد غريب ۽ بي بس ماڻهن تي ظلم ڪرڻ آهي، قوم ۽ ملڪ جي دولت لٽين ٿا ۽ ڪافي اهڙا ماڻهو آهن جن جي زندگي ڏکن ۽ سورن ۾ گذرندي آهي جن جي گهرن ۾ کائڻ لاءِ ڪجهه نه هوندو آهي، آخرڪار هو بک ۽ ظلم کان تنگ ٿي خودڪشي ڪندا آهن ۽ غربت جي ڪري پنهنجي جگر جا ٽڪڙا وڪڻي ڇڏيندا آهن، اڄ انهن جي زندگي خود سواليه نشان آهي. (آزاد ولي محمد ميمڻ-ٺٽو)
    زندگي اها آهي جيڪا اسان گذاري رهيا آهيون، زندگي خوشي، غم، سک ۽ ڏک جو نالو آهي، زندگي هڪ اهڙو خوبصورت لمحو آهي جيڪو اڄ آهي ۽ سڀاڻي جو ڪو به پتو ناهي، زندگي جو مقصد سڀ ڪجهه حاصل ڪرڻ نه هوندو آهي بلڪه زندگي ڪجهه حاصل ڪرڻ ۽ ڪجهه وڃائڻ جو نالو آهي. (فلڪ ناز سڪندر-گلستان جوهر ڪراچي)
    زندگي هڪ سمنڊ وانگر آهي، جنهن ۾ ڪڏهن ڏک جا طوفان ۽ آزمائش جا سيلاب ايندا آهن ته ڪڏهن سک جون ٿڌيون هوائون ته ڪڏهن پيار جون پياريون ڇوليون اينديون آهن. (محمد اعظم گهراڻو-نصرپور)
    زندگي اڻٿڪ جدوجهد جو نالو آهي. (آزاد انور سنڌي)
    زندگي پيار آهي، زندگي مزو ماڻڻ جو نالو آهي، زندگي هڪ فلم آهي ۽ سڀ انسان ان جو ڪردار آهن. (فريد پالاري-جهمپير)
    زندگي چئلينج آهي اهو چئلينج اسان کي هر حال ۾ قبول ڪرڻو آهي. (ضمير حسين چانڊيو-فريدآباد)
    زندگي جدوجهد جو نالو آهي، زندگي پيار، محبت ۽ عشق آهي، محبت کان خالي زندگي ڪنهن ڪم جي ناهي ۽ جدوجهد کان سواءِ انسان ڪا معنيٰ نٿو رکي، مطلب ته محبت ۽ جدوجهد زندگي جي ثابتي آهن جن کانسواءِ زندگي، زندگي نٿي رهي. (محمد علي جوکيو-دولتپور صفن)
    زندگي جو مقصد پنهنجو پاڻ سڄاڻڻ ۽ هن ڪائنات کي سمجهڻ ۾ آهي، ٻي صورت ۾ زندگي فضول ۽ عذاب آهي. (لطيف جوڻيجو-ڏوڪري)
    زندگي الله جي ياد جو نالو آهي، زندگي حضور پاڪ صلي الله عليه وسلم سان محبت جو نالو آهي، زندگي حضور پاڪ صه جن جي سيرتي تي عمل ڪرڻ جو نالو آهي، زندگي الله تعاليٰ جي مخلوق سان محبت ڪرڻ جو نالو آهي، حضرت علي عه جو قول آهي ته ”زندگي 2 ڏينهن جي آهي، هڪ ڏينهن توهان جي حق ۾ ۽ هڪ ڏينهن توهان جي خلاف، جنهن ڏينهن توهان جي حق ۾ هجي ان ڏينهن غرور نه ڪجو، جنهن ڏينهن توهان جي خلاف هجي ان ڏينهن صبر ڪجو“، زندگي ٻين کي فائدو پهچائڻ جو نالو آهي، جيڪڏهن توهان ڪنهن کي فائدو نٿا ڏئي سگهو ته نقصان به نه رسايو، اها ئي زندگي آهي. (منصور گبول-گلشن اقبال ڪراچي)
    زندگي زنده دليجو نالو آهي. (ميوا رام-جهول)
    زندگي هڪ امتحان آهي، جنهن جو پيپر آئوٽ ٿي چڪو آهي، هن پيپر جو وقت تمام گهٽ آهي ۽ پيپر ڏاڍو مشڪل آهي. (جاويد حسين چنا-نصيرآباد)
    زندگي الله تعاليٰ طرفان ڏنل انمول تحفو آهي ۽ زندگي ۾ جيڪڏهن انسان ڪنهن مظلوم جو ساٿ ڏئي ۽ ظالم سان مقابلو ڪري حق ۽ سچ تي هلي اها زندگي ڪڏهن گلن جي سيج ته ڪڏهن ڪنڊن جي سيج آهي پر زندگي مان ڪڏهن به نا اميد ناهي ٿيڻو اها آهي زندگي. (محمد هاشم سمون، عبدالڪريم لنڊ-تلهار)
    زندگي الله پاڪ جي نعمت آهي، انسان کي پنهنجي زندگي ۾ الله پاڪ ۽ رسول پاڪ جي دين، نماز، نيڪي ڪرڻ، غريب انسان جي مدد، محنت مزدوري، دين جي دعوت ۽ هر انسان جي ڏک سک ۾ شريڪ هجڻ گهرجي. (پهلوان عبدالغفور مينگل-گڏاپ ٽائون سونگل)
    زندگي الله سائين جو انسان کي ڏنل بهترين تحفن مان ڏنل هڪ خوبصورت ۽ انمول تحفو آهي. (خالد محمود کهوڙو-بلاول شاهه نوراني ڳوٺ ڪراچي)
    زندگي خوب کان خوب تر تلاش ڪرڻ جي حاصلات جو نالو آهي. (ولي دائودپوٽو-حيدرآباد)
    زندگي هڪ بي وفا جو نالو آهي. (زوهيب عباسي-باڊهه)
    زندگي ڏکن ۽ سکن جي سونهن جو نالو آهي. (ساگر محمد عثمان جت-ڳاڙهو)
    زندگي سڪي جي ٻن پاسن وانگر آهي، هڪ خوشي ته ٻيو غم، زندگي موت جي اماني آهي، زندگي ٻرندڙ ڏيئي مثل آهي، ڪنهن به مهل اجهامي سگهي ٿي. (عاجز الله بخش شولائي-ڳاڙهو)
    منهنجي خيال موجب زندگي درد جو درياهه آهي ٻيو ڪجهه به نه. (ونود ڪمار پنهور-شهدادپور)
    دوستو ! هي نظريو عوامي آواز تي ورتو آهي ، اسان پنهنجي رڪنن جو انهي ۾ نظريو پڇڻ چاهيون ٿا ؟
    اوهان جي راي جو انتظار رهندو.​
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ساڳي موضوع سان اڳ اسان جو ساٿي ۽ محسن محترم غلام مصطفي ميمڻ تفصيل سان ليک موڪلي چڪو آهي۔۔۔ جنهن ۾ پڻ دوستن طرفان رايا آندل آهن۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. وزير علي سومرو

