ااڄ شتياق انصاري جي سالگرهه آهي 1926 اٽيچمينٽ ڏسو سنڌ جي معتبر محقق، ڏاهي ۽ اديب اشتياق انصاري جو جنم 30 جنوري 1952ع تي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو 1927 اٽيچمينٽ ڏسو اچو ته اڄ اسان سائين اشتياق انصاري کي محبت ۽ موهه جي مايا سان وش ڪيون 1928 اٽيچمينٽ ڏسو اشتياق انصاري جو پروفائل 1924 اٽيچمينٽ ڏسو 1922 اٽيچمينٽ ڏسو اشتياق انصاري سنڌي ٻوليءَ جي نامياري اديب انيس انصاريءَ جو فرزند آهي. سندس مڪمل نالو اشتياق احمد انصاري ۽ قلمي نالو اشتياق انصاري آهي. سندس جنم 30 جنوري 1952ع تي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو ۽ مستقل رهائش ”لاهوري محلي“ لاڙڪاڻي ۾ اٿس. شروعاتي تعليم قمبر مان ۽ لاڙڪاڻي مان حاصل ڪيائين، بعد ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان گريجوئيشن سان گڏ مهراڻ يونيورسٽيءَ مان سول انجنيئر جي ڊگري حاصل ڪئي. شاگرديءَ واري زماني ۾ ڪرڪيٽ ۽ ٻين راندين سان دلچسپي هئس. سٺو ائٿليٽ به رهيو ۽ شاگرد سياست ۾ به بهرو ورتائين ۽ ڪجهه عرصو جيل ۾ به رهيو. سير سفر ۽ تحقيق سندس مشغلو رهيو. مهم جوئيءَ واري سلسلي ۾ هن ساٿين سان گڏجي 1989ع ۾ ٻيڙين ذريعي درياهه ڪابل کان مهم شروع ڪئي، جيڪا سنڌي سمنڊ ۾ پورٽ قاسم وٽ ختم ڪئي وئي. انڊس ڊيلٽا بابت مهمن دوران ديبل بندر جي ڳولا به ڪيائين ۽ ان کان سواءِ اڇڙي ٿر، لاهوت ۽ کيرٿر جا تحقيقي سفر ڪيائين. هن سفرناما ۽ ڪهاڻيون به لکيون آهن. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ”سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا“ (تحقيق) ۽ ”خيما کاهوڙين“ (سفرنامو)، اينٿراپالاجيڪل ناول ”اوڏ مٽيءَ جا ڪوڏ“، ”ووڙيم سڀ وٿاڻ“ (سفرنامو)، ”انيس انصاري فن ۽ شخصيت“،”ڌرتي ماتا“ (تحقيق)،”جتي ماڻڪ ماڳ“ (تحقيقي مضمون) ڇپيل آهن ۽ ”دکم“ (ڪهاڻيون) اڻ ڇپيل ڪتاب آهي. کيس سنڌي ادبي سنگت ۽ سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا طرفان ايوارڊ پڻ مليا آهن. اشتياق جي شادي سنڌي ٻولي جي خوبصورت شاعرا ۽ ڪهاڻيڪارا شبنم گل سان ٿيل آهي..اشتياق واپڊا ۾ آفيسر آهي.اخلاق انصاري، اسحاق انصاري به سنڌي جا وڏا ڪهاڻيڪار، ناول نگار ۽ نقاد آهن جيڪي اشتياق انصاري جا ڀائر آهن، اشتياق جي ڀيڻ فهيم انصاري سٺي سرجنهار آهي.اشتياق انصاري جا ڪتاب 1921 اٽيچمينٽ ڏسو 1923 اٽيچمينٽ ڏسو 1925 اٽيچمينٽ ڏسو
انصاري فيملي جو سنڌي ادب ۾ سٺو مقام آهي۔ هو علمي ۽ ادبي گهراڻي طور مشهور آهن۔ انيس انصاري کانپوء سندس فرزند اشتياق انصاري، اسحاق انصاري ۽ اخلاق انصاري سنڌي ادب کي خوبصورت ڪتاب ارپيا آهن۔ اشتياق انصاري کي سندس جنم ڏينهن تي سنڌ سلامت پاران سلام پيش ڪجي ٿو۔
الله تعالى كين خوش ركي، سائين نور احمد ميمن سندهيكا باران رليز كجه كتاب انصاري صاحب جن جا منهنجي ذاتي لائبريري جي زينت آهن.