جائز ناجائز۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔محبتون

'مختلف موضوع' فورم ۾ سهڻي پارس طرفان آندل موضوعَ ‏30 جنوري 2013۔

  1. سهڻي پارس

    سهڻي پارس
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏16 ڊسمبر 2012
    تحريرون:
    192
    ورتل پسنديدگيون:
    758
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    صحافي
    ماڳ:
    حيدرآباد
    هڪ ڏينهن ڪجهه دوستن سان ڪچهري جو موقعو مليو۔اُنهن مان هِڪ جو چوڻ هو ته محبت صرف جسم سان هوندي آهي،هٻئي چيو ته محبت هڪٻئي کي سمجهڻ جو نالو آهي،ههِڪ ٻئي دوست چيو محبت ڊرامو آهي۔همان سڀن جي ڪچهري غور سان ٻڌي پي ۽ پنهنجي واري جو انتظار ڏاڍي شدت سان پئي ڪيم آخر ڪار منهنجي ڳالهائڻ جو وارو آيو ۽ مون پاڻ کي گهڻو ڏاهو نه ڄاڻائيندي چيو ته منهنجي خيال ۾ محبت روح تائين پهچڻ جو نالو آهي ۽ جڏهن اسان ڪِنهن جي روح تائين پهچي ٿا وڃون ته اُن ۾ سڀني دوستن جون ڳالهيون شامِل ٿي وڃن ٿيون۔جسم به ۽ هِڪٻئي کي سمجهڻ پڻ۔ پر جي اُها محبت روح سان آهي ته اُن ۾ ڊرامو هرگز نٿو ٿي سگهي۔ پر جي فقط جسم تائين پهچڻ لاءِ بناوٽي احساسن کي محبت جو ويس پارايو وڃي ته پوءِ ها اُهو ڊرامو آهي۔
    منهنجي اِن ڳالهه تي هِڪ دوست چيو : مان هِڪ ڇوڪريءَ سان انتها درجي جي محبت ٿو ڪيان ءِ اُن ڇوڪريءَ سان منهنجا گهرا تعلقات پڻ جڙي ويا آهن۔ پر مان اُن سان شادي نٿو ڪري سگهان ڇو ته منهنجا گهر وارا نه ٿا چاهين ۽ منهنجي مڱڻي منهنجي ماروٽ سان زبردستي ڪئي وئي آهي۔ پر مان وري به اُن ڇوڪريءَ سان محبت ٿو ڪيان۔ پر مان مجبور آهيان۔
    مون کيس ٻڌو ۽ ٻڌڻ کان پوءِ چيو ته ادا اِها تُنهنجي محبت ته نه چئبي، اڌ واٽ تي تنهنجي دِل ڪئين چيو ته پنهنجي محبت جو هٿُ ڇڏيان؟ منهنجي سوال تي هُن جواب ڏنو ته هاڻي مان ڪِنهن ٻئي جو گهروارو ٿيڻ وارو آهيان ۽ مان پنهنجي ٿيڻ واري زال سان دوکو نٿو ڪري سگهان۔
    مون کي ڪاوڙ ته گهڻي آئي پر تحمُل سان چيومانس: ادا تُنهنجي مڱيندي پوءِ آئي آهي، هوءَ ڇوڪري تُنهنجي زندگيءَ ۾ پهرين آئي آهي۔توهان ته ٻنهي سان دوکو پيا ڪيو ۽ جيڪي ماڻهو پُراڻن تعلقات سان وفا ناهن ڪندا اُنهن سان نوان تعلقات به نباه ناهن ڪندا۔
    آخر ۾ هُن هِڪ حيرت ۾ آڻيندڙ جملو چيو:هوءَ ڇوڪري منهنجي ٻار جي ماءُ ٿيڻ واري آهي هاڻي مان ڪئين هُن سان واسطو رکان؟ شادي به نٿو ڪري سگهانس، ٻار به ناجائز ٿيو، هاڻي ڇا ڪجي؟سمجه ۾ نٿو اچي۔
    مون کي ناجائز لفظ تي تمام گهڻي ڪاوڙ آئي جِنهن جو مون اظهار به ڪيو: ادا ٻار ڪڏهن ناجائز ناهن ٿيندا عورت ۽ مرد جا تعلقات جائز ۽ ناجائز ٿيندا آهن۔منهنجي اِن ڳاله تي ڪِنهن به ڪا راءِ نه ڏِني، نه وري ڪو سوال، نه ڪا وضاحت۔هِن قصي بيان ڪرڻ جو مقصد اِهو آهي ته محبتن کي پاڪ رکو تعلقاتن کي جائز بڻايو۔ روحن تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪيو، محبت جو مطلب سمجهڻ جي ڪوشش ڪيو۔محبت اُهو خوبصورت احساس آهي جِنهن ۾ ڪِنهن لوڀ ۽ لالچ جي ڪا جڳه ئي ناهي۔پرينءَ جي خاموشي سمجهڻ،مُرڪ سمجهڻ،لڙُڪ سمجهڻ،اداسي سمجهڻ احساس ڪرڻ اِها آهي محبت۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۽ جي اگر توهان کي اِها محبت نٿا ڏئي سگهوته گهٽ ۾ گهٽ پاڪ محبتُن کي ناجائز به نه بڻايو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔سهڻي پارس
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    ناجائز تعلقات سان ناجائز اولاد thيندي آهي.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    ناجائز تعلقات قائم كرن سان ناجائز اولاد تهيندي آهي، قرآن ء حديث م ان بابت كافي مواد موجود آهي، اسان كي ادب جي ميدان م اسلامي حدن كان باهر نه نكرن كهرجي، بلكه بنهنجي دين اسلام كان رهنمائي وتهن كهرجي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    محبت جي مفهوم جي خبر لهڻ جي سدائين ڪوشش ڪيم پر محبت جو مطلب هر ڪنهن پنهنجي انداز سان سمجهايو۔ اڃان به سولو سمجهڻ لاء محبت جي ميدان ۾ گهري پيس سمجهي نه سگهيس. سڀ ڪجهه ڄاڻندي به ايتري سڌ نه اٿم ته محبت ڪيئن ٿيندي آهي اي ڪاش ڪوئي سمجهائي سگهي هاته محبت ڇا آهي ۽ ڇو ٿيندي آهي ۽ جڏهن ڪنهن سان ٿيندي آهي ته ملندي ڇو نه آهي ۽ جڏهن ناهي ملندي تڏهن تڙپائيندي ڇو آهي..!؟​
    محبت ته احساس آهي، سچو پاڪ ۽ پوتر ... الائي ڇو ماڻهو محبت کي جنسي سرگرمين ۾ تلاش ڪندا آهن. محبت ته ماء کي پنهنجي ٻرا سان، پٽ کي پنهنجي امڙ سان ۽ انسان کي پنهنجي خالق سان به ٿيندي آهي.​
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,018
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    محبت هڪ اهڙو پاڪ جذبو آهي جنهن ۾ جائز ۽ نا جائز لفءن جي ڪابه گنجائش نه آهي ڇو ته محبت جسمن جي يا ميلاپ جي محتاج نه هوندي آهي هي ته روح جا رشتا هوندا آهين جن جي اڳيان فاصلا ۽ ميلاپ ڪا به معني ناهين رکندا ۔۔۔۔ خير مان ته اهو به ڏٺو آهي ته اسان ڪنهن ڪنهن مهل اهڙي شخص کي به چاهڻ لڳندا آهيون جنهن کي ڪڏنهن نه ڏٺو هوندو آهي ۽ نه ئي ان سان ملاقات هوندي آهي۔ ڇو ته محبت ملاقات جي محتاج ناهي ۽ نه ئي ميلاپ جي محتاج آهي ۔۔۔۔۔۔۔ خير ڪڏنهن ڪڏنهن اسان پهنجي ذاتي ۽ جسماني خواهشن کي محبت جو نالي ڏئي ويندا آهيون اهو محبت جو قصور نه پر اسان جو قصور هوندو آهي ۔۔ محبت ته هڪ پاڪ رشتو آهي جنهن ۾ ڪا به غرض ، لالچ ۽ خود پرستي نه هوندي آهي ۔۔۔۔۔ خير رب پاڪ شال اسان کي توفيق ڏي ته پهنجي مخلصن ۽ محبت ڪرڻ وارن ي سڃاڻي سگهون ۽ انهن کي ڪڏنهن وڃائي نه ويهون ۔۔۔۔۔۔
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    محبت احساس آهي زندگي جو، خوشي جو، وفا جو.....محبت آهي ته دُنيا آهي....نفرت ته موت جي علامت آهي.....محبت سان انسان هن دنيا کي جنت ڪري سگھي ٿو...نفس کي خوش ڪرڻ وارا محبت کي استعمال ڪندا آهن... مهنجي نظر ۾ اُهي محبت جا، آلله پاڪ جا ۽ هن دُنيا جا وڏا گھُنهگار آهن...
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. پارس ميمن

    پارس ميمن
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏15 ڊسمبر 2012
    تحريرون:
    23
    ورتل پسنديدگيون:
    86
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    103
    ماڳ:
    ڪوٽ عالم تعلقو سجاول ٽٽو ، ڪاروليز اوريگان اسٽيٽ
    اها محبت نـ آهي. اهو هڪ ظلم آهي . ڪنهن سان دل لڳائي ان سان اهو ڪجه ڪرڻ جيڪو انساني ، اخلاقي ، شرعي۽ قانوني جرم ۽ غير مهذب حرڪت آهي.
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. سهڻي پارس

    سهڻي پارس
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏16 ڊسمبر 2012
    تحريرون:
    192
    ورتل پسنديدگيون:
    758
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    صحافي
    ماڳ:
    حيدرآباد
    ابا! ٻار معصوم گُل آهي اُن کي ناهي خبر ته هو ڪهڙي مِٽيءَ مان ڦُٽي نِڪرندوصاف شفاف پڌَرَ جي مِٽي يا گَٽر جي سالن کان گڏ ٿيل ڍُونڍ ٿيندڙ مِٽيءَ مان۔اِهوطئع ڪرڻ وارومرد ۽ عورت جي وِچ وارو تعلقُ آهي۔ ٻار ڪڏهن به ناجائز نه هوندو آهي ۔عورت ۽ مرد جي وِچ جو تعلق جائز ناجائز هوندو آهي۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. سهڻي پارس

    سهڻي پارس
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏16 ڊسمبر 2012
    تحريرون:
    192
    ورتل پسنديدگيون:
    758
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    صحافي
    ماڳ:
    حيدرآباد
     
  10. سهڻي پارس

    سهڻي پارس
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏16 ڊسمبر 2012
    تحريرون:
    192
    ورتل پسنديدگيون:
    758
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    صحافي
    ماڳ:
    حيدرآباد
    ابا! ٻار معصوم گُل آهي اُن کي ناهي خبر ته هو ڪهڙي مِٽيءَ مان ڦُٽي نِڪرندوصاف شفاف پڌَرَ جي مِٽي يا گَٽر جي سالن کان گڏ ٿيل ڍُونڍ ٿيندڙ مِٽيءَ مان۔اِهوطئع ڪرڻ وارومرد ۽ عورت جي وِچ وارو تعلقُ آهي۔ ٻار ڪڏهن به ناجائز نه هوندو آهي ۔عورت ۽ مرد جي وِچ جو تعلق جائز ناجائز هوندو آهي۔
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    ا
    امان! قرآن ء حديث م ونجي تلاش كريو اوهان كي جواب ملي ويندو.
    امان! هن وقت آء موبائل تان لكان بيو ان كري اكر صحيح نظر به نه ايندا، ان شاء الله جلد كمبيوتر تي ويهي اوهان كي دين اسلام جي روشني م ان تي تفصيل سان وضاحت كبي.
    امان! بهرين بنهنجي دين جو به مطالعو كر بوء اجي هت دسكس كري.
    امان! كنهن به مسئلي تي صرف هك زاويي سان دسن نا انصافي تهيندي، بهتر آهي ته هر كم جو سبهني زاوين كان ابهياس كجي.
    امان تكليف تهي هجئي ته دل م نه ركجان، بلكه هت شيئر ضرور كجان.
    سندهي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,776
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    اُهي موضوع جن تي ايدڙ رايا انهي جي رُخ کي ڪنهن ٻي پاسي موڙي وڃن ته انهي ۾ جواب ڏيڻ الاهي ڏکيو هوندو آهي۔ ادي پارس جو مقصد (جيڪو مون سمجهيو) اهو اِهو هو ته جنسي خواهشن جي ور چڙهيل رشتن کي محبت جو نالو ڏيڻ غلط آهي ۽ انهي جي نتيجي ۾ وجود وٺندڙ معصوم گُلن جهڙا ٻار ڪنهن به جائز ناجائز لقب ڏيڻ وارن جي ستم جو شڪار هُجن ٿا۔ پر جيئن ته هتي بحث مُحبت جي قِسمن طرف هليو ويو سو پهرين راءِ انهي تي ڏِبي۔
    منهنجي نظر ۾ محبت رڳو ٻن شخص يا جسمن وچ ۾ ناهي هوندي۔ پر محبت جا کوڙ سارا رنگ آهن۔ جيڪو مٿي بيان ڪيو ويو انهي ۾ هڪ سخص جي محبت نه ته ٻي جي شخصيت سان آهي نه ڪو جسم سان۔ پر هُن کي محبت آهي پنهنجي جنسي خواهشن جي تڪميل سان۔ جيڪا هو هر حال ۾ چاهي ٿو۔ انهي جي عيوض هو ٻي جي زندگي ۽ پنهنجي ضمير جي سؤدي لاءِ تيار آهي۔
    باقي اهو ته مون پاڻ هزار دفعا ٻُڌو آهي ته ما جي پيٽ مان ڄاول ٻار جو ڪو به مذهب ناهي هوندو۔ هو پاڻ هر شئي ڏسي (جنهن ۾ والدين جو به ڪردار هجي ٿو) عادتن سان گڏ مذهب به اختيار ڪري ٿو۔ ٻين جي ته خبر ناهي به مذهب اسلام ۾ کوڙ سارين ڄڳهن تي (جيئن حج ڪري آيل) لاءِ نيئن ڄاول ٻار سان تشبيهه به ٻڌائي ٿي ته ٻار جائز ناجائز يا ڪنهن مذهب جو ناهي هوندو۔ هو پاڪ پوتر هوندو آهي۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جنهن سان محبت آهي ۔۔۔ ان سان نڪاح ڪريو۔۔ بلڪه نڪاح کان پوءِ محبت هجي ته محبت جو اصل لطف اهو ئي آهي۔۔۔
    بي مقصد رستن تي هلڻ جو ڪهڙو فائدو۔۔۔ جنهن جو انت غم هجن ۽ تنهائي هجي۔۔۔
    مون ڏٺو آ ته هاڻي ٻار به محبت محبت ڪرڻ لڳا آهن۔۔۔ جن جي عمر ايتري ته ننڍي ٿيندي آ جو هو ٺيڪ طرح سان دنيا کي به سمجهي نه سگهيا آهن۔۔ پر ٽي وي ڊرامن ان حد تائين انهن جا ذهن خراب ڪري ڇڏيا آهن۔۔۔
    وري ڊرامن ۾ به اهي ئي طريقا ٻڌايا ويندا آهن ته محبت جي ڪري ڪيئن ڇوڪري گهر مان ڀڄي نڪتي۔۔۔ يا وري محبت ۾ ته سڀ ڪجهه جائز آهي۔۔
    ڪجهه ڪچي ذهن وارا ته جائز ۽ ناجائز کي الجهنون سمجهندي ان تي بغير سوچي عمل به ڪري ويهندا آهن۔۔ جنهن کان پوءِ اهڙي ڌٻڻ ۾ ڦاسندا آهن جو ان مان ٻاهر نڪرڻ سندن وس ۾ ئي نه رهندو آهي۔۔
    اسان جو معاشرو ان ڪري ئي ته شديد زوال جو شڪار ٿي رهيو آهي۔۔۔
    اها ڪهڙي محبت آهي جيڪا گهر مان ڀڄڻ جو رستو ڏيکاري يا وري غير اخلاقي ، غير شرعي غير معاشرتي ۽ غير قانوني رستو ڏيکاري۔۔۔
    ڇا اڄ جي محبت اها آهي ته جن محبتن سان، چاهتن سان پالي پوسي وڏوڪيو پنهنجي مطلبي محبت خاطر انهن جي عزت ۽ غيرت جو ئي خيال ذهن ۾ نه اچي۔۔۔
    ان ڪري مان محبت جي کوڙ سارن مختلف رنگن کي ته مڃان ئي ڪونه۔۔۔ منهنجي ويجهو محبت ۽ پيار جو بس هڪ ئي رنگ آهي۔۔۔
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  14. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,018
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    ادا رشيد اهو مواد پڙهيل ٿو لڳي مون کي ڪٿي اوهان مهنجي فيس بڪ جي وال تان به نه ڱنيو آهي؟ بس اردو مان سنڌ ي ۾ ترجمو به ڪرڻ جا ماهر آهيو بحر حال سٺو خيال آهي مهنجو جنهن جو اوهان سنڌي ترجمو ڪيو ان لاء مان اوهان جو ٿورائتو آهيان
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  15. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    its ok ada...۔۔خيال ڪنهن جا به هجن۔۔۔آهن زبردست۔۔۔۔۔۔:)
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  16. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    محبتن چاهتن رشتن ۽ جذبن جو جڏهن جڏهن ۽ جٿي جٿي به ذڪر ٿيو آهي يا ٿيندو آهي ته مونکي بس هڪ ئي پيار نظر ايندو آهي سو آهي منهنجي والدين جو پيار خاص ڪري منهنجي امڙ جيجل جو پيار، جنهن جي پيار اڳيان دنيا جا فرضي پيار انهن تارن وانگر آهي جيڪي ڏينهن جو هوندي به سج جي روشني جي ڪري ڍڪجي ويندا آهن۔
    پيار چئبو به انهي کي آهي باقي اڄڪلهه جي دور ۾ جيڪي اسين نوجوان نسل پيار ڪري رهيا آهيون اصل ۾ اهو پيار نه پر ڪنهن جي جذبن ۽ احساسن سان کيڏڻ آهي، حوس، حرص ۽ خواهشن جي پورائي ڪرڻ لاءِ معصوم دلين سان پيار وارو ڊرامو رچايو ويندو آهي۔