    وزير علي سومرو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏12 جنوري 2012
    تحريرون:
    49
    ورتل پسنديدگيون:
    48
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    مان سول هاسپيٽل خيرپور جي ليبارٽري ۾ ليبارٽري اسسٽ
    ماڳ:
    ٺري ميرواهه ضلعو خيرپور ڊويزن سکر
    زندگي سمجهڻ واري لا سڀ ڪجهه ۽ نه سمجهڻ واري لا هڪ اونداهي رات جيان اوندهه آهي ، هي زندگي اسان کي هتي عشق محبتون ۽ غلط ڪمن لا نه ڏني وئي آهي ، هي  زندگي ته اسان کي الله تعالي جي طرفان هڪ نعمت آهي ، جيڪي هن زندگي کي سمجهي ويا اهي وليع ، درويش ، ۽ وڏا وڏا عالم بڻجي ويا ، جنهن هن زندگي کي مذاق سمڌو اهي روڊن تي ڌڪا ۽ ٿاٻا کائيندا ٿا وتن ۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,729
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    زندگي الله پاڪ جي نعمت آهي، انسان کي پنهنجي زندگي ۾ الله پاڪ ۽ رسول پاڪ جي دين، نماز، نيڪي ڪرڻ، غريب انسان جي مدد، محنت مزدوري، دين جي دعوت ۽ هر انسان جي ڏک سک ۾ شريڪ هجڻ گهرجي. (پهلوان عبدالغفور مينگل-گڏاپ ٽائون سونگل)
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ان موضوع تي سنڌ سلامت تي ڪافي بحث ٿي چڪو آهي ۽ هر ڪنهن زندگيء کي پنهنجي انداز سان سمجهيو آهي۔​
    استاد بخاري چوي ٿو :

    بخاري، زندگي محبوب آ، هڪ هڪ ادا هنجي،
    ڪڏهن سهڻي سُکي گذري، ڪڏهن ڏاڍي ڏکي گزري.
    [​IMG]
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. سهڻي پارس

    سهڻي پارس
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏16 ڊسمبر 2012
    تحريرون:
    192
    ورتل پسنديدگيون:
    758
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    صحافي
    ماڳ:
    حيدرآباد
    اسان جي ڪري ڪِنهن جي مُنهن تي مُرڪ اچي وڃي اِها آهي زندگي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    زندكي امتحان آهي، رزلت كارد قيامت واري دينهن سامهون ايندو، الله هن امتحان م سبهني كي كاميابي عطا فرمائي، آمين.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,018
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    محوِ تسبیح تو سب ہیں مَگر اِدراک کہاں ؟
    زِندگی خود ہی عبادت ہے مَگر ہوش نہیں

     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. جاويد حسين

    جاويد حسين
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    225
    ورتل پسنديدگيون:
    546
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    Manager I.T & Finance - Bawany Group Of Companies
    ماڳ:
    حيدرآباد
    اصل زندگي ته اها چئبي جيڪا ٻين جي ڪم اچي . جيڪا انسانيت جي ڀلائي لاءِ وقف ڪئي وڃي ۽ ڏکويل انسانيت جي خدمت ڪئي وڃي.

    الله هي الله کيا کرو دکه نه کسي کو دياکرو.
    جو دنيا کا مالڪ هي نام اسي کا ليا کرو.

    نمازون روزا پڻ چڱو ڪم.
    پراهو ٻيوفهم جنهن سان پسجي پرين کي.

    ڪوشش ڪريو جيڪڏهن توهان ڪنهن جي ڪم نه ٿا اچي سگهوته ڪنهن جي دل آزاري به نه ڪريو.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو