• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اسان تماشبين آهيون

مصور عالم

سينيئر رڪن
‎"اسان تماشبين آهيون"

نثري نظم

اسان تماشبين آهيون
اسان کي ڏسڻو آهي
هر نه ڏسي سگهندڙ منظر

اسان کي ڏسڻو آهي
سياڻا ماڻهو ملي
ڪنهن چرئي ماڻهو کي ڪيئن
زندهه ساڙي ڇڏيندا آهن

اسان کي ڏسڻو آهي
هر اغوا ٿي ويل ماڻهو جو
گهر پهتل
چچريل لاش
جنهن جو آخري ديدار
ديدار جي قابل ناهي هوندو

اسان کي ڏسڻو آهي
عورت جو ريپ ٿيل جسم ۽ روح

اسان کي ڏسڻو آهي
معصوم ٻارن جي گلابي ڳٽن کي
گوليون رت سان ڳاڙهو
ڪيئن ڪنديون آهن

اسان کي ڏسڻو آهي
هر گهمندڙ ڦرندڙ
ماڻهو جي چهري تي
بي يقيني ۽ اجنبيت جو خوف

اسان کي ڏسڻو آهي
بهادر ڪردارن جو
ازيتناڪ انت

اسان کي ڏسڻو آهي
پنهنجي ڪيل هر جستجو جو
اُڏايل مذاق

اسان کي بار بار بربادين جو
آئينو ڏسڻ جي عادت پئجي وئي آ
خنجر جان چڀندڙ واقعا
اڃا اکين کي الائي ڪيترو گهائل ڪندا
اکين مان لڙڪ کپي ويا
خوابن اچڻ ڇڏي ڏنو
پوٕ به پٿرائجي ويل اکيون
انڌن وانگر سڀڪجه ڏسي رهيون آهن
اسان بي وس
بي حس
منتشر تماشبين جو آهيون۔
 
ماڻهون سڀ نه سهڻا ۔۔۔ انسان ئي انسان جو مسيحا ۔۔۔ انسان ئي انسان جو قاتل ۔۔۔ سڀ رنگ هن انساني سماج جا۔ ڪي ڪوجها ڪي سهڻا ۔۔۔ پر پو به سڀ رنگ آهن ۔۔۔
ڪي شيطان جا ساٿي ته ڪي رحمان جا ۔۔۔

شيطاني عملن جو لفظن ۾ اظهار ۔۔۔
 
‎"اسان تماشبين آهيون"

نثري نظم

اسان تماشبين آهيون
اسان کي ڏسڻو آهي
هر نه ڏسي سگهندڙ منظر

اسان کي ڏسڻو آهي
سياڻا ماڻهو ملي
ڪنهن چرئي ماڻهو کي ڪيئن
زندهه ساڙي ڇڏيندا آهن

اسان کي ڏسڻو آهي
هر اغوا ٿي ويل ماڻهو جو
گهر پهتل
چچريل لاش
جنهن جو آخري ديدار
ديدار جي قابل ناهي هوندو

اسان کي ڏسڻو آهي
عورت جو ريپ ٿيل جسم ۽ روح

اسان کي ڏسڻو آهي
معصوم ٻارن جي گلابي ڳٽن کي
گوليون رت سان ڳاڙهو
ڪيئن ڪنديون آهن

اسان کي ڏسڻو آهي
هر گهمندڙ ڦرندڙ
ماڻهو جي چهري تي
بي يقيني ۽ اجنبيت جو خوف

اسان کي ڏسڻو آهي
بهادر ڪردارن جو
ازيتناڪ انت

اسان کي ڏسڻو آهي
پنهنجي ڪيل هر جستجو جو
اُڏايل مذاق

اسان کي بار بار بربادين جو
آئينو ڏسڻ جي عادت پئجي وئي آ
خنجر جان چڀندڙ واقعا
اڃا اکين کي الائي ڪيترو گهائل ڪندا
اکين مان لڙڪ کپي ويا
خوابن اچڻ ڇڏي ڏنو
پوٕ به پٿرائجي ويل اکيون
انڌن وانگر سڀڪجه ڏسي رهيون آهن
اسان بي وس
بي حس
منتشر تماشبين جو آهيون۔
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
 
Back
Top