    بس ايئن سمجهو اڄڪلهه پيار رهيو ئي ناهين بس مطلب ئي رهيو آهي۔
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  17. عبدالعزيز سمون

    عبدالعزيز سمون
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 جنوري 2012
    تحريرون:
    348
    ورتل پسنديدگيون:
    613
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    243

    ادا رشيد بلڪل صحيح ٿا چئو ، ميڊيا جو

    سائين بلڪل صحيح ٿا چئو اڄ ڪله جي ميڊايا خانو خراب ڪري ڇڏيو آهي ، مون ڪجه ڏينهن اڳ پڙهيو ته هڪ شخص هڪ عورت جي ڪري پنهنجي سڄي خاندان کي قتل ڪري ڇڏيو ،
    مونکي اها ڳاله سمجه ۾ ڪانه ٿي اچي ماڻهو ان کي محبت جو نالو ڪيئن ٿا ڏين، محبت جنسي ميلاپ جي محتاج ناهي هوندي ، محبت ته اها جيڪا قيص مان مجنون ڪري ڇڏي ۽ جڏهن مجنون کي ڌڪ لڳن ته درد وري ليلا کي ٿئي ، مان سمجهان ٿو اگر ڪو محبوب سان گڏ ويهي ٿو ته ان جي دل ۾ ئي جائز ۽ ناجائز جي ڳاله ناهي هوندي ۽ نه هو وري ان جي باري ۾ غلط سوچي ٿو ، محبت ته پاڪ هوندي آهي ، ۽ محبت ۾ مذهب جي پابندي ناهي هوندي ، محبت مسلم سان ٿي سگهي ٿي ته نان مسلم سان به۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  18. سهڻي پارس

    سهڻي پارس
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏16 ڊسمبر 2012
    تحريرون:
    192
    ورتل پسنديدگيون:
    758
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    صحافي
    ماڳ:
    حيدرآباد
    ابا !بِلڪُل ٺيڪ ٿا چئو
     
  19. سهڻي پارس

    سهڻي پارس
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏16 ڊسمبر 2012
    تحريرون:
    192
    ورتل پسنديدگيون:
    758
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    صحافي
    ماڳ:
    حيدرآباد
    ابا !حفيظ منهنجي لِکڻي جو مقصد بِلڪُل ٺيڪ سمجهيو توهان
     
  20. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,776
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو